شاهه جو رسالو

Saturday, 5 December 2015

شاهه جي سُر مارئي جو جائزو ـــ ڊاڪٽر علي اڪبر اسير قريشي (DR. Ali Akber Aseer Qureshi)



ڊاڪٽر علي اڪبر اسير قريشي

شاهه جي سُر مارئي جو جائزو

 

قسمت قيد ڪياس، نه ته ڪير اچي هن ڪوٽ ۾،
”ونحن اقرب اليه من حبل الوريد“ وطن آئون ويندياس،
مارُن کي ملندياس، ڪوٺيون ڇڏي ڪڏهين.
سنڌ نه رڳو پنهنجي قدامت ۽ بيهڪ کان مشهور آهي، پر سندس ڪنڊ ڪنڊ شاعرن، عالمن، اديبن، بزرگن، درويشن ۽ صوفين سان مختلف وقتن تي سدائين سرشار پئي رهي آهي، اهڙو سلسلو اڻ کٽ ۽ جڳن کان هلندو پيو اچي، جيڪو سدائين جاري رهندو.
اهڙا سنڌ جا سپوت ۽ سپورنج نه رڳو پنهنجي علم ۽ عمل، ڏاهپ ۽ سياڻپ سبب نمايان حيثيت جا مالڪ آهن، پر سندن شيوو رهيو آهي ته انسان جھڙي اشرف المخلوقات جي اندر ۾ اعلى اخلاق ۽ گڻ پيدا ڪرڻ، جنهن سان انسانيت ۽ اشرف المخلوقات جو مليل لقب برقرار رهي سگھي. اهڙن اعلى ڪردارن ۽ اعلى اخلاق پيدا ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ اڄ تائين جن به اهم شخصيتن جنم ورتو آهي، تن ۾ شاعرن جي سرتاج، ڀلاري ڀٽ ڌڻي، ڀٽائي گھوٽ، لاکيڻي لال ۽ سدا حيات شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو نالو سرفهرست آهي. ڀٽائي گھوٽ سان اسان جي والهانه عقيدت ۽ محبت آهي، اسان وٽ سندس ڪلام موجود آهي، جنهن جي وسيلي سنڌ ۽ سنڌين جو هر دور ۾ مان مٿاهون پئي رهيو آهي. اڄ تائين جيڪو ڀٽائي گھوٽ کي مقام حاصل ٿيو آهي، سو مقام ڪنهن به ٻئي شاعر کي نه مليو آهي، سندس ڪلام ئي آهي، جنهن سبب اسان کي فخر و ناز آهي ۽ رهندو.
ڀٽ جي گھوٽ پنهنجي ڪلام وسيلي انسان جي اندر انسانيت جا اعلى گڻ ۽ اعلى اخلاق، حسن ۽ حق، عشق ۽ آشتي جي بهترين خوبين کي اعلى نموني اجاگر ڪيو آهي، جنهن جوڳ ڪو مثال ملڻ مشڪل آهي، ان کان علاوه عشق ــ الاهي، عشقِ رسول، انسان دوستي ۽ حب الوطنيءَ جا انيڪ جذبا جاڳائي ويو آهي، پر سندس ڪلام پاڪ خيالن، جوش ۽ جذبن ۽ عشق جي امنگن جي صحيح صحيح ترجماني ۽ رهنمائي ڪري رهيو آهي ۽ ڪندو رهندو. سندس ڪلام ۾ پنهنجو پنهنجو مزو ۽ ميٺاج، خوبي، لذت، رنگ ۽ تاثير وغيره آهي، هر ڪو پنهنجي خيالن آهر سندس ڪلام مان مزو ماڻيندو رهي ٿو.

سچل ۽ سامي، بيدل ۽ بيڪس، تارڪ الدنيا علامه تارڪ ۽ نانڪ يوسف ۽ حمل وغيره جا نالا هر ڪنهن ٻڌا ته هوندا، پر شاهه سائين جھڙو هردلعزيز، ڪامل، ولي، بزرگ، شعروسخن جو تاجدار ۽ شاعرن جو سرتاج ڪٿي به ڳوليو نه لڀندو. شاهه سائينءَ سان سنڌ ته ڇا، پر ولايت وارا ماڻهو به والهانه عقيدت ۽ بي انداز محبت رکن ٿا. ڇاڪاڻ ته شاهه لطيف محبت ۽ عشق جي ميدان ۾ هر ڪنهن کان گوءِ کڻي گھڻو اڳتي وڌي ويو آهي. اهڙو ماڻهو مشڪل سان ملندو، جنهن کي شاهه سائين ۽ سندس ڪلام سان انس و پيار نه هجي، شاهه لطف جي ڪلام جي سرهاڻ ۽ سڳنڌ سنڌ ته ڇا، پر ولايت به واسي ڇڏي آهي. جنهن ڪري لاکيڻي لطيف جي بيتن، ۽ واين جي هر هڪ سٽ خاص و عام جي زبان تي گونجي رهي آهي. شاهه سائين ئي آهي، جنهن کي سرتاج الشعراءَ جو لقب ۽ حيثيت مليل آهي. شاهه جي ڪلام کي جيئن جيئن پيو پڙهبو، تيئن تيئن ان مان نئين قسم جو مواد پيو مهيا ٿيندو. اهڙي طرح روح کي راحت ۽ دل کي آٿت ۽ قرار ايندو، اڪيلائي هجي يا محفل، مگر شاهه لطيف جو ڪلام جتي ڪٿي جھر جھنگ ۾ آلاپي، جھونگاري ۽ پڙهي سگھجي ٿو، ان کي پهاڪن ۽ چوڻين وغيره طور اڄ به هر هنڌ ۽ هر محفل ۾ استعمال ڪجي ٿو. جيترا ڀٽائي جي ڪلام ۾ پهاڪا، چوڻيون، تشبيهون وغيره ملنديون، اوترو ڪنهن ٻئي شاعر جي ڪلام ۾ اهي خوبيون گھٽ نظر اينديون. سندس ڪلام اهڙين خوبين ۽ خاصيتن جي اڻکٽ کاڻ آهي.
شاهه صاحب جي ٽيهن سُرن مان سُر مارئي کي هڪ اهم سر جي حيثيت ۽ اهميت حاصل آهي. لطيف مارئي جي ڪردار کي اعلى ۽ عظيم درجي تي پهچائي ڪمال ڪري ڏيکاريو آهي، جنهن ۾ حب الوطنيءَ جون مڙيئي خوبيون ۽ خاصيتون، امنگ ۽ جذبا، سڪ ۽ اُڪير وغيره اڄ به موجود آهن. شاهه جو شعر مڙني شاعرن جي ڪلام کان اڄ به سرس ۽ سوايو، پاڪ ۽ پوتر آهي، جنهن جي هر سٽ وري وري پڙهڻ سان نئون لطف ۽ سرور، روح کي راحت ۽ دل کي سڪون ۽ قرار بخشي ٿي. شاهه جو ڪلام پڙهڻ، پرجھڻ ۽ پرکڻ سان اسان ۾ نئين سوچ ۽ نئين تبديليءَ جي هڪ اهڙي ڪيفيت پيدا ڪريو ڇڏي، جنهن جو مثال ئي ڏيئي نه ٿو سگھجي. جيترو شاهه جي ڪلام مان رس ۽ چس، ميٺاج ۽ مزو ايندو، اوترو ڪنهن ٻئي شاعر جي ڪلام مان چاهه ۽ چس نه ملندو، جنهن سبب شاهه سائين کي شاعرن جو سرتاج ۽ اڳواڻ سڏيندي فخر محسوس ڪريون ٿا. اهڙو اعلى درجو دنيا ۾ ڪنهن به شاعر کي نصيب نه ٿيو آهي.
لاکيڻي لطيف هن سُر ۾ حوصلو ۽ همت، بهادري ۽ جرئت وغيره جا اڻکٽ مثال هر خاص و عام تائين اهڙي ته نموني پهچايا آهن، جيڪي اسان جي زندگيءَ جو اهم جزو ۽ حصو بنجي پيا آهن، ڏسو مارئي ويچاريءَ کي، جنهن عورت ٿي ڪري ڪهڙو نه اعلى ڪردار ادا ڪيو آهي، جنهن همت ۽ حوصلي، بهادري ۽ بيباڪيءَ کان ڪم وٺي، عمر بادشاهه کي هت ڪري بيهاريو آهي. هن جا نيڪ خيال، نيڪ اراده ۽ اعلى عزم ڏسي هر ننڍي خواه وڏي مرد توڙي عورت کي فخر آهي ۽ رهندو. مارئي ويچاريءَ عمر جون ڪيتريون ئي اذيتون ۽ تڪليفون سٺيون، پنهنجي ست، عزت ۽ عصمت کي، کيت جي امانت سمجھي عمر جي ناپاڪ ارادن، هوڏ ۽ هستيءَ کان محفوظ رکيائين، جنهن ڪري اڄ تائين اسان مارئيءَ جي دليري ۽ بيباڪيءَ کي ڳائيندا ۽ مثال طور ڪم آڻيندا رهون ٿا. مارئي ويچاري جھنگ جي جھانگين ۽ رڻ پٽ جي رهواسين مان هئي، جنهن سبب هن محلن ۽ ماڙين جي عيش عشرت کان وڌ ۾ وڌ پنهنجي ماروئڙن جي ملڪ جي مڙني شين کي هر وقت مٿانهون ۽ ممتاز پئي سمجھيو، مارئيءَ ۾ اهي اعلى نيڪ نيتون، خوبيون ۽ خصلتون موجود هيون، جن جي ڪري عمر جون پرفريب آڇون، محل ۽ ماڙيون، اطلس ۽ بخمل، پلنگ ۽ پينگھا، گلم ۽ غاليچا وغيره سڀ جو سڀ ٺڪرائي ۽ مٽيءَ ۾ ملائي، پنهنجي بهادري ۽ بيباڪيءَ جو اعلى ۾ اعلى ثبوت پيش ڪيو آهي.
عمر بادشاهه جڏهن ناپاڪ ارادن سان ويجھو وڃي ٿو ته کيس مارئي ويچاري پنهنجي حوصلي ۽ همت، بهادري ۽ بيباڪيءَ سان منهن ٽوڙ جواب ڏيئي هنن لفظن جو سهارو وٺي ننديندي چوي ٿي، جنهن کي ڀٽائي گھوٽ هن طرح اظهار ڪيو آهي:
جي لوڻ لڱين لائين، چيري چيري چم،
مون ڪر اڳي نه ڪيو، ڪوجھو اهڙو ڪم،
جان جان دعوى دم، تان تان پرت پنهوار سين.
هن پر اثر، وار ڪانڊاريندڙ ۽ ڏيل ڏاريندڙ قصي جو هڪ پهلو هي به آهي ته مارئي مارن ۽ کيت سان بيشمار محبت ۽ اٿاهه حب ۽ اڪير جي باوجود به سندن لاپرواهي ۽ لاغرضي وغيره جي شڪايت هنن لفظن ۾ پئي ڪئي آهي:
لنگڙياري لوءِ ۾، جنهين لئي ٿياس،
تنهين تان تر جيترو، پلڪ آئون نه پڇياس،
جھروڪن جھوريو هنيون، ڪوٺين آئون ڪٺياس،
مارن مونجھه مياس، نه ته ماڙين ماريس ڪينڪي.
مونجھه جي ماريل مارئي، مارن جي محبت ۽ سڪ ساهه سان سانڍيو پئي اچي ۽ عمر جي دڙن دلاسن ۽ ڏاڍ جو ڪو به اونو ڪونه ٿي رکي، کيس سدائين ويڙهيچن جا وٿاڻ، مارن جا ماڳ ۽ مڪان، وطن ۽ وطن جا ڏٿ ۽* ڏونرا، لنب ۽ لاڻيون وغيره هر وقت هنيئين، دل ۽ زبان تي آهن، مگر ويچاريءَ جو قالب ڪوٽ ۾ قيد آهي. سندس دل (قلب) ۾ مارو ئي مارو آهن، جيڪي ڪڏهن به کيس وسرڻ جھڙا نه آهن. بقول ڀٽائيءَ جي:
چرن چڻڪن چت ۾، هرن منجھه هنئين،
لطف ٿيو ”لطيف“ چئي، مهي ڪئي ميئين،
ڏکيءَ کي ڏئين، واڌايون وصال جون.
سنهي سئي سبيو، مون ماروءَ سين ساهه،
ويٺي ساريان سومرا گولاڙا ۽ گاهه،
هنئيون منهنجو هُت ٿيو، هِت مٽي ۽ ماهه،
پکن منجھه پساهه، قالب آهي ڪوٽ ۾.
جڏهن موت تي اک ڦيرائي ٿي ته کيس مارن جي ياد ستائي جھوري وجھي ٿي، جنهن ڪري عمر کي آزيون نيازيون ٿي ڪري ۽ ليلائي عرض ڪري ٿي ته آئون هت ڪوٽن ۾ قابو آهيان، عمر اهي تنهنجا طعام مارن جي رٻ کان بنهه گھٽ ۽ بي مزي آهن.
اهي تنهنجا قيمتي طعام کڏ ۾ پوري ڇڏ، اهڙيون آڇون ڪنهن ٻئي کي آڇ، اسان غريبن ۽ مسڪين ماڻهن کي اهڙا کاڌا ڪڏهن به پسند ڪونه آهن، تنهنجي هر خواهش کان مون کي نفرت آهي ۽ ماروئڙن جي محبت، پنهوارن جي پريت جي سارهه کي پنهنجو عين فرض سمجھان ٿي، بيوس ۽ لاچار، مصيبتن جي ماريل عورت پنهنجو نه رڳو پنهنجو مانَ مٿانهون ڪري، وطن سان پيار ۽ اباڻن جي لوئيءَ جي لڄ بچائي رکي آهي، اهڙو اعلى مثال دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ ملڻ مشڪل آهي. سندس وطن سان پيار ته ڏسو، جو ڪوٽن ۾ قيد ٿي ڪري به وطن کي نه وساريو آهي ۽ مرڻ کان پوءِ به وطن پهچڻ تي جيئڻ جو آسرو انتها درجي جو رکيون ٿي اچي، جنهن جي عڪاسي لاکيڻي لطيف هنن لفظن ۾ ڪئي آهي:
واجھائي وطن کي، آئون جي هت مياس،
ته گور منهنجي سومرا، ڪج پنهوارن پاس،
ڏج ڏاڏاڻي ڏيهه جي، منجھان واڙين واس،
ميائي جياس، جي وڃي مڙهه ملير ڏي.
عمر مارئي جو داستان هڪ اهڙو رواجي قصو آهي، جيڪو اندازن اٺين صدي هجريءَ ڌاري ٿي گذريو آهي، هن قصي بابت مير علي شير قانع لکي ٿو ته ”مارئي ۽ عمر جي ڳالهه سنڌي زبان ۾ منظوم ۽ مشهور آهي، ۽ حال جا صاحب مخصوص سر جوڙي، ترانن ۾ ڳائيندا آهن ۽ انهيءَ مجاز مان حقيقت جو رستو لهي، وجد ۽ حال پرائيندا آهن. ظاهر پرستن تي پڻ انهيءَ سر مان عشق جي صدا، ۽ ولي جي تاثير ٿيندو آهي. (تحفته الڪرام؛ سنڌي ترجمو ص ـ 103)
مير علي شير قانع جي لفظن مان واضح آهي ته عمر مارئي جو قصو شاهه لطيف کان گھڻو آڳاٽو آهي، ڇاڪاڻ ته شاهه صاحب کان اڳي هي قصو منظوم ٿي چڪو هو ۽ جتي ڪٿي هن جي پچار هلندڙ هئي. اهڙي طرح سان هن قصي کي سنڌ جي شاعرن نظم ڪيو ۽ پنهنجي مخصوص زبان ۾ قلمبند ڪري منظرِ عام تي آندو ۽ سنڌي ٻولي ۾ ڳايو هو، ان مان ظاهر آهي ته هي قصو ان وقت تمام مشهور ٿي چڪو هو، هن قصي کي ٻين شاعرن کان وڌيڪ ڀٽ ڌڻي پنهنجي جذبن ۽ شعرن (بيتن) ۾ اهڙو ته لافاني، لازوال ۽ هميشه لاءِ امر بنائي ڇڏيو آهي، جنهن کي دنيا جي قائم رهڻ تائين ڪو زوال ئي اچڻو ناهي. هن سر کي حب الوطني جو بي مثال، بي نظير ۽ باڪمال درجو حاصل آهي، جيڪو انيڪ مثالن، چوڻين ۽ پهاڪن، خوبين ۽ خاصيتن سان ٽمٽار آهي، جنهن ۾ ساڻيهه جي سڪ ۽ محبت جا مڙيئي جذبا ڪَر کنيو بيٺا آهن. هن سر کي لطيف سائين مارئيءَ جي روپ ۽ رنگ ۾ تمام سهڻن، سادن ۽ سلوڻن لفظن ۾ سمجھائي منظرِ عام تي آڻي هڪ درس ڏنو آهي، جنهن مان وقت جي حالتن مطابق ڄاڻ حاصل ڪري سگھجي ٿي، جنهن کي وطن جي حب ۽ محبت جو جذبو نه آهي، ان ۾ ڪنهن به قسم جي اميد رکي نه ٿي سگھجي. مارئي ويچاري کي سدائين پنهنجا پنهوار ۽ سانگي ياد آهن، جن وٽ ”سون تي سيڻ مٽائڻ“ جو ڪو رواج، ريت ۽ رسم جو وجود ئي نه آهي. اهڙن ڪمن کان جھنگ جا جھانگي ويچارا صفا پاڪ و صاف ۽ بي خبر آهن. انهن وٽ اهڙن ڪمن جو ڪو تصور ئي نه ٿو ڪري سگھجي. جيئن مارئي جي زباني، سدا حيات شاعر شاهه لطيف هن طرح نروار ڪئي آهي.
ايءَ نه مارن ريت، جو سيڻ مٽائين سون تي،
اچي عمر ڪوٽ ۾، ڪنديس ڪانه ڪريت،
پکن جي پريت، ماڙين سين نه مٽيان.
ڀٽائي گھوٽ سر مارئي ۾ وطن سان حب ۽ پيار جي، جيڪا پاٻوهه سان پالوٽ ڪئي آهي، سا ڪنهن کان به ڳجھي يا لڪل ڪانه آهي، اهڙي طرح سان هن سر ۾ انسانذات جي اخلاقي قدرن کي مضبوط ڪرڻ جو پورو پورو درس ڏنل آهي. ڇا لاءِ مارئي جھڙي بيوس، بيڪس ۽ بي پهچ عورت جيڪا وقت جي بادشاهه جي قيد و بند ۾ صعوبتون ۽ اذيتون سهي رهي آهي؟ تنهن پنهنجو ست ۽ لاکيڻي لوئيءَ جي لڄ رکي عالم انسان ۾ مردن توڙي عورتن کي وطن جي حب، قوميت، عزت ۽ عصمت، بهادري ۽ بيباڪي، همت ۽ جرئت جا اعلى قدر، خوبيون ۽ خاصيتون مهيا ڪري ڏنا آهن. ازنسواءِ عورت جي ڪم همت، ڪوتاهي بيني، بزدلي ۽ ڪم عقلي کي مٽائڻ لاءِ باهمت ۽ دلير بڻائي، پنهنجي عزت ۽ عصمت کي برقرار رکڻ جي اعلى راهه وٺائڻ خاطر ڀٽائي گھوٽ عورت جي بهادري ۽ بيباڪي جا ڪيترائي مثال پيش ڪيا آهن. جنهن به عورت کي پنهنجي عزت ۽ عصمت، وطن ۽ ويڙهيچن ۽ ننگ ۽ ناموس جو اونو نه آهي، اها عورت هڪ بيڪار ۽ پوري (ساڻي) ڪاٺي جي مثال آهي، جيڪا اندر پوري ۽ خالي هوندي آهي. هر عورت کي گھرجي ته پنهنجي ننگ ۽ ناموس بچائڻ خاطر همت ۽ حوصلي سان بهادرانه ۽ جرئتمندانه منهن ڏئي اهڙن اعلى اهڃاڻن جي ڪري، اها عورت هر جاءِ نيڪ ۽ عزت جي نگاهه سان ڏٺي وڃي ٿي. اهڙي طرح اهائي عورت ثابت قدم رهي سگھي ٿي، جنهن ۾ اهي ڪلئي خوبيون ۽ خاصيتون موجود هونديون، ڇاڪاڻ ته اهڙي عورت هر جابر ۽ ظالم حڪمران اڳيان پنهنجو سر نه جھڪائي پنهنجي سچائي ۽ ايمانداريءَ جو اعلى ثبوت ڏيئي سگھي ٿي. ظالم حاڪمن جي طرحين طرحين کاڌن (طعامن) ۽ لالچن کي ٿڏي پنهنجي مقصد ۾ ڪاميابي ماڻڻ، ان جي اولين فرضن ۾ شامل آهي. ڀٽ جي گھوٽ پڻ پاڪدامن، باعصمت ۽ باهمت رهڻ جي تلقين ڪئي آهي. هيٺين بيتن مان مارئي جي بلند همت ۽ حوصلي، عزت ۽ عصمت وغيره جو ڏس پتو ملي ٿو:
مون مارؤسين لڌيون، لوئيءَ ۾ لائون،
سون برابر سڳڙا، مون کي ٻانهن ٻڌائون،
عمر! جو آئون، پٽ ڪيئن پرهيان سومرا.
پٽ نه پرهيان سومرا، جا نڪيتان جيان،
آئون ڪيئن لوئي لاهيان، ڪارڻ ٻن ڏينهان،
جانسين ٿي جيان، ڪانڌ نه ڪنديس ڪو ٻيو.
ڪانڌ نه ڪنديس ڪو ٻيو، کٿيرو ئي خوب،
ميرو ئي محبوب، اسان مارُو من ۾.
جيئن مارئي کي سانگين جي سڪ ۽ اڪير ستائي رهي هئي، تيئن عمر بادشاهه به کيس عذات، لوڀ، لالچون ۽ تڪليفون ڏيڻ لڳو، ليڪن هن بهادر، بيباڪ، ۽ باعصمت عورت جي آڏو عمر بادشاهه جي هڪ به نه هلي. آخرڪار ناڪام ۽ نااميد ٿي ويچاريءَ کي ماڳ موٽائڻ جا سانباها ڪرڻ، پهه پچائڻ ۽ رٿون رٿڻ لڳو. مارئي ويچاري کي غمگين ۽ حيران، پريشان ۽ بيحال ڏسي امانت باسلامت وطن واپس ڪيائين.
سي ساهيڙيون سارين تو، سيل جنين جو ست،
مارئي لهندينءَ مهت، وڃج ويڙهيچن ڏي،
سي ساهيڙيون سارين تو، سچ جنهين جو سيل،
نه ڪو قال نه قيل، انهين جي ادب ۾.
اهي زيريون ۽ زنجير، ٻانهوٽيون ۽ ٻيڙيون، لوهه ۽ سنگھرون، قيد و بند جو صعوبتون وغيره هن بنديانيءَ تان لحظي ۾ معاف ٿيا. جنهن ڪري کيس عمرڪوٽ مان آڻي آجي ٿيڻ جو جام پيئڻو پيو. اهڙي طرح وطن ورڻ جو ٻڌي سندس رڳن ۾ نئون رت ڊوڙڻ لڳو. عمر ۽ مارئي جي سچائي ۽ ايمانداريءَ کي شاهه سائين مارئي جي لفظن ۾ هن طرح سهڻي طور طريقي سان ثابت ڪري ڏيکاريو آهي.
جيئن عمر! اڇو تون، تيئن آئون مرڪان وچ مارئين،
منهن نه ميرو مون، سيل تنهنجي سومرا.

سڻي ساڻيهه ڳالهڙي، لهي ويا لوهه،
اندر جا اندوهه، لٿا ڏک، سک ٿيا.
ڀٽ ڌڻي جو ڪلام جڏهن تڏهن نئون نڪور آهي. جيڪو ايامن کان وٺي هر دور ۾ اسان جي ترجماني ۽ رهنمائي ڪندو آيو آهي ۽ ڪندو رهندو. شاهه جي شاعريءَ ۾ انيڪ راز ۽ رمزون، ناصحانه، عارفانه ۽ عاشقانه نڪتا جا بجا ملن ٿا، جن جو هن جديد دور ۾ مثال ملڻ ناممڪن آهي. لطيف سائين هر سر ۾ عزت ۽ عصمت، ساڻيهه جي سڪ ۽ حب وغيره بابت پڌري پٽ هدايت ۽ تلقين ڪئي آهي، جنهن لاءِ هن سر مان اهڙا ڪيترائي مثال پيش ڪري سگھجن ٿا. مارئي عورت ٿي ڪري انسانذات لاءِ هڪ انوکو ۽ اڻ مٽ مثال بڻجي ويئي آهي، جنهن ۾ اهڙي قسم جون ڪلئي خوبيون ۽ خاصيتون موجود آهن.
لطيف سائين جن عورتن کي پنهنجي شاعري ۾ سورهه سورمين جو درجو ڏيئي بلند ۽ بالاتر ڪيو آهي. اهي بهادر ۽ بيباڪ، سچيون ۽ همت ڀريون آهن، اهي عشقِ محبت مان هر طرح ۽ بخوبي واقف آهن. عشق ڪري ڄاڻن، نينهن نڀائي ڄاڻن ۽ محبت ملهائي ڄاڻن. سهڻيءَ جو مثال وٺو، جيڪا اونداهه ۽ خوفناڪ ڪارين راتين جو ڪُنن ۾ ڪاهي، تار تري پنهنجي محبوب (ميهار) سان محبت ونڊڻ ۽ ورونهن ڪرڻ ويندي هئي. سسئي کي ڏسو، جنهن جي عشق جي اساٽ ئي مختلف ۽ اور آهي، پنهون کي ڀائر آرام سان اٺن تي چاڙهي وڃي ڪيچ ۾ قرار ڪن ٿا. مگر سسئي ويچاري، اڪيلي سر، پنهونءَ جي پٺيان پيرين اگھاڙي برپٽ ۽ جھنگل جھاڳي ۽ جبلن جون اوکيون لاهيون چاڙهيون جريدي ٿي، سخت، سٻر ۽ لُڪ لتاڙي ٿي، جتي سونهان به منجھيو پون. پر عشق ئي سسئي کي اهي اڻانگا پنڌ ڪرايا. لطيف سائين سسئي جي عشق کي پروڙي، سسئي بابت سڄا سارا پنج سُر جوڙي، سسئي جي داستان کي اعلى درجي تي پهچائي ڇڏيو آهي. وطن ۽ مارُن جي اٿاهه محبت جو اعلى جذبو ۽ مثال مارئي جي اٽل ارادي ۽ مضبوطيءَ جو عجيب اهڃاڻ آهي.
هر مرد ۽ عورت تي اِهو فرض ٿو عائد ٿئي ته ننگ و ناموس، عزت و عصمت ۽ وطن جي ساک پت بچائڻ لاءِ هر ظلم ۽ ڏاڍ سان هر قسم جا جتن ۽ ڪوششون ڪرڻ گھرجن. الله تعالى تي توڪل ۽ پورو پورو يقين ۽ ويساهه رکي مڙني قسمن جي ڏاڍاين کي منهن ڏيڻ کپي، ۽ اهڙو سبق مارئي جي اٽل ارادي مان سکڻ گھرجي.
لاکيڻي لطيف جو سمورو ڪلام عظيم، آفاقي الهام ۽ ممتاز درجي جي حيثيت جو حامل آهي. شاهه جي شاعري هڪ وهندڙ درياهه آهي، ان ۾ پنهنجي مقصد خاطر هر ڪو ٽٻيون هڻي پنهنجي مقصد خاطر هر ڪو ٽٻيون هڻي پنهنجي مقصد جا موتي ميڙي چونڊي ڪٺا ڪري ٿو، ان مان صاف ظاهر آهي ته شاهه لطيف هر دور جي ماڻهن جو محبوب شاعر آهي، اهڙي ريت سندس ڪلام مان آفاقيت ۽ عظمت بهتر کان بهتر بکي رهي آهي.
جي تو بيت ڀانيا، سي آيتون آهن،
نيو من لائين، پريان سندي پار ڏي.
سندس رسالو بامعنى ۽ اهم خوبين ۽ خاصيتن جو خزانو آهي. شاهه سائين جو ڪلام، ڪردار نگاري، واقع نگاري، حب الوطني، همت ۽ بهادري، محبت وغيره ۽ انساني خدمتن ۽ جذبن جو عظيم ۽ لافاني ساگر آهي. سندس سمورو ڪلام هر دور ۾ هر انسان لاءِ مشعلِ راهه آهي، سر مارئي ته حب الوطني جي مڙني جذبن ۽ امنگن وغيره سان ڀريو پيو آهي.
الا! ائين مَ هوءِ، جيئن آئون مران بند ۾!
جسو زنجيرن ۾، راتو ڏينهان روءِ،
پهرين وڃان لوءِ، پوءِ مر پڄنم ڏينهڙا،

سڄڻ ۽ ساڻيهه، ڪنهن اڻاسيءِ وسري،
حيف تنين کي هو، وطن جن وساريو.
مارئي ويچاري ارادي جي اٽل ۽ مضبوط، پڪي ۽ پختي عزم واري هئي. جو هن جابر اڳيان پنهنجو سر ڪڏهن به نه جھڪايو، هر طرح جون سختيون ۽ اذيتون، مصيبتون ۽ تڪليفون سر تي سهي، اباڻن جي لوئي جي لڄ رکيائين، جنهن سبب اڄ تائين کيس نيڪ نگاهن سان ڏٺو ۽ ياد ڪيو وڃي ٿو. جھڙي ريت عمر بادشاهه کي پنهنجي مقصد ۾ ناڪامي نصيب ٿي، تهڙي ريت مارئي ويچاري پنهنجي نيڪ مقصد ۾ ڪاميابي ماڻي ملڪ ۽ مارن جو مان، مرتبو ۽ وقار مٿانهون ڪيو، جيئن مارئي کي عمر آڻي قيد ڪيو، آخرڪار تيئن ئي ويچاريءَ کي پاڪ ۽ صاف صورت ۾ وطن ۽ ويڙهيچن ڏانهن واپس ڪيائين.
تنهن پر اٺن مينهڙا، جنهن پر گهريائون،
رضا جا رحمان جي، پڄي پاريائون،
ملير ماڻيائون، حڪم ساڻ حبيب جي.

1 comment:

  1. ڊاڪٽر احسان صاحب السلام عليڪم. سائن ، ڀٽائي سرڪار بابت توهان جي بلاگ تي رکيل مواد پڙهڻ جو موقعو مليو. تمام مزو آيو. ڀٽائيءَ جو سر ماروي ۾ ٻنيءَ جي مالوندن ماروئڙن جو عڪس هوبهو نظر اچي ٿو. مونکي ته ائين لڳندو آهي ڄڻ ان سر ۾ ٻنيءَ کي ئي ڀٽائي چٽيو آهي.

    ReplyDelete