شاهه جو رسالو

Monday, 20 September 2021

شاھه عبداللطيف جو سُر سارنگ ــ تحرير: ائنميري شمل ترجمو: علي احمد بروھي

تحرير: ائنميري شمل

ترجمو: علي احمد بروھي


شاھه عبداللطيف جو سُر سارنگ



ارنيسٽ ٽرمپ، جيڪو ھڪ جرمن صاحب علم، علم لغت جو بھترين ماھر ۽ مبلغ ھو، تنھن شاه جي اولين ڇپيل رسالي جي ديباچي ۾ ڪتاب جون وصفون بيان ڪندي لکيو آھي:

ھر جفاڪش طالب علم کي سندس محنت جو مناسب عيوضو ھن طرح حاصل ٿيندو، جو کيس ڪيترن حسين ۽ پرلطف فقرن سان آشنائي ٿيندي، جي کيس ھر ھنڌ منھن مقابل ٿيندا رھندا.“
ٽرمپ جي اھا فتويٰ ھن ڪري بھ زياده اھميت رکندڙ آھي، جو ھو ھڪ عيسائي مبلغ ھو ۽ صوفي شاعري ۽ فڪر تھ درڪنار، پر ھو غير ڪرستاني مذھبي شاعريءَ ۾ بھ ڪا دلچسپي رکندڙ نھ ھو. برعڪس ان جي ھن پنھنجي ھڪ مضمون ۾ تصوف خلاف ڪافي ڇوھھ ڇنڊيا آھن. ان کان ڪجھھ عرصو اڳ، سر رچرڊ برٽن طرفان شاه عبداللطيف جي شاعريءَ متعلق ساراه ڪئي ويئي ھئي ۽ نھايت سلوڻن لفظن ۾ اظھار خيال ڪندي چيو ھيائين تھ: ”ڏسجي ائين پيو تھ صوبي سنڌ جي ھر ھڪ باشندي کي شاه جي بيتن جي پوري ڄاڻ سڃاڻ آھي ۽ جڏھن ڪو ڪڙمي ٻنيءَ کي کيڙيندي، اڪيلو ھر پٺيان ٿي ھليو، تڏھن بھ شاه جا ڏوھيڙا ٿي آلاپيندو رھيو.“

ان زماني کان ھڪ صدي بعد، جڏھن ٽرمپ صاحب رسالي جو مشھور معروف جلد مرتب ڪيو ۽ سنڌي زبان ۽ ادب بنسبت سندس مطالع ۽ مضمون جاري رھيا، جنھن سلسلي جو ڇيھ وڃي 1872ع ڌاري سنڌي زبان جي گرامر جي اشاعت ۾ ٿيو، اڻ ڳڻيا ڪتاب ۽ بي انداز مضمون، شاه جي پوئلڳن يا عاشقن، ھندو خواه مسلمانن طرفان لکيا ويا ۽ سندس ڪلام کي ڪئين ڀيرا سلجھايو ۽ سھيڙيو ويو آھي، ان کان علاوه رسالي جو اردو ترجمو پڻ ڪيو ويو آھي. باقي انگريزي ۽ جرمن ٻولين ۾ ان جا ڪجھھ حصا ترجمو ڪيا ويا آھن. مغربي دنيا ۾ عام پڙھندڙن لاءِ، ھن موضوع تي فقط ھڪ عالمانھ ۽ مڪمل ڪتاب موجود آھي، جو ڊاڪٽر سورلي جي تصنيف آھي، جنھن ۾ شاه جي زندگي ۽ سندس ڪلام جي پس منظر جو بھترين مطالعو ڏنل آھي. تاھم بھ منھنجي خيال مطابق، ھر ھڪ ماڻھو پير حسام الدين شاه راشديءَ سان شامل راءِ ٿيندو، جنھن رسالي جي منظوم اردو ترجمي جي مھاڳ لکندي ھن خيال جو اظھار ڪيو آھي تھ: ”اسان جو شاعر توڙي جو ڄم جي لحاظ کان سنڌي آھي ۽ اسان جي ملڪ جو فخر آھي، تڏھن بھ ھو مشرق خواه مغرب ٻنھي خطن لاءِ برابريءَ جو حق رکندڙ آھي ۽ ان ڪري اھو بلڪل بجا ٿيندو تھ سموري دنيا جا اھل دل انسان ساڻس سڪ ۽ الفت رکن.“ لکي ٿو ته:

شاه محض سنڌ يا سنڌي زبان جو عظيم شاعر نھ آھي، ليڪن سندس شخصيت عالمگير نوعيت جي آھي. زبان ۽ ڄم جي مدنظر جيتوڻيڪ سنڌ کي شاه جي طفيل لافاني شرف ضرور حاصل آهي، ليڪن دراصل سندس ذات ۽ پيغام نھ ڪنھن خاص اراضيءَ جي ملڪيت آھن ۽ نھ ڪنھن مخصوص طبقي جي ميراث؛ ھو پوري انساني برادريءَ جو ورثو آھي ۽ سندس پيغام ھر اھل دل انسان جي روح ۽ فڪر لاءِ تقويت ۽ تسڪين جو باعث آھي؛ پوءِ چاھي ڪو مشرق جو باشندو ھجي يا ڪنھن جي جاءِ رھائش مغرب ۾ واقع ھجي.“

شاه جي ڪلام کي پڙھندي، پڙھندڙ ھميشھ ھن اچرج ۾ رھي ٿو تھ صوفي شاعر ڪھڙي نھ آسانيءَ سان اسلامي روايتن جي تندن کي ھڪ ڏور ۾ ڳتي، ھندوستاني لوڪ ادب جي روايت ۾ اظھار بيان ڪيو آھي، ائين ڪندي ھو پنھنجي مسلمان ھئڻ جي حيثيت کي نڪي ختم ڪري ٿو ۽ نھ وري ان کان انڪار ڪري ٿو. انھيءَ حقيقت ۾ ڪابھ شڪ جي گنجائش نھ آھي تھ ھو قرآن پاڪ سان بخوبي روشناس ھو، جو سندس حياتيءَ دوران سندس مادري ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿي رھيو ھو ۽ جنھن جو تفسير ٺٽي جي نقشبندي عالمن طرفان ڪيو ٿي ويو. سنڌي ٻوليءَ ۾ جيتري تعداد ۾ قرآن شريف مڪمل طور يا سيپارا ترجما ڪيا ويا آھن، تنھن مان ھي ثبوت مھيا ٿئي ٿو تھ اڄ ڏينھن سوڌو سنڌي ٻوليءَ ۾ جيڪو نثر يا نظم لکيو ويو آھي، تنھن جو جذباتي سرچشمو قرآن شريف آھي. کيس حضور پاڪ جي حديثن جي پوري ڄاڻ حاصل ھئي، خاص طور ان نوعيت جي روايتن جي جيڪي صوفيائي ڪرام طرفان استعمال پئي ڪيون ويون آھن. ليڪن ھن قرآن شريف جي آيتن ۽ حضور جن جي حديثن کي انھن عاشق نينگرين جي زبان تي آندو، جن اھڙن ڪلمن کي پنھنجي روحاني تقويت خاطر دھرايو. ائين ڪندي ھن سنڌ ۽ پنجاب جي انھن اوائلي صوفين جي نقش قدم جي پيروي ٿي ڪئي، جن مقامي ھندوستاني روايتن تي عمل ٿي ڪيو ۽ سندن مدعا ھيءَ ھئي تھ عاشق ۽ تڙپيندڙ روح کي عورت جي روپ ۾ پيش ڪيو وڃي، ليڪن اھي نافرمانبردار مادي نفس نھ، جي اسلام جي اوائل ۾ رھبانيت سان مانوس ڪيا ويندا ھئا، پر دل جا اُھي روپ جي پنھنجي حقيقي محبوب لاءِ سدائين سڪندا ٿي رھيا. سندس سورميون، جي سنڌو ماٿريءَ جي لوڪ ڪھاڻين واريون سورميون ھيون، انھن ڏکن ڏاکڙن جي مقابلي لاءِ نھايت بھادر ھيون، جيڪي مٿن الله پاڪ طرفان نازل ڪيون ٿي ويون. ڇا اھا حقيقت نھ آھي جو عرب ۽ عجم جي صوفيائي ڪرام، لفظ ”بلا“ جنھن جو مفھوم مصيبت آھي، ان کي ڇڪي تاڻي اچي ”بليٰ“ سان ملايو، جنھن جي معنيٰ ”ھائوآھي. دراصل ’بليٰ‘ جو لفظ، روحن پنھنجي خالق اڪبر جي اُن سوال جي جواب ۾ چيو تھ ”ڇا، آءٌ اوھان جو خدا نھ آھيان؟“ ”الست بربکم“ (سوره اعراف آيت:171) اھو ئي سبب آهي جو شاھ، سھڻي واتان ھي ٿو ڳارائي ته:

الست ارواحن کي، جڏھن چيائون جيئن

قالوا بليٰ‘ قلب ۾، ٿيو تغافل تيئن
محبتي ميھار جي، آءٌ نھوڙي نينھن
سرتيون ساھڙ سيئن، ھلڻ مون حق ٿيو.

شاعر کي صوفياڻي عشق جي راز جي پوري پروڙ ھئي. مثال طور لوچيندڙ روح آخر ۾ وڃيو سراپا عشق ۾ تبديل ٿئي، جيئن شيراز جي ”روز بيجان باقليءَ“ 12 صدي عيسويءَ ڌاري ڄاڻايو آھي سندس احساس جو پڙاڏو سسئيءَ جي متعلق اکرن ۾ ٻڌو وڃي ٿو، جڏھن اھا بيابان ۾ پنھنجي وَرَ جي ڳولا ۾ نڪتي ھئي. سر معذوريءَ ۾ شاه فرمائي ٿو تھ:

رڃن ۾ رڙ ٿي، ڪر سارنگي ساز
اي عشق جو آواز، ماڻھو رکن منڌ تي

پر شاه جي بيتن جون سورميون، مولانا جلال الدين روميءَ جون پوئلڳ پڻ آھن ۽ کين پنھنجي معشوق جي تلاش ۾ سفر ڪندي اھڙو ئي آزمودو حاصل ٿيو، جنھن لاءِ مولانا روم مثنويءَ ۾ فرمايو آھي ته:

تشنگان گر آب جويند از جھان
آب جويد بعالم تشنگان

نھ فقط اڃايل پاڻيءَ جي تلاش ۾ سرگردان ھوندا آھن، پر پاڻيءَ کي پڻ خود اڃايلن جي ڳولا ھوندي آهي.“

اندر جنين اُڃ، پاڻ اڃيو ان کي.“

ھي ھڪ فطري امر آھي تھ سنڌ جو ھر باشندو، رسالي جي انھن حصن سان زياده چاه رکي، جيڪي روايتي لوڪ ڪھاڻين ۽ انھن ڏکن ڏاکڙن ۽ مصيبتن جي داستانن سان ڀرپور آھن، جي سسئيءَ، سھڻيءَ، مارئيءَ ۽ ٻين عاشقن پنھنجي توڙ نباھڻ خاطر سَٺيون. پر ساڳئي وقت اسان کي اھو پڻ ھرگز وسارڻ نھ گھرجي تھ باقي جيڪي ٻئي قسم جا شاه جا بيت آھن ۽ ڪيترن روايتي عناصرن جو مرڪب آھن، سي پڻ شاعريءَ جي اُن عروج تي پھتل آھن، جي ڪنھن حد تائين تھ سورمين جي ڊرامائي ڪارنامن کان پڻ زياده دلگداز آھن. شاه جي فن جو حسين ترين شاھڪار منھنجي خيال مطابق آھي برساتي راڳ يعني ’سر سارنگ‘. اھو موضوع سچل سرمست طرفان پڻ دھرايو ويو آھي، پر انھن بيتن ۾ اھا عشق جي گھرائي نھ آھي، جا شاه جي بيتن ۾ جھلڪندي رھي ٿي. سورلي پنھنجي ھن چوڻ ۾ بلڪل درست آھي ته:
سڀ کان وڏي ڳالھھ ھيءَ آھي جو برسات بنسبت گيتن جو بھترين ۽ شاندار مجموعو ھڪ ھنڌ ڪٺو ڪيو ويو آھي، جنھن مواد کي ’سر سارنگ‘ چيو وڃي ٿو. اھي اھڙا بيت آھن، جن ۾ شاه لطيف بحيثيت ھڪ شعر جي، شعر جي بين الاقوامي زبان ڳالھائيندي، ھڪ چوٽيءَ جي اوچائيءَ تي پھچي وڃي ٿو ۽ ان لحاظ کان ھو ڪنھن زمان، مڪان يا تنگ نظريي جو قائل ھرگز نھ آهي. خوشيءَ جو ھڪ مختصر ۽ حسين گيت ان ماحول لاءِ، جو برسات طفيل وجود ۾ اچي ٿو تھ شيلي (Shelley) لاءِ بدناموسيءَ جو باعث نه ٿيندو:

موسم جي آمد ٿي چڪي آھي
خوشگوار گفتگو ۽ سريلي سنگيت جو آلاپ
ڪوئل جي چٽي پڪار
ھاري ميدان کي کيڙڻ لاءِ ھر کي تيار ڪري ٿو
ٻڪرار ۽ ڳنوار خوشيءَ ۾ آھن ھائو ھن جو چمڪندڙ اجالو لباس، منھنجي دوست ٻھڪندڙ برسات لاءِ زيب تن ڪيو آھي.

سورلي طرفان جيڪو شيليءَ جي عظيم گيت ”بادل“ جو حوالو ڏنو ويو آھي، اھو يقيني طور تي حق بجانب آھي:

آءٌ اُساٽيل گلن لاءِ برسات جا تازا وسڪارا آڻيان ٿو

سمنڊن کان ۽ نھرن کان.....

ليڪن سُر سارنگ جو تصور شيليءَ جي شعر کي شھ ڏيئي وڃي ٿو، ڇاڪاڻ تھ منجھس ھڪ تھ گھري ديني خاصيت آھي، جا ڪلام کي پنھنجو علحده صحيح مقام بخشي ٿي، ۽ ٻيو سبب ھي آھي جو منجھس ھندوستاني ۽ اسلامي روايتون نھايت سھڻي انداز ۾ مرڪب ڪيون ويون آھن.

اھو ھر ھڪ انسان، جنھن سنسڪرت جي نظمن کان ويندي ھندي ويدانتي ڪلام جو مطالعو ڪيو ھوندو، ان کي اھا بخوبي ڄاڻ ھوندي تھ برسات جي مند ھڪ اھڙو وقت آھي، جڏھن شاعر ڪنھن ڳڀرو نينگري يا عورت جي آلاپ ذريعي، عشقيھ راڳ دل جي خلوص سان ڳائينداآھن ۽ وڇوڙي جا ورلاپ دھرائيندا آھن، جيڪي برسات جي خوشگوار مند جي مدنظر بي موقعي ۽ اڻ سھائيندڙ محسوس ٿيندا آهن، ڇاڪاڻ ته مينهوڳي جي موسم ۾ قدر ت اندر حرارت جي تيزي نمودار ٿئي ٿي ۽ ھر ھنڌ گل ڦل پسجن ٿا، پکي پکڻ موسيقيءَ جا چھچٽا شروع ڪن ٿا ۽ ھر ھڪ خوشيءَ لاءِ آرزومند ٿئي ٿو. وڄ جا سرخ پوش چمڪاٽ شاعرن کي شاديءَ جي رات وارن ويس وڳن جو تصور ذھن ۾ آڻين ٿا ۽ ميگھھ ديوتا جو قديمي نشان ’بادل‘ کين ھڪ پيغامبر جي ياد تازي ڪرائي ٿو. ھندوستاني مصورن جي ننڍڙين تصويرن (Mini) ۾ گھڻو ڪري برساتي مند جي راتين جو عجيب وغريب تصور چٽيل آھي. شڌ ميگھھ ملار راڳڻين جي روايتي جھلڪ، نھ فقط برصغير جي اڻ کٽ لوڪ گيتن ۾ عيان آھي، پر امير خسرو دھليءَ واري ديوان جي اولين سٽ ۾ پڻ مضمر آھي، جڏھن ھو برسات جي موقعي تي وڇوڙي جو شڪوه شڪايت بيان ڪري ٿو:

ابر مي بارد ومن مي شوم از يار جدا

چون کنم دل بھ چنين روز دلدار جدا

ابر وباران ومن ويار ستاده بھ وداع

من جدا گريھ کنان ابر جدا يار جدا

۽ ساڳئي احساس جو پڙاڏو ”باره ماسا“ جي گيتن ۾ صدين کان ٻڌو وڃي ٿو، جنھن ۾ عشق واري عورت پنھنجي جذبات جو ھر ماه اھڙي نموني اظھار ڪري ٿي، جيڪو صوفياني تفسير مطابق آھي، جنھن ۾ ھڪ تڙپندڙ روح جو پنھنجي ازلي محبوب جي ناز نخرن کي موسمن جي مختلف مزاج وارن پھلوئن سان تشبيھھ ڏئي ٿو. سنڌي ۽ پنجابي لوڪ گيتن جا اھي مثال، جي مھينن سان مخصوص گيتن ۾ شمار ٿين ٿا، بيشمار آھن ۽ ان ڪري ھن ڳالھھ ۾ زياده عجب جي ڪا گنجائش نھ آھي تھ شاه عبداللطيف جي پايي جي شاعر انھيءَ قسم جي روايتن تي ڀروسو ڪيو ھجي.

ليڪن ”تصوف“ جو تصور، جيڪو اسلامي نڪتھ نظر کان آھي، ان جي مدنظر برسات جي علامت اڃا بھ زياده اھميت رکندڙ آھي. قرآن ڪريم جي موقف کان شروع ٿيندي، بغداد جي اوائلي صوفياءِ ڪرام تائين، خدا جي برسات سان ٻن قسمن جا مفھوم وابستھ ڪيا ٿي ويا تھ اھا برسات ايمان وارن ۽ ڪافرن جي دلين ڏانھن جدا جدا مقصدن جي مدنظر نازل ڪئي وڃي ٿي، يا تھ سندن قلوب واري باغ کي رحمت سان باغ بھار ڪرڻ ۽ مٿن خوشيءَ جي گلن جي ورکا ڪرڻ ۽ کين محبت ۽ مھر جي ميون سان مالا مال ڪرڻ خاطر يا وري وڄ جي ڪڙڪن ۽ الاھي آفت جي وسڪارن ذريعي سندن بدڪاريءَ جي ڪَنڊن کي تباه ڪرڻ جي مقصد لاءِ. دل جي باغ وارو نظريو ايران جي صوفي شعراءِ ڪرام جو دل گھريو موضوع پئي رھيو آهي. مولانا جلال الدين روميءَ وارو ديوان برسات جي تصور سان پُر ٿيل آھي ۽ ھو انھيءَ برسات جي ساراه ڪري ٿو، جا سياري جي آخر ڌاري وسي ٿي، جنھن باعث ھن مادي دنيا جي برفاني زمين نيست نابود ٿي غائب ٿي وڃي ٿو، جنھن ڪري وڻ ٽڻ غفلت جي ننڊ مان بيدار ٿين ٿا ۽ کين برسات جي طفيل نھايت حسين بھشتي ۽ ساوا غلاف حاصل ٿين ٿا ۽ اھو ئي برسات ۽ روشنيءَ جو معجزو آھي، جنھن سان ھر باغ ھن زمين تي ھڪ سچي پچي بھشت ۾ تبديل ٿي سگھي ٿو. ساڳي ريت عاشق جون اوڇنگارون، محبوب جي مُرڪ واري جلوي جو ڪارڻ ٿين ٿيون، جنھن لطف ۽ ڪرم جي طفيل ھڪ عاشق جي اُجڙيل دل اندر ھزارھا باغ باغيچا ٽڙن ٿا. عاشق ۽ برسات وارو آسمان ٻئي ھڪ آچار آھن ۽ سندن روڄ راڙو روحاني ميون ۽ زمين جي حقيقي گلن جي ٽڙڻ لاءِ ازحد ضروري آھي.

اسان مان ھر ھڪ، جو قرآن پاڪ ڄاڻندڙ آھي، سو تحقيق اھي وسيع تر حوالا فورًا سڃاڻي سگھندو ۽ انھن جي ئي مدنظر برسات جو تصور سمجھھ ۾ اچڻ گھرجي. ڇا، قرآن ڪريم ۾ انھن ھوائن جو ذڪر نھ آھي، جيڪي برساتي ڪڪرن کي خدا تعاليٰ جي رحم وڪرم جي علامتن طور آڻين ٿيون؟ ٻين لفظن ۾ سندس ابر رحمت آھن. (سوره 57/7) اڄ ڏينھن سوڌو اناطوليھ جا دھقاني ماڻھو، ڪنھن بھ مھمان کان حال احوال وٺندي، اھو ضرور پڇندا تھ ”آيا اوھان جي شھر ۾ رحمت وُٺي آھي؟“ ھتي رحمت مان مفھوم برسات آھي. دراصل اسلامي روايتن جي دائري کان ٻاھر پڻ ھر صاحب نظر ھي بخوبي وسھي سگھندو تھ برسات جو تصور گھڻو ڪري بطور رحم جي علامت جي پيش ڪيو ويو آھي:

ٻاجھ جي وصف کي ڇڪ تاڻ جي ڪھڙي ضرورت
اھا تھ ائين نازل ٿيندي آھي جيئن آسمان مان برسات
ان جڳھھ مٿان جا ھيٺاھين تي آهي.
-
شيڪسپيئر.

ليڪن انھيءَ قرآن حڪيم، جنھن ۾ برسات جي ڪڪر کي الله پاڪ جي رحمت سان تشبيھ ڏني وئي آھي، تنھن ۾ حضرت محمد صلعم جن کي ”رحمت للعالمين“ سڏيو ويو آھي، يعني سڀني جھانن جي رحمت. (سورة انبياء پ17) ھڪ مذھبي پيشوا ۽ ان رحمت جي خوشخبري، جا ھو زمين تي آڻي ٿو، انھن ٻنھي درميان جيڪو رشتو يا تعلق آهي، تنھن جي ڄاڻ ان کان بھ اڳين وقتن ۾ ضرور ھئي.

سڌارما پنڊارڪا جي ھڪ طويل داستان ۾ ٻڌ ڌرم طرفان سڌارٿا ٻڌ کي ’ٻاجھاري برساتي بادل‘ سان تشبيھھ ڏني ويئي آهي. ساڳيءَ طرح وچين صديءَ (5 کان 10 صدي) جي ھڪ جرمن ڪليسا جي ھڪ خوش آمديد نوعيت واري گيت ۾ يسوع مسيح کي التجا ڪئي وڃي ٿي تھ ”آسمان جو پردو چاڪ ڪري، آسمان کان زمين طرف ھڪ ٻاجھاري پاڻيءَ جي روپ ۾ ھيٺ اچ.“

اھڙي طرح ھڪ مسلمان لاءِ پيغمبر دين ۽ سندس زندگيءَ طفيل عطا ٿيل وصفون، سندس تيز فھم پيغام ۽ برساتي بادل درميان جيڪي تعلقات موجود آھن، سي قائم ڪرڻ ۽ وسھڻ آسان آھن. صوفياءِ ڪرام طرفان تھ ’پيغمبر صلعم‘ ۽ ’ابر رحمت‘ جو درمياني لاڳاپو بلڪل شروعات ۾ ئي استعمال ڪيو ويو ھو. شاه عبداللطيف تھ انھن روايتن سان مڪمل طور موافقت ۾ آهي. جڏھن ھو قدرت جي ھن بيان ڪندي تھ جڏھن کس ڪاري برساتي ڪڪر کان آسماني امداد حاصل ٿئي ٿي، يڪدم ڦيرو کائي حضرت محمد صلعم جن ڏانھن رجوع ٿي مخاطب ٿئي ٿو، جنھن ۾ پڻ اھي ساڳيون ئي زندگي بخشيندڙ خوبيون سراپا موجود آھن. انھيءَ سلسلي ۾ اسان کي مرزا غالب جي حضور پاڪ جي شان ۾ لکيل مثنويءَ جو عنوان ذھن ۾ رکڻ گھرجي، جيڪو آھيابر گُھر بار“ يعني ”موتي ڍوئيندڙ ڪڪر.“

پيغمبر پاڪ جي يقين ڪامل سان انتھائي تعظيم، جا شاه جي بيتن ۾ جابجا عيان آهي، مون کي اھو ھڪ بلڪل فطري امر ڏسجڻ ۾ اچي ٿو، ڇاڪاڻ تھ اھڙي روايت جي ان اولين عظيم صوفي مفڪر ۽ شاعر طرفان ابتدا ڪئي وئي ھئي، جنھن حضور پاڪ جي صوفيانھ تعظيم جو اظھار پنھنجي پرجوش ۽ پرخلوص گيتن ۾ ڪيو ھو، اھو ھومنصور حلاج‘. جيئن تھ عام مشھور آھي تھ منصور حلاج، گجرات کان مرڪزي ايشيا طرف رخ رکندي، 905 ھجريءَ ڌاري سنڌ گھمندو رھيو، ۽ سندس اسم ”عاشق اعظم منصور“ واحد نالو آهي، جو سنڌي صوفيانھ لوڪ شاعريءَ ۾ بطور صوفيانھ عشق جي علامت جي، ھر شاعر طرفان بيشمار دفعا استعمال ڪيو ويو آھي، جن ۾ شاه عبداللطيف بمعرفت سندس خاص مسلڪ تي ھلندڙ سچل کان ويندي لغاري خاندان جي شاعرن تائين، بيدل روھڙيءَ وارو ۽ ٻيا ڪيترا اھڙا شاعر اچي وڃن ٿا، جي گھڻي قدر مشھور نھ آھن. اھو ساڳيو منصور حلاج ھو، جنھن پيغمبر اسلام جي حمد وثنا بلڪل ساڳئي تصور ۽ انداز ۾ ڪئي، جيئن شاه عبداللطيف طرفان سندس ”تعيس شراب“ ۾ ڪيل آھي. الحلاج جي ڪتاب ”کتاب اتواسين“ ۾، جيڪو 20-916 ھجري ڌاري لکيو ويو، اسان کي ھي نظر اچي ٿو ته:

سندن مٿان بادل، تجلي ۽ وڄ جا چمڪاٽ

۽ سندن زيرپا پڻ کنوڻ جنھن شعاع ٿي ڪيو ۽ چمڪي ٿي ۽ گھم ۽ ميوَن جي وجود ۾ اچڻ جو باعث بڻي

سڀ سائنسي علوم سندس مھاساگر جو ھڪ قطرو آھن.“

جيڪي ڪجھ سڃاڻپ ۽ ڏاھپ جي وجود ۾ آھي، سا سندس دانائي جي درياءَ مان فقط ھڪ ٻُڪ وانگر آھي، جي بھ زمانا يا ايام آھن، سي سندس اٿاه وقت مان ھڪ ڪلاڪ مس آھن.

اھو ڏسي انساني دل نھايت مرعوب ٿئي ٿي تھ پيغمبر پاڪ جي اھڙي ثنا بعد، ان ملڪ جي شاعرن طرفان سندن سوين بيتن ۾ ساڳي ثنا جو اظھار ڪيو ويو، جنھن ملڪ ۾ الحلاج ڪنھن زماني ۾ جھر جھنگ ۽ جبل انھيءَ لاءِ جھاڳيندو رھيو تھ جيئن الله جا ٻانھان، پنھنجي حقيقي خالق ڏانھن رجوع ٿين.

برسات ۽ پيغمبر، ٻئي الله پاڪ جي لطف ۽ ڪرم جا نمائندا آھن ۽ اھا الاھي ٻاجھھ، جنھن کي اڪثر ”آب حيات“ جي علامت چيو وڃي ٿو؛ ليڪن برسات خشڪ علائقن ۾ نھ فقط ھلڪي ۽ جھڪي ٿيندي آھي، پر ساڳئي وقت نھايت غلبي واري پڻ ٿيندي آھي (جيئن بغداد جي اوائلي صوفياءِ ڪرام کي اھڙين چشم ديد حالتن جي ڄاڻ ھئي) ۽ اھڙي وھڪري جي طاقت جو پورو اندازو تڏھن ٿي سگھندو آھي، جڏھن پاڻي نئن جي صورت ۾ اچي راه ۾ ايندڙ ھر ھڪ چيز کي پنھنجي وھڪري ۾ آڻي گھليندو رھندو آهي. بلڪل ساڳيءَ ريت پيغمبرانھ تحريڪ، ڪمزور ۽ ڪومايل روحن ۽ وسوسي وارين دلين جي ڪِن ڪچري کي ضايع ڪري ٿو، ان لاءِ تھ جيئن کين عبادت جي واحد وھڪري ۾ آڻي اجرو ڪيو وڃي. اھو ئي سبب آھي جو صوفي روايتن جي شاعرن بعض اوقات پيغمرانھ ڪارگذارين کي ھڪ درياءَ سان ڀيٽ ڪئي آھي، جو پنھنجي وھڪري ۾ نديون، نھرون ۽ نيون سمائيندو، اٿاه حيثيت ۾ اچو خالق اڪبر جي مھاساگر ۾، بمثل ھڪ بخملي بادل جي ڇوڙ ڪري جتان سندس شروعات ٿي ھئي. ھن نظريي جو ھڪ انتھائي غير معمولي شاعرانھ اظھار، جيڪو مفھوم روميءَ پڻ ڪتب آندو آھي، اسان جي جرمن شاعر گوئٽي پنھنجي ھڪ شعر Mahomets Gesang ۾ بيان ڪيو آهي، جنھن ۾ ھو پيغمبر جي ان طريقھ ڪار کي ڳائي ٿو، جيڪو انھيءَ آھستي واڌ ڪندڙ ھڪ درياءَ جو تصور آهي، جو ننڍين نھرن کي پنھنجي ھنج ۾ سمايو، ڦوه موج ۽ مستيءَ ۾ اچي ٿو ۽ سڀني کي ساڻ ڪري ڪثرت جي مھراڻ کي رسي ٿو. دراصل اھو ئي جرمن نظم ھو، جنھن کان متاثر ٿي علامھ اقبال ”پيام مشرق“ ۾ پنھنجو فارسي شعر ”درياءُ“ لکيو ھو.

اھي جملي احساس ۽ رجحان، غير شعوري طور، شاه لطيف جي سر سارنگ ۾ اکين پسجن ٿا. شاعرانھ عڪاسي ۽ مصوريءَ کان، جنھن جو مٽ يا مثل اسلامي زبانن جي اعليٰ نظمن ۾ ملڻ مشڪل آهي، ھو پيغمبر پاڪ ڏانھن سندس شافع ھئڻ جي حيثيت ۾ رجوع ٿئي ٿو جو ڏينھن قيام جي بطور شفيع جي نروار ٿيندو، جتي سندس شفاعت انھيءَ مان عيان ٿيندي جو پنھنجي امت کي لوح ڪرسي وٽ ويجھو آڻي بيھاريندو ۽ الله تبارڪ وتعاليٰ پنھنجي محبوب جي سڪ صدقي سموري اُمت تي بخشش ڪندو:

منھنجي سيد سار لھندو،مون کي آهه اميد الله ۾

مھت ڏيندس مولو اُت بديون بخشائيندو

حضرت محمد صلعم جي شافع ھئڻ واري خيال ڪروڙين ماڻھن کي تسڪين بخشي آھي، جن ماڻھن حضور پاڪ سان فقط الفت ۽ عقيدت رکي. ڇاڪاڻ تھ حضور صلعم جن، مثل برسات جي پاڻ الله پاڪ جي بخشش ۽ رحمت جي علامت ھئا، حالانڪ اھي محبت رکندڙ ماڻھو تصوف جي انھيءَ اونھي اسرار ۽ فڪر کان بلڪل بي خبر ھئا، جيڪي راز ۽ رمزون چند صوفياءِ ڪرام طرفان حضور صلعم جن ڏانھن منسوب ڪيون ٿي ويون.

ھڪ دفعو وري بھ شاه لطيف، برساتي مند جي انھن بھارين ۽ نظارن جي عڪاسيءَ ڏانھن رجوع ٿئي ٿو، جي ورثي ۾ مليل رسمن ۽ روايتن جي موافقت ۾ آھن. جيستائين وري ھو پنھنجي اٿاه عشق کان متاثر ٿي اھڙو شعر منظوم ڪري ٿو، جنھن کي اسين سنڌي ٻوليءَ جو اولين جاگرافيائي شعر چئي سگھون ٿا ۽ ان شعر ۾ ڪيترن اھڙن علائقن جو ذڪر آھي، جتي ابر رحمت پھچي ٿو. اھو عالم آشڪار آھي تھ اھڙي انداز ۾ جڳھين ۽ ھنڌن جا نالا بيان ڪرڻ جو طريقو (۽ گھڻو ڪري ’الف ب‘ جي ساڳئي اکر سان شروعات ڪرڻ) شاه کان ڪجھھ عرصو پوءِ نھايت مقبول عام ٿي ويو ۽ نھ فقط حضور پاڪ صلعم جن ڏانھن منسوب ڪيل مولودن ۽ نعتن ۾، پر شاه عبدالقادر جيلانيءَ جي شان ۾ پڻ چيل بھترين اشعارن ۾ بھ اھو طريقو استعمال ڪيو ويو. شاه عبداللطيف ابر رحمت کي اکئين پسي ٿو، جنھن جي مھر سبب سمورا وڇوڙا ختم ٿي ويندا ۽ جنھن باعث خشڪ لب وري مشڪندا ۽ ڪومايل دليون وري ھڪوار ٽڙنديون ۽ ھو رحمت جي ڪڪر جو سموري اسلامي دنيا مٿان ڦھلاءُ ڏسي ٿو، جنھن جي طفيل روم ۽ چين تي املھھ عنايتن جو وسڪارو ٿئي ٿو. ساڳيءَ ريت استنبول ۽ سمرقند، دھلي ۽ جيسلمير، گرنار ۽ بيڪانير تي مھر جو مينھن وسي ٿو ۽ اڳڀرو ھلندي اھو ڪڪر سندس وطن واري ملڪ جي ويجھو اچي ٿو:

موٽي مانڊاڻن جي، واري ڪيائين وار

وڄون وسڻ آئيون، چوڏس ۽ چوڌار

ڪي اُٿي ويون استنبول ڏي، ڪي مڻيون مغرب پار

ڪي چمڪن چين تي، ڪي لھن سمرقندين سار

ڪي رمي ويون روم تي، ڪي ڪابل ڪي قنڌار

ڪي دھلي، ڪي دکن، ڪي گڙن مٿان گرنار

ڪن جنبي جيسلمير تان، ڏنا بيڪانير بڪار

ڪنھين ڀڄ ڀڄائيو، ڪنھن ڍٽ مٿي ڍار

ڪنھن اچي عمرڪوٽ تان وسايا ولھار....

اھا ھڪ حقيقت آھي تھ شاه صاحب انھيءَ پيغمبري روايت جو سراپا قائل ھو تھحب الوطن من الايمان“ يعني پنھنجي وطن جي حب ايمان جو حصو آھي (جيئن سندس سورميون، مثل مارئيءَ جي، ھن نڪتھ نگاه کان بي نظير نمونو ھيون) ۽ انھيءَ باعث شاه توقع رکي ٿو تھ ابر رحمت جو مرڪز سندس محبوب وطن تي نازل ٿيندو، جنھن لاءِ ھو دعا جا ھٿ کڻي ٿو ۽ جنھن دعا لاءِ اسين اھا اميد رکون ٿا تھ ھميشھ اگھامندي رھندي تھ ’سنڌ ۽ سموري دنيا تي، جتي جتي ابر رحمت جي درڪار آھي، الاھي ٻاجھھ وسندي رھي.“

سائينم! سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار

دوست مٺا دلدار! عالم سڀ آباد ڪرين.

 

 

 

No comments:

Post a Comment