شاهه جو رسالو

Monday, 2 February 2015

شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ زمان ۽ مڪان جو فلسفو ــ ڊاڪٽر غفور ميمڻ (Dr. Ghafoor Memon)

ڊاڪٽر غفور ميمڻ

شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ زمان ۽ مڪان جو فلسفو

والعصر. ان الانسان لفي خسر. الا الذين آمنوا وعملوا الصٰلِحٰت وتواصوا بالحق وتواصوا بالصبر.
ترجمو: “وقت جو قسم، بيشڪ انسان خساري ۾ آهي سواءِ انهن ماڻهن جي جن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا ۽ پاڻ ۾ حق جي وصيت ڪئي ۽ هڪ ٻئي کي صبر جي نصيحت ڪئي”. (1) توهان ڪڏهن سوچيو آهي ته خدا وقت جو قسم ڇو کنيو آهي؟ قسم هميشه انهيءَ شيءِ جو قسم کڻبو آهي جيڪا قيمتي، پياري، اهم ۽ افضل هوندي آهي. اسان الله جو قسم کڻندا آهيون پر الله وقت جو قسم کنيو آهي. انهي جو جواب مٿئين سوره ۾ ئي موجود آهي. پهرين ڳالهه ته انسان خساري ۾ آهي، وقت سان گڏ انسان فنا ٿيندو وڃي پر جيڪڏهن خساري کان زندگي جو تصور آهي ۽ اهي ماڻهو جن وقت جي اهميت جو احساس ڪيو ۽ وقت مان صحيح فائدو ورتو، يعني ايمان آندائون. نيڪ عمل، حق جي وصيت ۽ صبر جي تلقين ڪئي، اهي سجايا ٿي ويا. وقت جي وٿي ۾ امر ٿي ويا. جن وقت جو قدر نه ڪيو اهي نقصان ۾ رهيا. ننڍي هوندي درسي ڪتاب ۾ پڙهندا هئاسين. “وقت چئي آئون بادشاهه” اها ڳالهه هاڻي سمجهه ۾ اچي ٿي ته هن مادي دنيا تي حڪمراني وقت جي آهي ۽ اسان وقت جي وسعت ۾ هڪ رخ ۾ سفر ڪري رهيا آهيون. اسان وقت ۾ ڦاٿل آهيون، اسان وقت کان ٻاهر نٿا نڪري سگهون.وقت ڇا آهي؟ ڇا وقت قطعي (absolute) آهي. وقت خيالي آهي؟ ڪجهه سائنسدانن جو خيال آهي ته وقت ٻن واقعن جي وچ واري عرصي جو نالو آهي ۽ سڀک کان پهريون واقعو بگ بئنگ (Big Bang) وارو آهي. وقت اتان شروع ٿيو آهي. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته “بگ بئنگ” کان اڳ ڇا هو؟ ڇا وقت جو ڪو به تصور نه هو؟ ڇا ڪا ڪائنات هئي.
هندو مذهب دنيا جو واحد عقيدو آهي جنهن ۾ ڪائنات جي ڏند ڪٿا موجود آهي، جيڪوواقعي اڄڪلهه جي جديد فلڪيات سان ملندڙ جلندڙ آهي. جيڪو عجيب اتفاق آهي.ڪائنات جي لامحدود وسعت ۾ اسين هڪ واريءَ جي ذري جي حيثيت نٿا رکون پر اهو سڀ ڪجهه سوچي رهيا آهيون ته ڇا جيئن اسان کنڊ ڳوليا، سمنڊ جهاڳيا، چنڊ تي پهتاسين اهڙي طرح ڪائنات جي وسعت کي پروڙينداسين. انهي سلسلي ۾ جواب آئنسٽائن (Einstein) ڏئي ٿو. 1915ع ۾ آئنسٽائين ٿيوري آف ريليٽوِٽي (of Relativity Theory) ڏني. E= mc² (انرجي يا سگهه) برابر آهي M (ماس يعني مايي) ۽ C² (روشنيءَ جي ٻيڻي رفتار) جي. هن جو مطلب هو ته وقت جوتعلق روشنيءَ جي رفتار سان آهي، پر آخري رفتار روشنيءَ جي رفتار آهي ٻيون سڀ رفتارون اضافي آهن پر روشني جي رفتار سان مادو سفر نٿو ڪري سگهي. جڏهن ڪو به مادو روشني جي رفتار سان سفر ڪندو ته انرجي (سگهه) ۾ تبديل ٿي ويندو. تنهن ڪري اسان مجبور آهيون هن زمان ۽ مڪان ۾  قيد رهڻ لاءِ، پر اسان ڪو خيال، علم حاصل ڪرڻ جي سگهه، تخيل، تصور وڏي رفتار سان سفر ڪري سگهي ٿو. زمان ۽ مڪان جي حدن کان ٻاهر نڪري سگهي ٿو. ان وقت اسان جو تخيل، سوچ اسان جي زمان و مڪان ۾ قيد ٿيل مادي وجود سان ٽڪراءُ ۾ اچي ويندي. وجود ۽ خيال يعني نفسيات جو رشتو ڊسٽرب ٿيڻ لڳندو ۽ ماڻهو هڪ جڳهه تي منجهي حيرانيءَ جي ڪن ۾ غوطا کائڻ لڳندو ته چريو ٿي ويندو. سائنسدان خيال جي رفتار کي نٿا مڃين ائين چئجي ته ڪلاسڪ مڪينڪس ٿيوري وارا انهي ڳالهه کي نٿا مڃين جن ۾ ڪيپلر، گليلو، نيوٽن ۽ خود آئنسٽائن به ڪلاسڪ ميڪينڪس نظريي جو وڏو حامي هو. هن نظريي مطابق ڪائنات، باقاعدا اصولن، ضابطن، منطق تحت هلي ٿي، جيئن آئنسٽائن چيو هو ته خدا ڪا ڇڪي راند ڪا نه کيڏي آهي.
“God does not play dice” پر مزي جي ڳالهه اها ته آئنسٽائن کي نوبل انعام وري ڪوائنٽم مڪينڪس ٿيوري  (Quantum Mechanics Theory) تي مليو. هاڻي ڪوائنٽم مڪينڪس ڇا آهي؟ فرض ڪريو ته مان روز ڪم ڪريان ٿو. صبح کان شام تائين حرڪت دوران ظاهر آهي منهنجي طاقت ضايع ٿيندي. معنيٰ منهنجو مايو (Mass) گهٽجندو پر وري کاڌو کائي اها انرجي قائم ڪندس ۽ مايو برقرار رکندس، بلڪل اهڙي طرح جيئن هڪ ائٽم ۾ اليڪٽران پنهنجي نيوڪلس جي چوڌاري گردش ڪري ٿو. انهي ڪري ته منجهس (-) منفي چارج آهي۽ پروٽان ۾ (+) مثبت چارج آهي، حرڪت سان سگهه پيدا ڪري ٿو يا انرجي جنريٽ ڪري ٿو ۽ ڪلاسڪ ٿيوري مطابق اليڪٽران حرڪت جي ڪري سندس انرجي ضايع ٿيڻ گهرجي ۽ ڇو ته انرجي جو تعلق موومينٽ يا چرپر سان آهي ۽ ائٽم کي KC=1/2 mv² فارمولي مطابق (0.000001) عرصي ۾ تباهه ٿي وڃڻ گهرجي پر حيرت آهي ائٽم تباهه نٿو ٿئي. وري انرجي حاصل ڪٿان ٿو ڪري جو برقرار رهي ٿو. انهي جو جواب ڪوائنٽم مڪينڪس ڏئي ٿي ڇو ته ڪوائنٽم مڪينڪس ڪنهن به مشاهدي لاءِ قطعي نتيجي جي پيشن گوئي نٿي ڪري. بلڪه ڪيترائي نتيجا ڪڍي ٿي. يعني هڪ ئي مسئلي جو حل الف به نڪري سگهي ٿو ۽ ب به نڪري سگهي ٿو. اهڙي طرح سائنس ۾ ڪوائنٽم مڪينڪس غير يقيني ۽ عدم تعين جو هڪ اڻٽر عنصر متعارف ڪرائي ٿي.
هاڻي ڪوائنٽم مڪينڪس جي مطابق اليڪٽران انهي ڪري تباهه نٿو ٿئي ڇو ته اليڪٽران شعاع آهي. پارٽيڪلز يا ذرات به آهي. سوال اهو آهي ته جيڪڏهن مادو آهي ته حرڪت لاءِ انرجي ڪٿان ٿو آڻي ۽ ايتري اسپيس ۾ حرڪت سان انرجي ۾ تبديل ٿي وڃڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن انرجي آهي ته ضايع ڇو نٿي ٿئي. اهڙو هڪ توهان کي ٻيو مثال ڏيان هر شيءِ کي ڪشش روڪي ٿي متاثر ڪري ٿي. يعني روشني جي رفتار هڪ سيڪنڊ ۾ 3 لک ڪلوميٽر آهي. وڏن مادي جسمن سان ٽڪرائڻ کانپوءِ سندس سفر جي اسپيڊ ۾ فرق اچڻ کپي پر نه روشني جي رفتار يڪسان رهي ٿي، روشني جي رفتار ۾ ڪا گهٽتائي نٿي اچي، اسان جنهن کي حال چئون ٿا اهو به رفتار تي دارومدار رکي ٿو. يعني توهان جو مون کي ڏسي رهيا آهيو اهو 00001. سيڪنڊ اڳ جو ماڻهو ڏسي رهيا آهيو ڇو ته مون سان روشني ٽڪرائجي توهان تائين پهتي پوءِ توهان مون کي ڏٺو. اهڙي طرح سج جيڪو اسان ڏسون ٿا اهو 8 منٽ 20 سيڪنڊ پراڻو هوندو آهي ۽ ڪي اهڙا ستارا آهن جن جي روشني اسان تائين پهچڻ ۾ سوين سال لڳائي ٿي. يعني اسان آسمان ۾ نهاريون ٿا ته ماضيءَ ۾ نهاريون ٿا. ڪو اهڙو ستارو به اسان ڏسي رهيا هونداسين جيڪو هن وقت تباهه ٿي ختم ٿي ويو هوندو پر ان جو عڪس اسان تائين هاڻ پهتو آهي. اهڙي طرح اسان ڌرتي جو ماضي به ڏسي سگهون ٿا. جيڪڏهن اسان روشنيءَ جي رفتار کان وڌيڪ سفر ڪري سگهون ته ڌرتي جو ويندڙ عڪس جو اڳ وٺي ان کي ڏسي سگهون ٿا. ڪارل ساگان انهي سلسلي ۾ ڏاڍي مزي جي ڳالهه ڪئي هئي ته اسان پنهنجي پيءُ جي شادي به ڏسي سگهون ٿا پر اهو اڃا تائين ممڪن ناهي.
وقت وڏو راز آهي جيڪو روشنيءَ جي رفتار ۾ لڪيل آهي. هر شيءِ گذري ٿي پيدا ٿئي ٿي ۽ فنا ٿئي ٿي. اهو عمل وقت جو آهي مادي جي قيد سرحدن جو آهي. يعني ٻه شيون مادي ۾ قيد آهن. هڪ وقت ٻيو انرجي. اسان مادي کي ٽوڙي انرجي (Energy = mass × velocity of light square) آزاد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. يورينيم ڌاتو جو هڪ ائٽم ٽوڙي اسان ائٽم بم ٺاهيو توهان کي خبر آهي ته انهن ائٽم کي سڄو نٿو ٽوڙيو وڃي صرف 0.1% انهي جو ماس انرجي ۾ تبديل ڪندا آهيون ۽ اهڙي طرح ڪجهه مادو ٽوڙي جيڪا انرجي حاصل ٿئي ٿي اها ناگاساڪي، هيروشيما جي تباهي جو سبب بڻجي ٿي. جيڪڏهن فرض ڪريو منهنجو وزن m= 90kg آهي. انهي کي جيڪڏهن انرجي ۾ تبديل ڪيو وڃي ته انرجي
E90 ×(3×10)² =8.1× 10  E=mc² ×  پيدا ٿيندي. اسان صرف .1% انرجي جي ماس جي اڌ ڪلو مان ڇا ٿا ڪري سگهون. شاهه لطيف چوي ٿو:
حقيقت هن حال جي، ظاهر ڪريان ذري،
لڳي ماٺ مرن کي، ڏونگر پون ڏري،
وڃڻ وڻ ٻري، اوڀڙ اڀڙي ڪين ڪي.
(ڪوهياري)
اها ڪهڙي حقيقت آهي جنهن جو ڀٽائي ذڪر ڪري ٿو. جنهن سان جبل ڏري پون ٿا، وڻ ٻري پون ٿا، هر شيءِ خاموش ٿي وڃي ٿي. اها انرجي آهي جيڪا مادري وجود جي اندر سرگرم آهي ۽ وقت جي وٿيءَ ۾ ڦاٿل آهي ۽ هر شيءِ جيڪا وقت ۾ ڦاٿل آهي اهي بي چين آهي. مسلسل تڙپ ۾ آهي ڇو ته مسلسل گذرڻ جو عمل وقت سان لاڳو آهي، ڪا به ساهه پٽڻ جي جاءِ ناهي، ڪا به تسڪين (Satisfaction) ناهي.
کامان پچان پڄران، لڇان ۽ لوچان،
تن ۾ تونس پرينءَ جي، پيان نه ڍاپان،
جي سمنڊ منهن ڪريان، ته سر ڪيائي نه ٿئي.
ايتري بيچيني ڪٿان آئي، اها بيچيني مادي وجود جي آهي. وقت جي وهڪري جي آهي، ڇو ته ڪثرت جو هر ذرو تڙپي ٿو. ميلاپ لاءِ، وحدت ۾ ضم ٿيڻ لاءِ پر ٿي نٿو سگهي. ڇو ته مادي جي اها خصوصيت ئي ناهي. هو حرڪت کان بغير، تبديلي کان بغير رهي سگهي. انهي ڪري ميلاپ، وصال، خوشي عارضي آهي ڇو ته هر لمحي جي پنهنجي صداقت آهي. هر لمحو نئون آهي، ڪالهه جو سچ اڄ جو ڪوڙ ٿي سگهي ٿو ۽ اڄ جي محبت سڀاڻي جي نفرت ٿي سگهي ٿي.
شدت سان پرينءَ جي ميلاپ جي تڙپ پيدا ٿئي ٿي پر ملڻ کان پوءِ ڄڻ ڪجهه به نه مليو سڀ ڪجهه اڌورو اڌورو لڳي ٿو. پرينءَ کي وجود ۾ ضم ڪرڻ جي خواهش شدت اختيار ڪري ٿي پر پرين اوترو پري ٿيندو وڃي ۽ وقت جا فاصلا، انهي پرينءَ جي محبت کان هڪ ڏينهن عاري ڪري سگهن ٿا. سڪ گهٽجي سگهي ٿي، محبت ختم ٿي ويندي پر اوترو شدت سان وري محبت جو جذبو اڀرندو پر پرين ڪٿي آهي. پرين شايد بدلجي وڃي. ڇو ته وقت بدلجي ويندو ۽ آخر پرينءَ کي پنهنجي اندر ۾ ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.
ڪيڏانهن ڪاهيان ڪرهو؟ چوڏس چٽاڻو،
منجهين ڪاڪ ڪڪوري، منجهين لڊاڻو،
راڻو ئي راڻو، رِيءَ راڻي ٻيو ناهه ڪيو.
ڪائنات سڄي هڪ وجود آهي، راڻو اندر ۾ ئي آهي جنهن کي ٻاهر ڳولڻ جي ضرورت ناهي، پر ڪيئن ڳولجي؟ صوفي چون ٿا ته مادي وجود ۾ انا (ego) آئون پڻو آهي. يعني ٻيائي آهي. معنيٰ اصل سچائي اندر ۾ آهي پر لٽيل آهي، انهي ڪري ظاهر ڪرڻ لاءِ پاڻ کي فنا ڪرڻو پوندو. آئون پڻو ڇڏي عاجزي انڪساريءَ ۾ وڃڻو پوندو. يعني مادي خصوصيتن کان پري وڃڻو پوندو ايتري قدر جو زمان ۽ مڪان جا پردا کڄي وڃن ۽ ڪشف حاصل ٿئي. خدا اندر ۾ جاري و ساري ٿي وڃي، اناالحق جو نعرو لڳي. سائنسي طور سان انهي ڳالهه کي پرکينداسين ته اهو ممڪن ڪونهي جو خيال يعني نفسيات، ذهن زمان و مڪان کان ٻاهر نڪري وڃي ۽ ماڻهو سالم هجي يقينا هو چريو ٿي پوندو. اهو ئي سبب آهي جو اسان وٽ سنڌ ۾ چرين کي چوندا آهن ته اهي پُهتل ولي آهن مست درويش آهي. الله وارا آهن.
صوفين جي نظر ۾ اسان جو وجود بنيادي طرح آهي ئي خيال جسم ۾ قيد انرجي هڪ خيال آهي. هڪ اهڙي طاقت آهي جنهن جو تجزيو مادي حوالي سان يا مادي علم سان نٿو ٿي سگهي. سچل سائين چيو هو ته:
مين تان ڪوئي خيال آن.
ملسان نال خيال دي.
سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته عشق ڇا آهي؟ هن مادي دنيا ۾ سندس حيثيت ڇا آهي؟
توهان ڏٺو هوندو ته جڏهن به ماڻهو عشق جي جنون ۾ مبتلا ٿيندو آهي ته سندس علم، منطق، نفعو، نقصان، مطلب ته مادي ونڊ ورڇ ختم ٿي ويندي آهي. عشق جو تعلق مادي دنيا جي منطق کان بالاتر آهي. انسان جڏهن ڄمي ٿو ته جاهل ۽ ڪمزور آهي ۽ هيءَ مادي دنيا کيس علم ۽ طاقت ڏئي ٿي، پر عشق ۾ انهن ٻنهي شين جي ضرورت ناهي، عشق آخري منزل آهي توهان ڏسو علم جي شروعات حيرانيءَ سان ٿئي ٿي پر علم جي انتها به حيرانيءَ تي ختم ٿئي ٿي. آخري حيراني عرفان واري آهي. منجهس حساس پڻو، اڪيلائي، دهشت ۽ بيچيني آهي. معنيٰ اسان ائين چئي سگهون ٿا ته عشق Absolute Reality آهي جيڪا زمان و مڪان کان ٻاهر آهي ۽ سندس عنصر هن مادي دنيا ۾ انساني ذهن ۾ خصوصي طور سان موجود آهي پر اها هڪ چڻنگ آهي جيڪا دکي ٿي، پاڻ سڃاڻڻ لاءِ پاڻ مڃائڻ لاءِ. صوفي چون ٿا ته خدا به سونهن جو ڳجهو خزانو آهي پاڻ پسائڻ لاءِ پاڻ جو جلوو ظاهر ڪرڻ لاءِ هن ڪائنات ۾ ظاهر ٿيو ۽ اڄ به توهان جي حيثيت توهان جي تعريف توهان جي سونهن توهان سان محبت جو اظهار توهان کي فرحت بخشي ٿو، هاڻي نتيجو اهو ٿو نڪري.
ته عشق ۾ علم ڪم نٿو ڪري، بلڪه علم ۽ عشق ۾ تضاد آهي.
عشق ۾ تنگ نظري آهي، معنيٰ محبوب کي ڪير ڏسي به نه صرف توهان جو هجي.
عشق ۾ محبوب جو وصال وقت، زمان ۽ مڪان جون حدون نه هئڻ گهرجن، يعني وقت نه گذري، سڀ ڪجهه بيهي رهي.
شاهه لطيف چوي ٿو:
ڍول م کڻي ٻانهڙي، پرهه م کڻي پانڌ،
آئون پنهنجو ڪانڌ، لوڪان لڪي رهايان.
(ڏهر)
وقت کي بيهارڻ جي خواهش آهي، وقت Still ٿي وڃي، ڇو ته وقت گذرندو ته پرين جدا ٿي ويندو. محبت جا انمول لمحا گذري ويندا.
سڄڻ ساعت هيڪڙي، جي ٿين اکيون ڌار،
ته ڪر سڀ ڄمار، ڏٺوسين نه ڪڏهن.
(شاهه ڪريم)
صرف هڪ ساعت به پرين پري نه ٿئي پر هن زمان و مڪان ۾ اهو ممڪن آهي ئي ڪونه. اهو ته تڏهن ٿئي جڏهن وقت بيهي وڃي.
سڀ ڪجهه امر ٿي وڃي، ڇا اهو ممڪن آهي؟ اسان موٽي ٿا اچون. آئنسٽائن جي نظريي ڏانهن: روشنيءَ جي رفتار آخري رفتار آهي ۽ جڏهن ڪا به شيءِ روشني جي رفتار سان سفر ڪندي ته وقت بيهي ويندو پر اها صرف انرجي هوندي. ان جو ڪو به وقت نه هوندو. ڪا به تبديلي نه هوندي. انهي ڪري، انسائيڪلوپيڊيا آف برٽينيڪا ۾ وقت لاءِ لکيل آهي.
Time can be described only in language of material phenomena. P. 652
مطلب ته مادي کان ٻاهر ڪو به وقت جو تصور ناهي پر خود مادي جو به پنهنجو وقت آهي، زمين جو وقت مريخ کان مختلف آهي يا وري ڪي اهڙا گرهه آهن جن جو هڪ ڏينهن سئو سالن جو ٿيندو آهي ۽ ڪي اهڙا به گرهه آهن جن جو ڏينهن ٻن ڪلاڪن جو ٿيندو آهي. ڪائنات ۾ ڪا به هيٺائين مٿانهين ناهي، نه ڪو مرڪز آهي نه ڪا سرحد، ٻن واقعن جي وچ جو عرصو وقت آهي پر ڪائنات ۾ الائي ڪيترا واقعا هڪ وقت مختلف رخن کان ٿيندا آهن. وقت ڇا آهي؟
ڇا وقت صرف خيال آهي، ماڻهو وقت کي صرف پنهنجي ماحول ۾ محسوس ڪري ٿو؟ اچو ته غور ڪريون.
فرض ڪريو سائنس انهي قابل ٿي وڃي جو مادي وجود سان اسان روشنيءَ جي رفتار ۾ سفر ڪري سگهون، ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ اسان روشنيءَ جي رفتار سان سفر ڪنداسين ته وقت بيهي ويندو. اسان جي عمر نه گذرندي. اسان روشني جي رفتار جو هڪ سال ڪائنات گهمي واپس اينداسين ته نظام شمسي جو ايترو وقت گذري چڪو هوندو جو سج تباهه ٿي چڪو هوندو، ڌرتي نه هوندي، بس خلا هوندي.
نه کوئي جاده منزل نه روشني کا سراغ
بهڻک رهي هي خلائون مين زندگي ميري،
انهي خلائون مين ره جائون کا کبهي کهوکر،
مين جانتا هون مري هم نفس مگر يون هي،
کبهي کبهي ميري دل مين خيال آتا هي.
(ساحر لدهيانوي _ کبهي کبهي)
اهو آب حيات جو تصور آهي جيڪو هن وقت سائنس ۾ ناممڪن آهي پر اصولن ناممڪن ناهي، شاهه لطيف وٽ ٻه تصور آهن، هڪ مادي دنيا جو ٻيو ابديت جو، مادي دنيا جو هڪ سفر آهي، جنهن ۾ اڻ تڻ آهي، تضاد آهي، ڏک ۽ سک آهي، تبديلي آهي، شاهه صاحب فرمائي ٿو:
ڪڏهن تاڪيون ڏين، ڪڏهن کليا در دوستن جا،
ڪڏهن اچان اچڻ نه لهان، ڪڏهن ڪوٺيو پيا نين،
ڪڏهن سڪان سڏ کي، ڪڏهن ڳجهاندر ڳرهين،
اهڙا ئي آهن صاحب، منهنجا سپرين.
ڇو ته وقت جي وهنوار ۾ اڻ تڻ آهي سڀ ڪجهه گذري وڃڻو آهي، وقت جو پرين جيڪو خدا جي ڪثرتي شڪل آهي، صرف جز آهي، پر انهي جي اهميت ۽ خوبصورتي جو تجلو ڇا آهي، اهو هن شعر مان اندازو لڳايو.
گنير گت سکن، چلڻ جي چاهه پئي،
هنڊوا حيرت ۾ پيا، پسي لالائي کي لبن،
پسڻ لاءِ پرينءَ جي، وڄڙيون ٿيون وهسن،
ڪيسر قريبن، سنباهيا سيد چوي.
يعني صرف ڪارا وار کولي پرين ڪلهن تي ڇڏيا آهن پر ڇا ٿيو آهي هاٿين کي به شوق ٿي پيو آهي پرين جي چال ۾ هلڻ جو، هنڊوا (مينهن وساڙا) جيڪي برسات ۾ نڪرن ٿا ۽ ڳاڙها چپ هوندا اٿن، اهي پرينءَ جا چپ ڏسي حيرت ۾ اچي ويا آهن ۽ وڄون ڪڙڪا ٿيون ڪن، بي قرار آهن، پرينءَ کي ڏسڻ لاءِ.
پر مادي دنيا ۾ زمان ۽ مڪان ۾ جيڪڏهن پرين گڏ هجي ته پوءِ گڏ جيئي ۽ مري به يعني:
اسان ۽ پرين، شل هون برابر ڏينهنڙا.
زمان و مڪان ۾ رهندڙ ڪجهه به هٿ ناهي اچڻو، مٺ مان واريءَ وانگر سڀ ڪجهه نڪريو ٿو وڃي، ڪير ڪنهن جو نٿو ٿئي. شاهه صاحب فرمائي ٿو:
چئي چنيسر ڄام سين، ليلائي لکائي م تون،
اي ڪانڌ ڪنهن جو نه ٿئي، نه ڪا تون نه مون،
روئندي ڏٺيون مون، هن در مٿي دادليون.
(شاهه)
پرينءَ کي حاصل ڪرڻو آهي ته سسي نيزي پاند اڇل، نيستيءَ ۾ وڃ.
جي تون ڪالهه مئين، ته ڪالهه ئي گڏينءَ پرين کي،
ڪڏهن ڪين سئي ته ڪا سگهي گڏي سڄڻين.
پرينءَ سان گڏجي وڃڻ کانپوءِ ته ڪا خواهش ئي ناهي پر خواهش جو تعلق وقت سان آهي. اڄ هي ڪم نه ٿيو ته سڀاڻي ٿيندو، ته ظاهر آهي سڀاڻي اچڻ جي خواهش رهندي، وقت گذري ته هي به ٿئي هو به ٿئي. مسلسل سفر هلي پر جڏهن ڪا خواهش ئي نه هجي ته پوءِ وقت ڇو گذري.
تي بليا جب يار ملڻ پيا،
تو جمع، خميس تي ڇڻڇڻ ڪيا.
وقت ڇو گذري، سڀ ڪجهه بيهي (Still) ٿي وڃي.
اک پرينءَ جي اک ۾، آهي ڪٺل جو ڪم،
لاهي ڏيندس لطيف چوي، سسيءَ سوڌو چم،
توڻي وڃي دم، ته به اک پرينءَجي اک ۾.
پرينءَ سان جيڪڏهن رابطو جاري آهي، ڪثرت کان وحدت جو سفر مڪمل ٿي رهيو آهي ته زندگيءَ جو ڪهڙو ڪم، دم اچي يا وڃي.
هن دنيا ۾ رهي ڪري لطيف سچ جو جائزو وٺي ٿو. عشق تي غور و فڪر ڪري ٿو. درد جي دارون ڳولي ٿو ۽ پوءِ چوي ٿو.
پر ۾ پڇيائون، عشق جي اسباب کي،
دارون هن درد جو، ڏاڍو ڏسيائون،
“آخر والعصر” جو اينهن اتائون،
تهان پوءِ آئون، سڪان ٿي سلام کي.
(ڪلياڻ 8/3 شاهه)
هن دنيا ۾ درد جي دارونءَ جي ڏاڍي ڪوشش ڪيائون. عشق سبب، ڳجهه ۾، همدردي ۾، راز ۾ ڏاڍو پنهنجو ڪيائون ۽ ڇوٽڪاري جون واٽون ڏسيائون، پر آخر ۾ والعصر جڏهن ائين چيائون ته پوءِ مان سمجهي ويس. اصل راز کي، تنهن کان پوءِ ڪو به ٺهراءُ ناهي، سڪون ناهي، جڏهن وقت جي قسم جو ذڪر ڪيائون ته مان سمجهي ويس، وقت جو راز عيان ٿيندي ئي بي چيني وڌي ويئي.
زندگي زمان ۽ مڪان ۾ آهي. سندس ڪو به جوهر ناهي. هر لمحي جي پنهنجي سچائي آهي، سچ قطعي (absolute)  ناهي، جيڪڏهن آهي ته نيستي ۾ (nothingness) ۾ آهي. جهڙي طرح اسان جي وجود جي شڪل مادي جي اعليٰ ترين ۽ پيچيده شڪل آهي. اهڙي طرح اسان جو شعور انرجي جي اعليٰ ترين پيچيده شڪل آهي. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته مادي انرجي کي پيدا ڪيو آهي يا انرجي مادي کي؟ جواب آهي ته جيڪڏهن بليڪ هول جي ٿيوري مطابق هر مادي وجود فنا ٿي بليڪ هول ۾ تبديل ٿي وڃي ته منجهانس ڪا به شيءِ عڪس نه ڪندي. اونداهي ۽ صرف اونداهي هوندي. هڪ انچ اسڪوائر بليڪ هول جو وزن هزارين ٽن هوندو آهي. منجهس انرجي جي شڪل ڇا هوندي؟
ساري گل هڪ نڪتي وچ مڪدي
هڪ نڪتي ۾ ڪائنات سمٽجي ويندي پر سائنسدان واضح نه ڪري سگهيا آهن ته انرجي ۽ مادي جي شڪل عليحده بليڪ هول ۾ ڪيئن رهندي. پر ايترو ضرور آهي ته روشني جي رفتار انرجي جي الڳ شڪل واضح ڪري ٿي، معنيٰ زمان ۽ مڪان کان ٻاهر انرجي الڳ رهي سگهي ٿي، ڇا اها انرجي خدا آهي؟ ته خدا مادي ۾ قيد ڇو ٿيو؟
لطيف وٽ ٻه واضح تصور آهن، هڪ شعور جو، ساڃاهه ۽ علم جو ٻيو مادي دنيا جو، مادي دنيا جو ماڻهو مال ٿو ميڙي، حسد، ساڙ، ڪينو به ٿو ڪري، محروم ٿو رهي.
محروم ئي مري ويا، ماهر ٿي نه مئا،
چڙيءَ جيئن چهنج هڻي، لڏيائون لئا،
حباب ئي هئا، واديءَ انهي وچ ۾.
قاضي قادن جو هر شعر ڏسو:
جي سالورو سُڌ لهي، ڪنولان سندي ڪاءِ،
تو پيو پاتال ۾ هوند نه مٽي کاءِ.
انهن ماڻهن لاءِ لطيف گهڻو ڪجهه چوي ٿو:
الا کر جيئن، مدي جنين جي من ۾،
اسان ۽ پرين جون، شال اميدون پسن،
تهان پوءِ مرن، سڙي انهي سور ۾.
لطيف چوي ٿو ته ساڃاهه وند ماڻهو مايا جي رومانس مان ٻاهر نڪري انرجي جي رمزن ۾ ضم ٿيڻ لڳندو آهي. هن کي مزور نه ايندو آهي، هن وٽ سک ۽ ڏک جو تصور بدلجي ويندو آهي. لطيف وٽ صرف هڪ سهارو وڃي بچي ٿو اهو آهي پرينءَ جو.
مون کي جياريو، پرينءَ جي ڳالهه ڪري،
ڊٺو اڄ اڏيو، هينئڙو ڪوٽ برج جيان.
اصل ۾ عقل ۽ شعور جيئن ترقي ڪري اڳتي وڌي ٿو تيئين مادي دنيا مان رومانيت ختم ٿئي ٿئي ۽ انهي جي وجود ۾ مڃتا صرف عشق ۾ رهي ٿي. ٻي معنيٰ ۾ اسان ائين چئون ته علم خدا کي ڳولڻ جي راهه آهي ۽ خدا عشق آهي بلڪه مادي دنيا ۾ عشق خدا جي وصف آهي يا خدائي خاصيت آهي. لطيف جو هي شعر ڏسو.
ماڻهو گهرن مال، آئون سڀ ڏينهن گهران سپرين،
دنيا تنهن دوست تان، فدا ڪريان في الحال،
ڪيس نانءُ نهال، پسڻ تان پري ٿيو.
اڃا محبوب کي ڏٺو ئي ناهي صرف نالي ماتر کيس پنهنجو ڪيو اٿائون، ته به دنيا مال سڀ ڪجهه انهي تان قربان آهي. جاهل ماڻهو وقت جو قدر نه ڪندو آهي پر ساڃاهه وند لاءِ وقت ئي وڏو مسئلو آهي.
آخر هن ڪائنات جو اصل راز ڇا آهي؟ اسان ڪٿان اچي رهيا آهيون ۽ ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيون؟ هن ڪائنات م ڪٿي اسان کي سواءِ ٻي به ڪا زندگي آهي؟ جي آهي ته انهي جي ڇا صورت حال آهي، اڃان اسان ڪناري تي پير پُسايا آهن. ڪائنات سمنڊ جي گهرائي آهي. سائنس جي عمر 2 صديون به ناهي، شاهه لطيف زمان و مڪان جي ڪن ۾ غوطا کائي عرفانيت جي منزل تي پهچي چڪو هو. تڏهن ئي درد جي گهرائي محسوس ڪيائين.
ڪنڊي ڪلين وچ ۾، جڏهن هنيائون،
موت نه ماريائون، ڏور وجهي ويا ڏک جي.
شعور ۾ قدم رکڻ کان پوءِ عرفانيت ۾ زندگي ڇا آهي؟
اَڏ تراڇا اَهڙا، ڏونگر کي ڏارون،
هينئڙو هيرڻ پن جيان، ڦٽي ٿيو ڦارون،
ڪنهن کي ڏيکاريون، ڪونهي سوداگر سور جو.

هن مقالي مان اسان جي سامهون هيٺيان نتيجا سامهون اچن ٿا.
مادو زمان ۽ مڪان ۾ قيد آهي، وقت مادي وجود سان لاڳاپيل هڪ خيالي شيءِ آهي، ڇو ته انسان مادي ۽ انرجيءَ جو ميلاپ آهي. انهي ڪري سندس مادي جوڙجڪ جسم ۽ انرجي جي جوڙجڪ شعور کي پيدا ڪيو آهي ۽ ٻنهي جو تضاد ۽ ٻنهي جي هڪٻئي کان ويڳاڻپ شروع ٿئي ٿي.
انرجي مادي کان بغير صرف روشني جي رفتار ۾ رهي سگهي ٿي، اتي وقت ۽ تبديليءَ جو ڪو به امڪان ناهي.
عشق جو جذبو زمان و مڪان ۾ رهندي به ڪن خاصيتن سبب رجعت پسندي جو باعث آهي، ڇو ته علم، عقل، ترقي پسندي سڀ مادي علم آهن، عشق انهن کان آزاد آهي.
ترقي پسندي مادي دنيا جو فلسفو آهي، وقت سان نسبتي آهي جتي وقت بيهي وڃي اتي ڪجهه به ناهي، نيستي آهي.
شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ اڍائي سئو سال اڳ وقت کي بيهارڻ جي خواهش موجود هئي، جڏهن ته اڄ جي جديد سائنس وقت جي بيهڻ جي تصديق ڪري ٿي.
ڪو به قطعي سوچ ناهي، تنهن ڪري ڪو به نظريو، ڪو به فلسفو ڪا به آئيڊيالوجي هميشه انسان لاءِ ڪارگر ناهي، مسلسل تبديلي آهي.
شاهه لطيف وٽ ٻه طريقا آهن، هڪ مادي دنيا ۾ رومانيت سان جڙي خوشي حاصل ڪرڻ جي ٻيو ته کوج ۽ جوڳ جو.
شاهه وٽ خدا جو تصور وحدت ۾ آهي ۽ جڏهن ته هي ڪائنات ڪثرت ۾ ڦهليل آهي. يعني هر ذرو تڙپي ٿو وحدت ۾ جڙڻ لاءِ، اها ئي عشق جي شروعات آهي.
زندگي ۾ پيار جو سهارو وجود جي اظهار جو ذريعو آهي. بي تحاشا شعور جي رواني ۽ علمي وجدان، ڏک جو باعث بڻجي ٿو.
زندگي مسلسل جدوجهد جو نالو آهي پر نتيجي جي حصول کان بي پرواهه ٿي.

No comments:

Post a Comment