شاهه جو رسالو

Monday, 2 February 2015

ڀٽائيءَ جو مشاهدو ۽ ”پرين پسڻ“ وارو فهم ـــ الطاف اثيم (Altaf Aseem)

الطاف اثيم

ڀٽائيءَ جو مشاهدو ۽ ”پرين پسڻ“ وارو فهم

 سنڌ جي عظيم سدا حيات صوفي شاعر ۽ دانشور شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ چيو هو ته، ”پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي، ڪيا آگم اکڙين“. سيني ۾ سڄڻن لاءِ سِڪ سوائي ٿي ويس ته سندس نماڻا نيڻ ڀرجي آيا پر وصل سندس وس ۾ نه هو، تنهنڪري پاڻ کي سمجهائيندي چيو هئاسين ته، ”اهو ڪو ٻيو فهم، جنهن سان پسجي پرينءَ کي“. سو جانب جو جمال پسڻ خاطر پنهنجي شعور جو شهباز لامڪاني اڏائيندو رهيو. هڪ ڏينهن کيس اندر مان آواز آيو ته، ”پهرئين وڃائڻ پاڻ، پسڻ پوءِ پرينءَ جو.“ نفيس جذبن ۽ ڪومل دل جي مالڪ مها ڪوي پنهنجي حياتيءَ جا سڄا سارا ۶۳ سال انهيءَ ڳُجهه جي ڳولا ۾ ٿر، بر، بحر، واهڻ وستيون، جهنگ ۽ جبل جهاڳيندو، قدرت جي ڪارسازيءَ کي باريڪ نگاهن سان نهاريندو ۽ مشاهدو ماڻيندو رهيو ۽ ان نتيجي تي رسيو ته:
آگم اِيءُ نه انگ، جهڙو پسڻ پرينءَ جو،
سيڻن رَيءَ سيد چئي، روح نه رچن رنگ.

هن سنسار ۾ تيسين ته سونهن هئي ئي ڪِين، جيسين اتي ڪو روح رچنديءَ جو سامان، ڪو سڱ، ڪو ساٿ، ڪو وجود ڪونه هو. تصوف جي دنيا ۾ سالڪ جو سنگتي يا ساٿي اهو انسان نه هوندو آهي، جنهن کي ٻه هٿ، ٻه پير، ٻه اکيون ٿيون ۽ هو اڇو، ڀورو يا ڪارو نظر ايندو هجي. شاهه لطيف جنهن ماڻهوءَ، انسان، آدمي، بندي، بشر کي ”فهم“ بابت ٻڌائي رهيو آهي، سو اهو آدم آهي، جنهن جي اندر هڪ ٻيو انسان ويٺل آهي ۽ اهو سڀ ڪنهن کي ظاهري اک سان ڏسڻ ۾ ڪونه ايندو آهي. هن جي سخنوري ۽ پيامبريءَ جو محور ۽ مرڪز اهو ئي انسان آهي، جنهن جو اولين نالو ته هو ”آدم“، پر پوءِ هن ڪٿي پنهون، ڪٿي ميهار، ڪٿي مينڌرو، ته ڪٿي مورڙو، ڪٿي ڏياچ ته ڪٿي ڏونگر راءِ، ڪٿي تماچي ته ڪٿي ڄام سپڙ، ڪٿي هو چنيسر ۽ ڪٿي جادم جکرو ۽ لاکو ڦلاڻي سڏائيندو رهيو آهي. آدم کي انهن جدا جدا روپن ۾ ڪائنات جي ڪار وهنوار ۾ ڪردار ادا ڪندو ڏسي لطيف سائين خوشگوار حيرت جو اظهار ڪندي چيو ته، تنهنجا لکين هزارين نه، پر ڪروڙين روپ آهن. هر هڪ جيوَ جا ڌار ڌار درشن ملن ٿا، تنهنجي پارن جون پيارا ڪهڙيون پچارون ڪجن!
ڪوڙئين ڪايائون تنهنجيون، لکِن لک هزار،
جيءُ سڀ ڪنهن جيءَ سين، درشن ڌارون ڌار
پِريَم! تنهنجا پار، ڪهڙا چئي ڪهڙا چوان.
شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۽ پيغام کي فقط ۽ فقط انسان لاءِ ارپي ڇڏيو آهي، جيئن ڪائنات ۾ پهتل آفاقي ڪتابن اندر هدايتون ۽ نصيحتون انسان ذات لاءِ ئي آهن. کيس پنهنجي علم وسيلي جڏهن ڄاڻ پئي ته آدم، احسن تقويم Best Creation يعني خالق جي خلقيل اشرف مخلوق آهي ته پاڻ ان جو اقرار هيئن ڪيائون:
پاڻ هين جل جلالهُ، پاڻ ئي جان جمال
پاڻ ئي صورت پرينءَ جي، پاڻ ئي حُسن ڪمال
شاهه سائينءَ جي نظر ۾ انسان ڀلي ڪنهن به رنگ روپ يا اصل نسل سان نسبت رکندو هجي، پر ان جي اندر ساڳئي ئي سائينءَ جا سينگار آهن، جيڪو سڀني جو سرجڻهار آهي. ”هو پڻ ڪونهي هن ريءُ، هيءُ نه هن هان ڌار“ ..... سندس تصور ۾ انسان جي عظمت ۽ ارفع مقام آهي، جتي ملائڪ سندس آڏو سر جهڪايو بيٺا هئا. ڇا ته راضپو ۽ رتبو آهي.
نابودي نيئي، عبد کي اعليٰ ڪيو،
مورت ۾ مخفي ٿيا، صورت پڻ سيئي،
ڪبي ات ڪيهي، ڳالهه پِريان جي ڳُجهه جي.
هيءُ جو ايڏي بلند مرتبي جو مالڪ بڻايو ويو، سو ڪهڙي سبب؟ هو ان فوقيت ۽ فرق کي سمجهائيندي چوي ٿو ته، ”ڪي جو ڪنڀارن، مٽيءَ پائي مَنيو“ ..... ڪنڀارن مٽي ڪڍي ڳوهي، تنهن مان ته جيڪو تيار ٿيو، سو بي مثال آهي، ”سو نه ڪنهن شئي ۾، جيڪي منجهه تراب“. اها مخلوق جڙي مٽيءَ مان پر ان کي جيڪو برهه جو بار کڻايو ويو، سو ٻيءَ ڪنهن به مخلوق کڻڻ جي هام نه هنئي. عشق جي امانت ملائڪن کي به ميسر نه ٿي سگهي. ”سندي نينهن نِهي، ڪي سرفراز سسئي“. انسان کي جڏهن اشرف المخلوقات جو اعزاز عطا ڪيو ويو ته ان لاءِ کيس ڪيترين آزمائشن مان گذرڻ جو حڪم ڏنو ويو. انهيءَ مقام تي لطيف سائين عجب جو اظهار ڪندي فرمايو ته:
مون کي مون پِرين، ٻَڌي وڌو ٻار ۾،
اُڀا ائين چون، مڇڻ پاند پُسائين.
مونکي محبوبن ٻڌي کڻي پاڻيءَ ۾ ڦِٽو ڪيو آهي ۽ مٿان وري حڪم آهي ته پلئه آلا ناهن ڪرڻا. يعني هي سڀ حسناڪيون، نظر نواز نظارا ۽ دلڪشيون ڏيکاري سندن ويجهو وڃڻ جون حدون مقرر ڪيون ويون آهن. منصور حلاج کان ويندي ابن العربيءَ تائين ۽ ابن العربيءَ کان ڀٽائي عبداللطيف تائين سڀني صوفين جو روحاني رستو ساڳيو آهي، يعني ”حق هيڪڙائي“، وحدت الوجود، ”One in all & All in one“ ..... ”ڏسڻ ڏسين جي، ته همه کي حق چوين“. هو هر شئي ۾ حق جو جلوو پسندڙ آهي. لطيف کي انسان جا هٿرادو کڙا ڪيل ويڇا ۽ تفرقا ڏاڍو ڏکوئين ٿا. جڏهن مالڪ جون مهربانيون پنهنجي مخلوق تي هڪ جهڙيون آهن، سج جي روشني، چنڊ جي چانڊاڻ، موسمن جي تبديلي ڪنهن هڪڙي انساني ٽولي لاءِ مخصوص ناهي. مذهب، رنگ، نسل، ذات پات جي بنياد تي بک اُڃ اجهائڻ جا وسيلا، ڀاڄيون، کاڌا، پاڻي ورهايل ناهن. بيمارين، اهنجن، ايذائن جي علاج لاءِ دوا ۽ شفا جا طريقا مذهبي، ملڪي يا نسلي بنيادن تي فطرت مهيا نه ڪيا آهن. انسان، جيڪو مذهب جي اوٽ ۾ هڪ ٻئي کان دوري اختيار ڪري ٿو، تنهن تي ڀٽائيءَ چيو ته:
پڇيو ئي جان دوست، تان پاسي ڪر پرهيز کي،
جنين ڏٺو هوت، تن دين سڀيئي دور ڪيا.
لطيف اول آخر سچو صوفي هو، سندس قول ۽ فعل ۾ ڪو به تضاد نه هو. هُو جهڙو قرب بلاِل ۽ تمر فقير کي ڏيندو هو، اوترو ئي مانُ مَدن ۽ ورند فقير کي وٽانئس ملندو هو. سنڌ جو عظيم دانشور، انسانن کي سرگردان، پريشان ۽ پشيمان ڏسي اچرج کائي ٿو ته اهو آدم، جنهن کي نئين راهه سمجهائڻ جا سوين وسيلا موجود آهن، سو ڪيني، ڪپت، ڪروڌ ۽ مايا جي موهه ۾ مبتلا ٿي سڀ ڪجهه وساري ويٺو آهي. هن کي ڌرتيءَ تي موڪلڻ جو مقصد اهو ته نه هو ته هو جيڪو ”قالو بلى“ وارو قول ڪري آيو هو، سو وساري ويهي رهي.
لطيف پرينءَ پسڻ جو فهم اهو ڏسيو ته،
”خلق خادم جيئن ڪرين، اي راول وڏو روڳ“.

No comments:

Post a Comment