شاهه جو رسالو

Wednesday, 2 December 2015

شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ رنگ، خوشبو ۽ لباس ـــ ڊاڪٽر بشير احمد شاد (Dr. Bashir Ahmed Shad)

ڊاڪٽر  بشير  احمد  شاد

شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾
رنگ، خوشبو ۽ لباس

شاعري جيسيتائين فن ۽ فڪر جي حسناڪين سان مالا مال نه آهي، تيسيتائين اها پنهنجو مڪمل ڪارج ادا نه ٿي ڪري سگھي. شاهه لطيف سنڌي ٻوليءَ جو هڪ اهڙو شاعر آهي جنهن جي ڪلام ۾ فن جو آسمان به نظر اچي ٿو ته فڪر جو وهندڙ درياهه پڻ. ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جو مطالعو ڪرڻ سان معلوم ٿيندو ته منجھس مختلف عڪسن جو ڀرپور ذڪر ٿيل آهي. ان حوالي سان ڊاڪٽر تنوير عباسي سٺو ڪم ڪيو آهي پر وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت کي محسوس ڪندي مون هن مقالي ۾ شاهه جي عڪسي شاعريءَ منجھان رنگ، خوشبو ۽ لباس جا حوالا يڪجا ڪيا آهن. انهن مان رنگ ۽ خوشبو جو تعلق سڌو سنئون عڪسي شاعريءَ سان آهي ۽ لباس جو تعلق ڪلچر سان. پر لباس جا به مختلف رنگ ۽ روپ ٿين ٿا. ان ڪري هي مقالو انهن ٽنهي جو سنگم آهي.
شاعريءَ ۾ عڪس پيدا ڪرڻ جا مختلف طريقا ٿي سگھن ٿا. يا ته ڪنهن نظاري جي چٽسالي، يا ڪنهن ماڻهوءَ جي مهانڊن جو ذڪر اهڙيءَ ريت ٿيل هجي جو هو بهو اهڙو نظارو اکين اڳيان چٽائيءَ سان اڀري اچي. ان قسم جي عڪس کي نظري عڪس (Visual Image) چئبو آهي. فطرت جي رنگن جو نظارو انهيءَ قسم جي عڪس منجھان اڀري ٿو. ائين وري ڪنهن ماحول يا چيز جو ذڪر اهڙيءَ ريت ڪجي جو ان جي خوشبوءِ يا بدبوءِ جو احساس ٿئي ته ان کي چئبو آهي سنگھڻ جو عڪس (Olfactory Image). ٻين عڪسن ۾ آوازي عڪس (Auditory Image)، چکڻ جو عڪس (Test Image)، ڇهڻ وارو عڪس (Tactile Image) ۽ ٿڌي گرم جو تاثر پيدا ڪرڻ وارو عڪس (Thermal Image) شامل آهن. اسان جي هن مقالي جو تعلق نظري ۽ سنگھڻ وارن عڪسن سان آهي.
لطيف سائين ماڻهن جو ڌنار هو، سندس شاعري ڪتابن جي مطالعي بدران فطرت جي مشاهدي مان ڦٽي نڪتي آهي. هن مشاهدي واري اک سان پنهنجي آس پاس جيڪي ڪجھ محسوس ڪيو ان جو اظهار نهايت خوبصورتيءَ سان برملا ڪري ڏنو. ان ڪري سندس شاعريءَ ۾ ڪٿي رنگن جو ذڪر آهي ته ڪٿي خوشبو جو. ائين ئي ڪٿي وري هن مادي ڪلچر جي جھلڪ طور لباس جا رنگ چٽيا آهن. شاهه جي رسالي ۾ ڪي اهڙا بيت به ملن ٿا جن ۾ هڪ ئي وقت رنگ، خوشبو ۽ لباس جو ذڪر ملي ٿو. هتي اسين پهريان شاهه جي رسالي مان چونڊيل بيتن جي روشني ۾ ٽنهي جو الڳ الڳ ذڪر ڪندا سين ۽ آخر ۾ اهڙا بيت ڏيندا سين جن ۾ ٽنهي شين جو گڏيل طور ذڪر ٿيل آهي.

رنگ
ڌڻي هن ڪائنات کي مختلف رنگن سان سنواري، سينگاري پيدا ڪيو آهي. اهي رنگ اسان کي بيحد متاثر ڪن ٿا ۽ هر رنگ پنهنجو الڳ تاثر ڇڏي ٿو. هن ڪائنات ۾ اسان کي قوس و قزح جا ست رنگ به نظر اچي رهيا آهن. مٿي نگاهه ڌريو ته ڏينهن جو آسمان جو نيرو ۽ رات جو ڪارو رنگ، سج اڀرڻ مهل افق جي زرد ۽ سفيد رنگ ۽ سج لهڻ وقت شفق جي لالاڻ وارا رنگ من موهيندڙ آهن. زمين تي نظر وجھو ته فصلن ۽ وڻن ٽڻن جا چهچ ساوا رنگ، سرنهن ۽ سورج مکيءَ جا پيلا رنگ، مٽيءَ جو ميٽوڙي رنگ، پهاڙن جا حسين رنگ، درياهن ۽ آبشارن جا رنگ، چانڊوڪي رات جا رنگ، اڻٽيهين اونداهه جا رنگ، جيتن جانورن جا رنگ، پوپٽ جي پرڙن رنگ ۽ گلن ڦلن جا رنگ وغيره فطرت ۾ چوڌاري ڦهليا پيا آهن.
رنگن جي کناکيڙ ڪندي ڊاڪٽر تنوير عباسي پنهنجي ڪتاب ”شاهه لطيف جي شاعري“ ۾ سر لاٽ جي حوالي سان رنگن کي ٻن گروهن ۾ ورهايو آهي. هڪڙا وڌندڙ ۽ Advancing رنگ، جيڪي ڳاڙهو، پيلو ۽ اڇو آهن. ٻئي گروهه جا ٿڌا رنگ نيرو، واڱڻائي ۽ ڪارو. سائو رنگ ٻنهي گروهن جي وچ ۾ آهي.
ينگ جي نفسياتي ڇيد موجب نيرو ۽ پيلو رنگ سج جو رنگ آهي. ڳاڙهو، رَتُ ۽ باهه جو رنگ آهي. شاهه لطيف ڳاڙهي رنگ لاءِ جيڪي ٻيا لفظ استعمال ڪيا آهن انهن ۾ لال، لالڻ، رت ورنو، ڪڪور، ڀنڀو، مڃٺ، ارتو، ريٽو، رتول، کهنبو، سرخ، ڪڪو، رتڙو وغيره شامل آهن. هندوستان ۾ ديوي ماتا (Mother Godesst) جو رنگ ڳاڙهو آهي. اڇو رنگ نرملتا ۽ نج پڻي جو رنگ آهي. انهيءَ ڪري ان کي امن جو رنگ پڻ چيو ويندو آهي. سائو، زمين ۽ ڇهڻ جهڙين اسرندڙ شين جو رنگ آهي، ان ڪري احساسن جو رنگ آهي. ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي اڀياس مطابق شاهه سائين جي رسالي ۾ ڳاڙهو رنگ نوي بيتن ۾ استعمال ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ڪاري رنگ جو ذڪر ٻئي نمبر تي ٻٽيهن بيتن ۾ ۽ اڇو رنگ سترهن بيتن ۾ ڪم آيل آهي.
شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ الڳ الڳ رنگن جو ذڪر ملي ٿو، جن ۾ ڳاڙهو، اڇو، ڪارو، نيرو، پيلو وغيره شامل آهن. هتي شاهه جي رنگي شاعريءَ مان ڪجھ مثال پيش ڪجن ٿا.
سُر آسا جو بيت آهي:
سرمو سياهيءَ جو رنن کي رهاءِ،
ڪاني ڪارائيءَ جي، مڙس ٿي مَ پاءِ،
اکين ۾ اٽڪاءِ، لالائي لالن جي.

مٿين بيت ۾ ڪاري ۽ ڳاڙهي رنگن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. سرمي جو رنگ ڪارو ٿيندو آهي ۽ اکين ۾ پائڻ سان سونهن سرس ٿيندي آهي. هار سينگار ڪرڻ عورت جو مرڪ آهي، جيڪو مرد کي نه ٿو جڳائي. تنهن ڪري شاهه سائين مرد سان مخاطب ٿي چوي ٿو ته تون پنهنجي اکين ۾ سرمو وجھڻ بدران لالائي پيدا ڪر،  جيڪا مردانگيءَ جي نشاني آهي. مردن جي اکين ۾ هميشه حشمت جي لالاڻ هوندي آهي. هتي ڪاري رنگ کي عورت جي سينگار جي علامت طور ۽ لالاڻ مان مراد همت، حوصلي ۽ مردانگيءَ جي نشاني طور ورتي وئي آهي.
ساڳي سلسلي جو هڪ ٻيو بيت آهي:
سرمو سرخيءَ جو، جڏهن پاتو جن،
تڏهن ڏٺي تن، رونق ريٽي جهڙي.  (سُر آسا)
سُر سارنگ جو هڪ بيت آهي:
سارنگ سا ئي سٽ، جهڙي لالي لاک جي،
اِيءَ سي اٻن انگيا، جنءِ سي چُنيءَ چٽ،
برسيو پاسي ڀٽ، ڀريائين ڪنَ ڪراڙ جا.

رحمت ڀريا ڪڪر لاک جهڙو ڳاڙهو روپ وٺي اڀريا آهن ۽ چُنيءَ جي چٽن جهڙي ڏِک ڏين ٿا. چُنيءَ لاءِ پوتي يا رئي جو لفظ به استعمال ٿيندو آهي. نيرولي چُنيءَ تي گھربل چِٽ ڪڍڻ لاءِ ان جي مٿان اول نشان ڪري، انهن تي سڳو ٻڌي سوگھو ڪندو آهي ۽ پوءِ رنگن ۾ رڱي سڪائڻ بعد اهي سڳا کولي ڇڏيندو آهي ته چني چٽجي ويندي آهي. چنيءَ جي چٽن سان تشبيهه ڪيڏي نه خوبصورت ٿي لڳي. هتي رحمت ڀريل ڪڪرن جي تمثيل ڳاڙهي رنگ ۽ چُنيءَ جي چٽن سان ڏني وئي آهي.
سُر آسا جو ئي هڪ ٻيو بيت آهي:
سرمو سفيديءَ جو، جڏهن پاتو جن،
تڏهن ڏٺي تن، اڇائي عالم ۾.

بيت جو مفهوم ڪجھ هن ريت آهي ته جن سالڪن پنهنجي اکين کي ٻيائيءَ جي غلاظت کان پاڪ ۽ صاف ڪيو انهن تي ڪائنات جي حقيقت کُلي وئي ۽ کين هر طرف روشني ئي نظر آئي، سندن سڀ غير گمان ختم ٿي ويا. هتي اڇي رنگ جو ذڪر ڪيل آيل آهي، جنهن جي معنى روشني يا سهائي ورتي وئي آهي.
سُر کاهوڙي جو هڪ بيت آهي:
ڪاري رات اڇو ڏينهن، ايءَ صفتا نور،
جتي ڀِري حضور، تتي رنگ نه روپ ڪو.
مٿين بيت ۾ ڪاري ۽ اڇي رنگ جو ذڪر آيل آهي. شاهه سائين سچن سالڪن ۽ اٽل عاشقن جا پار پتا ٿو ٻڌائي ته اهڙن انسان آڏو ڪاري رات به اڇي ڏينهن وانگر روشن هوندي آهي ۽ اها روشني انهن اکين وارن جي صفت آهي.
سُر ڪيڏاري جو هڪ بيت آهي:
مير مدينيا نڪري، آيا نه موٽي،
ڪارا رڱج ڪپڙا، ادا نيروٽي،
آنءُ تنين لاءِ لوٺي، جي مسافر رانئيا.

مٿين بيت ۾ ڪربلا جي شهيدن جي غم ۾ امامن جو عاشق نيروليءَ سان مخاطب آهي ته منهنجي ڪپڙن کي ڪارو رنگ ڪري ڏي. هتي ڪارو رنگ ڏک، مايوسي ۽ غم جي علامت طور استعمال ٿيل آهي.
شاهه سائين جي رسالي ۾ رنگن جي حوالي سان ٻيا به ڪيئي بيت آهن، جن مان ڪجھ مزيد بيت يا بيتن جون مخصوص سٽون هيٺ ڏجن ٿا.
عاشق عزازيل، ٻيا مڙيئي سڌڙيا،
منجھان سڪ سبيل، لعنتي لعل ٿيو. (سُر يمن ڪلياڻ)
ـــــــــــــ
چنڊ چٽائي تُنهنجي، سياهيءَ ۾ سور،
لايان لال لڱن کي، چندن ڀري ٻور،
ڪوماڻو ڪپور، مون واجھائيندي پرينءَ کي. (سُر کنڀات)
ـــــــــــــ
ڪاري رات ڪچو گھڙو، اڻٽيهه اونداهي. (سُر سهڻي)
ـــــــــــــ
سونا ڪُرَ ڪَنن ۾، ڳچيءَ ڳاڙها هارَ. (سُر ليلان چنيسر)

خوشبو
انسان جو رنگن وانگر خوشبو سان ازلي ناتو آهي. هو ٻنهي شين کي پنهنجي ذوق ۽ فهم ذريعي استعمال ۾ آڻيندو رهيو آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ خوشبو لاءِ سڳنڌ، سرهاڻ، هڳاءُ، واس ۽ اگر جهڙا لفظ ڪتب ايندا آهن. خوشبو کي هر باذوق ماڻهو پسند ڪري ٿو، ڪنهن کي گلاب پسند آهي ته ڪنهن کي رابيل، ڪنهن کي چنبيلي ته ڪنهن کي موتيو. شاهه سائين خوشبو جي ڪيترن ئي اسمن جو ذڪر پنهنجي رسالي ۾ ڪيو آهي، جئن عطر، مشڪ، عنبير، عود، کٿوري، مگرو، ارغچ وغيره.
سُر مومل راڻي جو بيت آهي:
سون ورنيون سوڍيون، روپي رانديون ڪن،
اگر اوطاقن ۾، کٿوريون کٽن،
اوتيائون عنبير جا، مٿي طاق تڙن،
ٻاٽن ٻيليون ٻڌيون، پسيو سونهن سڙن،
ٿئا لاهوتي لطيف چئي، پسڻ لئه پرين،
اجهي ٿا اچن، ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي.

مٿين بيت ۾ خوشبو سان معطر ماحول جو ذڪر ڪيل آهي. مومل جي ڪاڪ جي منظرڪشي ڪندي لطيف سائين فرمائي ٿو ته اُتي سون جهڙيون سوڍيون، جيڪي رپين سان رانديون پيون ڪن. عود جهڙي قيمتي ڪاٺي سندن بيٺڪن ۾ ٻري ٿي ۽ سندن کٽون خستوريءَ جي خوشبوءَ سان واسيل آهن. ڪاڪ محل جي تڙن تي عنبير جي اوت ڪيل آهي. هتي اگر، کٿوري ۽ عنبير خوشبو جي عڪس کي اڀارين ٿا.
سُر سهڻيءَ جو هڪ سهڻو بيت آهي:
لهر مڙيوئي لال، وهڻ کٿوريان وترو،
اوٻارا عنبير جا، جر مان اچن جال،
ڪُنن گھڙي ڪال، سڪ پريان جي سهڻي.

سهڻيءَ جي ٻڏڻ کان پوءِ جڏهن درياهه جا جانور جڏهن کيس چيري ۽ چچري ٿا ڇڏين ته درياهه جو پاڻي سندس خون سان لال ٿي وڃي ٿو پر سهڻيءَ جي جسم ۾ جا کٿوريءَ واري خوشبو آهي سا درياهه جي پاڻيءَ ۾ گڏجي ٿي وڃي ۽ جر مان عنبير جا اوٻارا ٿا اچن. سهڻي جي من ۾ پرينءَ سان ملڻ جي سڪ هئي ان ڪري جڏهن ڪالهه اها درياهه ۾ گھڙي هئي ته هن جو تن بدن ان سڪ جي سڳنڌ سان واسيل هيو. هن بيت ۾ سڪ سان سلهاڙي خوشبو جي احساس کي نهايت خوبصورت نموني اڀاريو ويو آهي.
لباس
لباس جو انسان جي زندگيءَ سان گھرو تعلق آهي، جنهن وسيلي هو پنهنجي ستر پوشي ڪري ٿو. هر انسان پنهنجي شخصيت مطابق لباس جو انتخاب ڪري ٿو. عام طور چوڻي آهي ته کائجي من پسند ۽ چوڙجي جڳ پسند. جنهن جو مطلب آهي ته لباس اهڙو اختيار ڪجي، جنهن سان انسان جي شخصيت متاثر ڪندڙ ٿي پوي. پر ڪن صورتن ۾ پائڻ لاءِ ڪجھ سٺو ملڻ به غنيمت هوندي آهي. غريب ۽ اٻوجھ طبقي کي سادي کان سادو لباس به قبول هوندو آهي. هڪ لحاظ کان ڏسجي ته ان سادي لباس ۾ به هڪ الڳ ثقافتي سونهن هوندي آهي، ٿر جو لباس ان جو مثال آهي. شاهه لطيف پنهنجي ڪلام ۾ سنڌي ڪلچر جي حوالي سان مختلف قسم جي لباس جو ذڪر ڪيو آهي. جهڙوڪه ڌٻرو، لوئي، کٿي، چُني، چولو وغيره.
سُر مارئي جو بيت آهي:
پٽولا پنهواريون، مور نه مٿي ڪن،
جي لاک رتائون لوئيون، ته سالئان سونهنِ،
اُنَ الاچنئون اڳري، بخمل بافتن،
سُکر ڀانئيان سومرا، کٿي کان کُنهبن،
جا ڏنم ڏاڏاڻن، سا لاهيندي لڄ مران.

لطيف سائين مارئيءَ جي زباني فرمائي ٿو ته منهنجي ديس جون جيڏيون پٽ جا ڪپڙا تن تي ڪين اوڍينديون آهن ۽ اي عمر منهنجي تن تي موجود لاک رتل لوئي تنهنجي راڻين جي شالن کان وڌيڪ خوبصورت آهي ۽ رڍن جي اُن ڪتري ان منجھان جوڙيل لباس (لوئي)، تُنهنجي بخمل ۽ بافتن کان وڌيڪ بهتر ٿي ڀائيان ۽ تنهنجي کنهبن کان مونکي پنهنجي کٿي وڌيڪ پسند آهي، اهڙي کٿي جيڪا مون کي ڏاڏاڻن ڏني آهي، سا مونکي لاهيندي لڄ ٿي اچي. هن بيت ۾ ڀٽائي لباس جي مختلف قسمن جو ذڪر ڪيو آهي.
 ساڳي سُر جو هڪ ٻيو بيت آهي:
ڪيئن ڌوئاريان ڌَٻرا، وينديس ڪنهه وهاه،
مو مل مارو ناهه، اڇا اوڍيان ڪنهه کي.

ڌٻري جي معنى سادا، ٿُلها، ميرا ڪپڙا آهي. مارئي عمر سان مخاطب آهي ته پنهنجي مارن کان مليل سادا ۽ ٿُلها ڪپڙا، جيڪي ميرا ٿي چُڪا آهن سي ڇالاءِ ڌوئان. مونکي ڪنهن وهانءَ تي ته وڃڻو ناهي! پوءِ ڪنهن جي ڪارڻ اڇا ڪپڙا اوڍيان؟
ساڳي مفهوم وارو هڪ ٻيو بيت آهي:
ميري جا ڌٻري، مر مٿي تي هوءِ،
متان مارو چوءِ، ته واچا ويئي وسري.

مٿين ٻنهي بيتن ۾ مارئي جي سادي لباس جو ذڪر ٿيل آهي.
سُر مارئيءَ جو ئي هڪ ٻيو بيت آهي:
سبي سيبا ڏي، گھوريءَ نينهن نه لڄيو،
کٿيءَ وٽيون کُٿيون، سبي سيري سي،
مڇڻ چونم ڪي، لڄايئه ٿر ڄائيون.

مارئيءَ جي کٿيءَ جون وٽيون به کُسي ويون آهن، جن کي ور ور ويٺي ٽوپا ڏئي ڳنڍي، پر عمر جا قيمتي ڪپڙا اوڍي ٿر ڄاين کي لڄائڻ نه ٿي چاهي..... هڪ ٻئي بيت ۾ لباس جي حوالي سان نه رڳو کٿيءَ جو ذڪر آيو آهي بلڪه ان جي تيار ڪرڻ واري هنر کي به بيان ڪيو ويو آهي.
پنهوارن پاٻوئيو، ڪي وس واهوندن،
لٿو سيءُ لطيف چئي ٻڌو ڦن ڦرن،
پائر ڏنيون پُٺيون، ننڍن نوراڀن،
اوءِ ٿا ڪورين ڪونئري، سرتيون مٿان سسن،
عمر اُن اگھوندري، پاسي ڪانڌ ڪتن،
کائر کٿيون خاصيون، اونچيون اُت اُڄن،
ڪڍيو پيڻ ڪهن، ملير گھرجي مارئي.

هن بيت جو حاصل مطلب آهي ته پائر پاسي رڍن جي ڦرڙن جي نرم صاف ۽ اڇي اُنَ ڪتري انهيءَ مان خوبصورت ۽ اُچيون کٿيون (لباس) تيار ڪيون وينديون آهن.
شاهه سائين جي رسالي مان رنگ، خوشبو ۽ لباس جي حوالي سان مٿي پيش ڪيل الڳ الڳ بيتن کان پوءِ ڪجھ اهڙا بيت پيش ڪجن ٿا جن ۾ رنگ، خوشبو ۽ لباس جو گڏيل طور ذڪر ٿيل آهي. جئين سُر مومل جو هي بيت آهي، جنهن ۾ هڪ ئي وقت ٽنهي شين جو ذڪر آهي:
جهڙا گل گلاب جا، تهڙا مٿن ويس،
چوٽا تيل چنبيليا، ها ها هو هميش،
پسيو سونهه سيد چئي، نينهه اچن نيش،
لالن جي لبيس، آتڻ اکر نه اڄهي.

هن بيت جي پهرين سٽ ۾ مومل ۽ سندس ساٿ ۾ رهندڙ ڀينرن ۽ سهيلين جي لباس جو رنگ گلابي ٻڌايو ويو آهي. چنبيليءَ جي تيل سان سندن چوٽا معطر آهن. باقي سٽن ۾ انهن جي سونهن ۽ سينگار جو ذڪر اچي ٿو، جنهن جي پسڻ سان نينهن کي نوان نوان نيش اچن ٿا.
ساڳي سُر مان اهڙي ئي مفهوم ۽ خوبيءَ وارو هڪ ٻيو بيت هن ريت آهي.
جهڙا پانن پنَ، تهڙيون سالون مٿن سائيون،
عطر ۽ عنبير سين، تازا ڪيائون تَنَ،
مڙهئا گھڻو مشڪ سين، چوٽا ساڻ چندن،
سُهن رپي سون سين، سندا ڪامڻ ڪنَ،
ڪيائين لال لطيف چئي، وڏا ويسَ وَرَنِ،
منجھ مرڪيس منَ، سوڍي سين سڱ ٿئو.

هتي سائي رنگ جي شلن جي مشابهت پانن جي پنن سان ڏنل آهي. عطر ۽ عنبير جي اوت سان هنن پنهنجا تَن بدن معطر ڪري ڇڏيا آهن ۽ چوٽن کي مشڪ جي خوشبو ۽ چندن جي ٻوري سان سينگاريو اٿن. مومل وڏا ويس ورن ڪري ويٺي آَهي ۽ سوڍي سان مائٽي ٿيڻ سبب سندس مَنُ مرڪي پيو آهي.
سُر مارئيءَ جو هيٺيون بيت به انهيءَ خوبي ۽ حسن سان مالا مال آهي.
ارم هڏ مَ اوڍيان، پٽولا پٽ چير،
ٻانڌوڻا ٻن ڏيان، ارغچ ۽ عنبير،
ماروءَ سين شل ماڻيان، کٿيون جهڙيون کير،
اندر اُڃ اُڪير، مونکي پرين پنهوار جي.

مارئي عمر سومري سان مخاطب آهي ته تنهنجا پٽ پٽيهر ۽ قيمتي لباس مان هر گز ڪونه اوڍينديس. تنهنجا عطر عنبير وڃي کڏ ۾ پون. مان پنهنجي ماروءَ سان شل کير جهڙين اڇين کٿين ۾ وڃي گذاريان. مونکي رڳو اندر ۾ اها ئي اڃ ۽ اڪير آهي ته وڃي پنهنجي پنهوار سان ملان.

مددي ڪتاب

1. شاهه جو رسالو       مرتب: غلام محمد شاهواڻي  سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي
2. شاهه جو رسالو       مرتب: ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ
3. شاهه لطيف جي شاعري  تنوير عباسي       روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو
4. شاهه لطيف هر دور جو شاعر  ڊاڪٽر بشير احمد شاد  سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي
5. عرفانِ لطيف          ڊاڪٽر بشير احمد شاد           مهراڻ اڪيڊمي         

No comments:

Post a Comment