شاهه جو رسالو

Saturday, 30 April 2016

شاھ جي رسالي ۾ تحريفون ـ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو (Dr. Umar Bin Muhammad Daodpoto)



ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو

      شاھ جي رسالي ۾ تحريفون


شاهه جي رسالي جي گڏ ڪندڙن، شاهه جي ڪلام سان جنسي ڪِيسُ ڪيو آهي ۽ ان ۾ ديده دانستہ پنهنجا پراوا بيت ملائي ڇڏيا آهن. مثلاً، شاه ڪريم جا بيت جي گنج ۽ مير عبدالحسين واري نسخي ۾ ضميمہ طور ڏنل آهن، تن کي ڄاڻي واڻي مناسب يا غير مناسب جاين تي رسالي جي وچ ۾ ٽنبي ڇڏيو اٿن. پوءِ وري ڪي مت جا موڙهل چون ته انهن کي تضمين طور ڪم آندو ويو آهي، اگرچه حقيقت ان جي بالڪل ابتڙ آهي، ۽ شاه صاحب مورڳو انهن جو تتبع ڪيو آهي.
شاه ڪريم جا بيت ۽ انهن سان گڏ قاضي قاضن جا بيت گهڻو وقت اڳي مرحوم شمس العلماء ميرزا قليچ بيگ صاحب غلط نموني ۾ ڇپائي پڌرا ڪيا هئا،۽ 1927ع ۾ مون انهن کي درست ڪري، شاه ڪريم جي روحاني گفتن سان گڏ هڪ زياده مفصل ڪتاب جي صورت ۾ ڇپايو هو. تنهن هوندي به اوائلي غلطيون اديبن جي اندر ۾ ايتري قدر گهر ڪري ويون آهن، جو جو انهن مان ڪيترا ڏسڻا وائسڻا راهه گذارو شاهه ڪريم جا ڪيترائي مشهور بيت، شاه لطيف ڏانهن منسوب ڪندا آهن. مثلاً:
تون چئو الله هيڪڙو، وائي ٻي مَ سک
سچو اکر من ۾، سو ئي لکيو لک.
_______
مروئان موران پکڻان، وائي ٻي مَ ڀُل
هو هلاچو هُل، بالله سندو سڄڻين.
_______
تو کي توڙائون ”لا“ سين لاٿائون
اڃا پڻ ”آئون“، واريو وجهين وچ ۾.

_______
اسين سڪون جن کي، سي تان اسين پاڻ
هاڻي وڃ گمان، سهي سڃاتا سپرين.
_______
اسين تتان آئيون، جت کهنبو ناه

_______

جي وڃون ويساه، ته پڻ مٿئون لوئيون.
وغيره وغيره رسالي جي متن ۾ ڏنا ويا آهن. جهڙوڪ: احسان، ايوب، بلال، ٻڍو، جوڻيجو، حبيب، ڌوٻي، ڏاتو، زبير، شاه حسين، صالح، طالب، طبيب، عزيز، عطا، عنايت (عنات)، عيسو، قاسم، قطب، ڪيسر، لاکو، لکمير، محمود، مڱيل ۽ هلال. ازانسواءِ خواجہ محمد زمان لنواري ۽ عبدالرحيم گرهوڙيءَ جا ڪيترائي بيت بنا پڇاڻ جي داخل ڪيا ويا آهن. اهو ته ڇڏيو، پر ڳچ بيت نهايت قديم گمنام شاعرن جا پڻ ڄاڻي واڻي منجهس دوسيا ويا آهن. مثلاً هيٺيان ٻه بيت، جي 934هه کان به اڳ جا چيل ٿا ڏسجن، ۽ جن جي اسان وٽ سند آهي، سي به حق بناحق شاه ڏي منسوب ڪيا ويا آهن:
سڻي سڏ پرين جو، وانڪي جي نه ورن
ڪوڙي دعويٰ دوست جي، ڪڄاڙي کي ڪن.
-------
سر ڏئي سٽ جوڙ، ڪنهن پر ڪلاڙن سين
مرڻان منهن مَ موڙ، اڄ وٽي ٿي وڌ لهي.

          انهن بيتن جو واسطو مخدوم احمد ڀٽيءَ جي وفات سان آهي، جو ٻئي ڪنهن ضمن ۾ ڪي سال اڳ ڏيکاريو ويو آهي. شاه جي فقيرن ٻئي بيت جي وچ ۾ هيٺين سٽ خواه مخواه وڌائي آهي ۽ لفظي تڪرار سبب ان جي خوبي خراب ڪري ڇڏي اٿن:
ڪاتي ڪرٽ ڪپار ۾، خنجر آڻي کوڙ.
ڪاتي، ڪرٽ ۽ خنجر، هڪڙيئي وقت ڪم آڻڻ شاه جي شان وٽان ناهي. هاڻي اچون ٿا خاص موضوع تي. انهيءَ کان وڌيڪ ڪهڙو انڌير چئبو، جو اصل شاعر جو نالو مٽائي، ان جي جاءِ تي ٻيا لفظ ڪم آڻجن ۽ ماڻهن کي انهيءَ واهمي ۾ وجهجي ته هي بيت شاه صاحب جا چيل آهن. خبر ناهي ته اهڙي نموني ڪيترن بيتن سان هٿ چراند ٿي هوندي. مثال لاءِ هيٺيان ٿورا بيت وٺو، جن جي پڙهڻي ڇاپي نسخن موجب آهي:
سر سهڻي
طعني لئي تران، مٿي وه واڪا ڪيو
مون کي سڪ ساهڙ جي، مر محبت منجهه مران
وچان ڪيئن وران، ڪنڌيءَ منهنجو ڪارڻي.


ڀٽ واري نسخي کان سواءِ ٻين سڀني قلمي نسخن ۾ گنج سميت وچين سٽ هن طرح ڄاڻايل آهي:


مُنکي سڪ محمود چي، مر محبت منجهه مران.

          ڄاڻي واڻي تعريف ڪري، ”محمود چي“ جي بدران ”ساهڙجي“ لکيو ويو آهي. ۽ ويچاري گمنام شاعر سان ظلم ڪيو ويو آهي.
سر ڪيڏارو
هي سرشاه صاحب جو چيل ناهي. اڪثر بيت احسان فقير لانگاه جا آهن، جو پڻ شاه جو همعصر هو. ”احسان چي“ جي بدران جاءِ بجاءِ ”احسان سين“ يا ”احسان سان“ لکيو ويو آهي، اگرچہ انهن بيتن مان غيريت جي بوءِ پيئي اچي، الا ماشاءالله. مثلاً هي بيت تمام سهڻو آهي پر ان ۾ تحريف بالڪل ظاهر آهي:


جنت سندين جوءِ، فائق هليا فردوس ڏي
فنا ٿيا في الله ۾، هوءِ ۾ پيا هوءِ
رب ڏيکاريين روءِ، اُنين جي احسان سين.


ٻيو هڪ زائد بيت حسين فقير ۽ جمعي فقير وارن رسالن ۾ ڏنل آهي، ليڪن ان ۾ ظاهر ظهور ”احسان چي“ جا لفظ مندرج آهن، جنهن مان صاف ثابت آهي ته هن فقير جو ڪلام ڪهڙي نه بري نموني ۾ چورايو ويو آهي.

پهرين هن پليت تي، ڪيو حملو حر
گهڻا مرتد ماريا، ڪري غلبو گر
آرڻ ۾ ”احسان چي“، ڪئي پيارن پر
اِي ٻَئِي دانههَ در، آيا ڪم امام جي.


مرحوم مخدوم محمد صالح ڀٽي، ڪيڏاري جي تحريفات تي ورهيه اڳي روشني وڌي هئي، اميد ته موقعي آهر انهيءَ لاءِ نئين سر بحث ڪيو ويندو.
[سر سسئي

موٽڻ جي مصلحت، مون کي ڏيو نه جيڏيون
نهارينديس نڪري، آرياڻي البت
ڪنديس اوٽ ”عيب جي“، لڪن ڏيئي لت
سرتيون شريڪت، آءٌ ڪيئن آڳن سين ڪريان.

”ابتين ڪامائن“ ۾ ڏنل لفظن جي جاءِ تي، ڀٽ واري قلمي نسخي ۽ بمبئي واري قديم ڇاپي ۾ ”ايوب چي“ ڏنل آهي، جنهن مان ظاهر آهي هيءُ بيت ”ايوب“ نالي سگهڙ جو چيل آهي، ميان احمد ۽ مير صاحب وارن قلمي نسخن ۾ ”عيب چي“ لکيل آهي، ۽ گنج ۾ وري ”ان جي“ آهي. مطلب ته ڪاتبن انهيءَ بيت ۾ به وڏي دماغ سوزي ڏيکاري آهي.
سر سورٺ

          هيٺيون بيت شاه صاحب جو نه، پر هڪ ”عزيز“ نالي بزرگ جو چيل آهي. ڇاڪاڻ ته برٽش ميوزيم واري قلمي نسخي جو ڪاتب ان جي هيٺان ”عليہ رحمة“ جا دعائيہ لفظ لکي ٿو. ڇاپي نسخن ۾ ”عزيز چي“ جي بدران ”عظيم جو“ ڏنل آهي. گنج ۾ وري ”عليل کي“ جا لفظ درج آهن. برٽش ميوزيم واري جي تائيد سيد ابراهيم شاه ۽ مير علي احمد وارن نسخن مان ملي ٿي.

موٽي مڱڻهار، شال اچين ڪڏهين!
اٺئي پهر عظيم جو، تنهنجو ڪنڍو منجهه ڪپار
جنهن تو سڀ ڄمار، هنيا ڇٽ پٽن سين.
قارئين ڪرام معلوم ڪري وٺندا ته ڪهڙي پڙهڻي وڌيڪ درست آهي.

سر مومل راڻو
هيٺيون بيت شاه جو نه، پر سندس خاص فقير ”طالب“ جو آهي. ”طالب چوءِ“ يا طالب چي“ جا لفظ مٽائي، انهن جي جاءِ تي ”طرحن ساڻ“ لکيو ويو آهي.
اڃا ڀيرو هيڪڙو، پسبي مومل
وٺي ويندي پاڻ سين، ڏيندي نه موڪل
هت ويهن ٿي وڄايا، ”طرحن ساڻ“ طبل
جن کي هيون ڪلنگيون منجهه ڪل،
سي ويا ڪنبندا ڪاڪ ڏي.

سر بلاول
[         هيٺئين بيت ۾”طيب“ شاعر جو نالو حذف ڪري، ان جي جاءِ تي ”تکو ڪيو“ جا لفظ وڌا ويا آهن:

آلا بندي آئيو، تنهن جي هاٿيءَ هاڪ هنئي
آرڻ ٻڌي ابڙي، ٿي رڻ ۾ رڪ رئي
تيغن تائين ”تکو ڪيو“، سگهي ڪونه سهي
سمي سام کنئي، سرڻين جو سک ٿيو.

هاڻ گنج ۽ ٻين ڇهن قلمي نسخن ۾ ”تکو ڪيو“ جي جاءِ تي ”طيب چي“ ڏنل آهي، جا ئي صحيح پڙهڻي آهي. سيد ابراهيم شاه ۽ ماستر محمد قاسم وارا نسخا ته اها سٽ ئي نٿا لکن.
سر مارئي
هيٺئين بيت ۾ ”حبيب چئي“ جي بدران ”حبيب جي“ لکيل آهي. اڳين قراء،ت گنج ۽ ٻين ٻن نسخن جي آهي:

تنهن پر اُٺن مينهڙا، جنهن پر گهريائون
رضا جا رحمان جي، ڀڄي پاريائون
ملير ماڻيائون، حڪم ساڻ ”حبيب جي“.

سر پورب
هيٺيون بيت ”بلال“ نالي هڪ سگهڙ جو آهي ۽ اهو نالو ڇهن معتبر قلمي نسخن ۾ ڄاڻايل آهي، ليڪن ”بلال چي“ جي بجاءِ ”بهار جي“ لکي، ويچاري ٻهراڙيءَ جي شاعر کي پنهنجي حق کان محروم ڪيو ويو آهي:

ڪانگل قريبن جا، اچي وائيءَ وڻ
تو ۾ بوءِ ”بهار جي“، مشڪ کٿوري مڻ
اچي عجيبن جو، اورانگهج اڱڻ
توکي پسي تڻ، سُورنَئون صاف ٿئي.

          اهو بيت ”بلال“ شاعر جو آهي. انهيءَ ڳالهه مان به ثابت ٿئي ٿو، جو ساڳئي بيت جي هڪدم پٺيان مير علي احمد واري بياض ۾ هيٺيون بيت ”بلال“ جي نالي سان ڏنل آهي:

سُورنئون صاف ٿيئي، تَنُ پسي توکي
پيهي پڇ ”بلال چي“ جا پر چوکي
ڏيل ڇڏيو ڏوکي، سور سڻي ٿي سچني.


مطلب ته رسالي جي جمع ڪندڙن وڏو قهر ڪيو آهي. اکيون ٻوٽي ٻين جو ڪلام کڻي رسالي ۾ داخل ڪيو اٿن. جن بيتن ۾ شاعرن جا نالا ڏنل آهن، تن جي تشخيص ڪرڻ ته سولي آهي، پر اهي بيت، جن مان شاه جو شعور ئي نٿو بکي ۽ جن مان اجنبيت جي بوءِ اچي ٿي، تن جي تميز ڪرڻ نهايت ڪٺن آهي، ۽ وري انهن کي اوٽ تي شاه جي ڪلام کان جدا ڪرڻ به انصاف جي خلاف آهي.
بس، خدا جي وس.

(هي مضمون ماهنامي ”نئين زندگي“، جولاءِ 1961ع تان ورتل آهي.)

No comments:

Post a Comment