سيد منظور نقوي
شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو ڪلام
خوبين جو هڪ اهڙو مجموعو آهي جنهن مان صنف شاعري جي هر صنف ملي سگهي ٿي. واديءَ
سنڌ ۾ هي ئي هڪ اهڙو شاعر ٿي گذريو آهي جنهن شاعري جي هر خوبي کي نهايت خوش
اسلوبيءَ سان نڀايو آهي. سندس ڪلام جي چمن ۾ استعارن جا شگوفا، اصطلاحن جا گل،
تلميحات جون مکڙيون، ترڪيبن جا شعر سڀ موجود آهن پر هتي اسان کي شاهه جي ڪلام جي
محاسبن مان فقط فصاحت ۽ بلاغت جو ذڪر ڪرڻو آهي انڪري اسين فصاحت ۽ بلاغت کي جدا
جدا بيان ڪنداسين. فصاحت لفظ جي معنيٰ آهي خوش بياني، صاف، شسته ڪلام، غير مانوس
لفظن کان ڪلام جو پاڪ هجڻ. يعني مطلب سٺي نموني ۾ سادن لفظن ۾ بنا غلطي جي بيان
ڪرڻ. انهي مثال ۾ شاهه لطيف هڪ هنڌ مارن جي خوش حالي جو بيان هيئن ڪيو آهي ته:
ٿر وٺا، بر وٺا، وٺيون ترايون،
پره جا پٽن تي ڪن ولوڙا وايون،
مکڻ ڀرين هٿڙا سنگهاريون سايون،
ساري ڏهن سامهيون ٻولهايون رايون،
ٻانهيون ۽ ٻايون، پکي سونهن پانهنجي.
پره جا پٽن تي ڪن ولوڙا وايون،
مکڻ ڀرين هٿڙا سنگهاريون سايون،
ساري ڏهن سامهيون ٻولهايون رايون،
ٻانهيون ۽ ٻايون، پکي سونهن پانهنجي.
سڄي بيت ۾ ڪوبه غير مانوس لفظ
يا ترڪيب ڪم نه آيل آهي مطلب کي نهايت سادن لفظن ۾ بيان ڪيو ويو آهي ۽ لفظن کي
اهڙي طرح ڪم آندو ويو آهي جو بيت پڙهڻ سان هڪ منظر اکين اڳيان ڦريو وڃي. ساڳئي
سارنگ سر ۾ ٻئي هنڌ هڪ بيت آهي جنهن ۾ شاهه مينهن جا تاثرات نهايت سادن لفظن ۾ ۽
نهايت بهترين نموني بيان ڪيا آهن.
بيت آهي ته:
اڄ پڻ اتر پار ڏي ڪڪريون
ڪاريون،
وسي ٿو وڏ ڦڙو ٽهڪن ٿيون
ٽاريون
لٿن لڪ لطيف چئي ڍايون تا
ساريون
ڀڄنديون ڀٽاريون، وري وٿاڻ
آئيون.
هن بيت ۾ به نهايت فصيح زبان
استعمال ڪئي وئي آهي. الفاظ اهڙا ته چونڊيا ويا آهن جن مان ڪوبه غير مانوس نه آهي
آخر ۾ ته لفظ ڀڄڻ اهڙو بهترين ڪم آندو ويو آهي جنهن جون ٻه معنائون نڪرن ٿيون هڪ
ته مينهن ۾ پسڻ ۽ ٻيو ڀرجڻ. ٻئي معنائون ٺهڪيو اچن يعني اهي ڀٽاريون مينهون مينهن
۾ پسنديون اچن يا اهي مينهون کير ۾ ڀرجيو وٿاڻ تي اچن پيون. وري سر سورٺ ۾ شاهه هڪ
هنڌ ٻيجل جي اچڻ ۽ سوال ڪرڻ جو ذڪر هڪ بيت ۾ نهايت پسنديده لفظن ۾ بيان ڪيو آهي.
بيت آهي ته:-
محلين آيو مڱڻون، ساز کڻي سرندو،
سر جي صدا سر ۾ گهور هڻي گهرندو،
مٿي ريءَ ملوڪ جي چارڻ نه چرندو
جهونا ڳڙهه جهرندو، پندي جهان جهروڪ ۾.
سر جي صدا سر ۾ گهور هڻي گهرندو،
مٿي ريءَ ملوڪ جي چارڻ نه چرندو
جهونا ڳڙهه جهرندو، پندي جهان جهروڪ ۾.
مڱڻهار جي جهونا ڳڙهه ۾ ساز
کڻي سر جي صدا ڪرڻ جي بيان کي شاهه لطيف ڪهڙو نه عمده نموني ۾ آندو آهي. انکان
سواءِ سرندو لفظ جون ٻه معنائون نڪرن ٿيون هڪ ته وڄائڻ جو ساز ۽ ٻيو آهسته آهسته
رڙهي اچڻ. وري سر ۽ سر جا لفظ تجنيس خطي جو عمده مثال آهن. انکانسواءِ ساز سان
سرندو، چارڻ سان چرندو، گهور سان گهرندو ۽ جهونا ڳڙهه سان جهرندو الفاظ آڻي خوش
بياني جي انتها ڪري ڇڏي اٿس. ائين جي شاهه لطيف جو هر بيت فصاحت جي معيار تي پرکبو
ته اٽڪل پورو نظر ايندو هونءَ ته لفظ فصاحت ۽ بلاغت ۾ نظم يا نثر جون سڀ خوبيون
اچي وڃن ٿيون انڪري اهو ضروري ناهي ته انهن خوبين کي جدا جدا بيان ڪجي انڪري باقي
بلاغت جو بيان ڪجي ٿو. بلاغت جي معنيٰ آهي ٻڌڻ وارن سان سندن فهم مطابق ڪلام ڪرڻ.
مطلب کي ٿورن ۽ مناسب لفظن ۾ بيان ڪرڻ جيئن ٻڌڻ وارو سمجهي سگهي ۽ بيان ڪرڻ وقت
زبان جو لڪنت نه ڪرڻ يعني ٻڌڻ وارن سان سندن سمجهه مطابق ٿورن مناسب ۽ سٺن لفظن ۾
مقصد بيان ڪرڻ، جي غور سان ڏسبو ته شاهه جو هر بيت بلاغت جو معيار آهي.
هتي ٿورن بيتن جو بيان ڪجي ٿو.
سر رپ ۾ شاهه لطيف هڪ بيت هيئن چيو آهي ته:-
اني جيئن مورن اوڀڙو لهارن ۾،
سا پر گوندر ڪن، جه پوڙائو سڄڻين.
سا پر گوندر ڪن، جه پوڙائو سڄڻين.
انهي بيت جي معنيٰ هي آهي ته
جيئن مينهن وسڻ کان پوءِ ڀلين زمينن مان گاه ڦوهارا ڪري اڀرندو آهي تيئن سڄڻن جي
جدائي ۾ گهڻا ڏک سور پيدا ٿيو پون. علم الڪلام ۾ هي به آهي ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو
ڪنهن ڳالهه کي نه سمجهي سگهندو آهي ته کيس مثال يا تشبيه سان سمجهائبو آهي. شاهه
به پنهنجي ڪلام ۾ مثال ۽ تشبيه کي روا رکي پنهنجي ڪلام کي بلند منزل تي رسائي ڇڏيو
آهي. انهي بيت ۾ به تمثيل ۾ شاهه لطيف ٻڌايو آهي ته جيئن مينهن وسڻ کان پوءِ زمين
۾ هنڌان هنڌان گاهه ڦٽي نڪرندو آهي تيئن جدائي ۾ سور سيني کي ڏاريون اڀرن ٿا.
انکانسواءِ ٿورن ۽ مختصر لفظن ۾ ڪيڏي نه وڏي مضمون کي نڀايو اٿس ۽ نڀايو به اهڙي
طرح اٿس جو هر فهم وارو بيت آساني سان سمجهي سگهي ٿو. اڳئي سر رپ ۾ هڪ ٻيو بيت
هيئن آهي ته:-
ڳالهيون پيٽ ورن ۾ وڌي وڻ
ٿيون،
پر سين مون نه ڪيون، گوشي گڏيا نه سپرين.
پر سين مون نه ڪيون، گوشي گڏيا نه سپرين.
پهرين سٽ ۾ ٻه محاورا آيل آهن
هڪ ته ڳالهيون پيٽ ۾ سانڍڻ ۽ ٻيو ته وڌي وڻ ٿيڻ. انهي بيت جي معنيٰ ٿيندي ته محبت
جون ڪيتريون ڳالهيون اندر ۾ سانڍيو وتان، ٻين جي منهن تي اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ
مونکان نه ٿيون پڄن ۽ اڪيلائي ۾ وري محبوب نٿو ملي. مضمون ڪهڙي نه بهترين انداز ۾
ٿورن ۽ مناسب لفظن ۾ بيان ڪيو ويو آهي. وري هڪ هنڌ هي بيت چيو اٿس ته:
سور م ڏئيم ڌوڻ، آءٌ اڳيئي
ڪانهري،
جا پر پاڻي لوڻ، تنهن پر منهنجي جندڙي.
جا پر پاڻي لوڻ، تنهن پر منهنجي جندڙي.
نهايت ٿورن لفظن ۾ صنف کي مثال
ڏئي سمجهايو ويو آهي ته اي درد آءٌ اڳ ۾ ئي تنهنجي سٽ سهڻ جي قابل نه آهيان منهنجي
بدن جي اهڙي حالت آهي جهڙي پاڻي ۾ لوڻ وجهڻ سان لوڻ جي حالت ٿيندي آهي يعني لوڻ
ڳري پوندو آهي، تيئن منهنجو بدن به تنهنجي سٽ نه سهي سگهندو. ٿورن ۽ مناسب لفظن ۾
ڪيئن نه مقصد کي بهترين نموني ادا ڪيو ويو آهي. ٻئي هنڌ هڪ بيت آيل آهي ته:
لڄايا مونهان، ساجهر ئي سيڻ
ويا،
پين ڀنڀوران، سڌ منهنجي ذات
جي.
هن بيت جي معنيٰ هي ٿيندي ته
مونکان منهنجن سڱاوتين کي شرم آيو انڪري سوير ئي ويا هليا. شايد کين ڀنڀور مان
ڪنهن ٻڌايو ته سسئي جي ذات ٻانڀڻ آهي. ڪيڏو نه وڏو مضمون ڪيترن مختصر لفظن ۾
ڪهڙيءَ نه خوبيءَ سان آندو ويو آهي جو مضمون هر پهلو کان ادا ٿي ويو آهي! اها به
بلاغت جي نشاني آهي. بلاغت جو شرط هي به آهي ته ڪلام سليس ۽ بامحاوره هجي، هونءَ
ته شاهه لطيف جي سون بيتن جون سٽون واديءَ سنڌ ۾ محاورا ٿي پيون استعمال ٿين پر
محاورن کي شاهه بيتن ۾ اهڙي خوبي سان جڙيو آهي جو ائين ٿو معلوم ٿئي ڄڻ ته محاورا
نهيائي شاهه جي بيتن لاءِ هئا. هڪ محاورو سنڌي زبان ۾ مستعمل آهي، ٻڌيءَ جا ٻيڻا
ٿيڻ. انهيءَ محاوري کي شاهه سر سهڻيءَ ۾ هيئن نڀايو آهي:
ته ڪر ڪيئن سئي، جي سير نه
گهڙي سهڻي،
هت حياتي ڏينهنڙا هڏ هن تان نه هئي،
چڪي تنهن چري ڪئي جا ڏنس ان ڏهي،
سهڻي کي سيد چئي وڌو قرب ڪهي،
هٿئين هوند مئي، پر ٻڌي جا ٻيڻا ٿيا.
هت حياتي ڏينهنڙا هڏ هن تان نه هئي،
چڪي تنهن چري ڪئي جا ڏنس ان ڏهي،
سهڻي کي سيد چئي وڌو قرب ڪهي،
هٿئين هوند مئي، پر ٻڌي جا ٻيڻا ٿيا.
پڇاڙي واري سٽ جي معنيٰ ٿيندي
ته سهڻي هونءَ ئي مري ها پر ٻڏي مئي ته حيات جاودان مليس. يقين آهي ته انهي کان
وڌيڪ سٺي نموني ۾ انهي محاوري جو استعمال ٿيڻ مشڪل آهي. وري هڪ ٻيو محاورو هاڃي
هڻڻ به عام طرح سان مروج آهي. شاهه لطيف انهي محاوري کي هيئن جڙيو آهي:
کوءِ ڪتڻ، ٻن ڪپاهه، کوءِ آتڻ
ٻن جيڏيون،
ساجن منهنجو ساهه، هاڃي ۾ هڻي ويو.
ساجن منهنجو ساهه، هاڃي ۾ هڻي ويو.
ملاحظه ٿئي محاوري کي ڪهڙي نه
بهترين نموني ۾ استعمال ڪيو ويو آهي! تنهن کانسواءِ مناسب لفظن ۾ مضمون ادا ڪري
بلاغت جو هڪ معيار قائم ڪري ڇڏيو اٿس. هڪ هنڌ غفلت جي مضمون کي سسئي پنهون جي قصي
۾ هيئن بيان ڪيو اٿس:
جڏهن ستيون جي، پٿر پير ڊگها
ڪري،
تڏهين تنين کي، ساٿ ستيئي
ڇڏيو.
جي اهو غفلت جو مضمون تشبيه
سان نثر ۾ ادا ڪجي ته جيڪر ڪافي سٽون لکڻيون پون پر شاهه پنهنجي بليغ ڪلام سان هڪ
وڏي مضمون کي چند مناسب لفظن ۾ اهڙي طرح سان آندو آهي جو هر انسان جاهل يا عالم جي
فهم جي معيار تي پورو ثابت ٿيندو ۽ هر ڪو ٿورن لفظن سان غفلت جي مضمون کي سمجهي
ويندو. مارئي جي کڄي اچڻ جي هڪ عجيب ڪيفيت کي شاهه هيئن ٻن سٽن ۾ ادا ڪري ٿو:
ڌريائين ڌار، جي وڍي وڻ جدا
ڪئا،
تن سڪن ڪهڙي سار، ته ڪي اٺا
مينهن ملير تي.
هڪ اهڙي بلاغت جي منزل تان نظم
ڪئي اٿس جنهن ڳالهه کي اندر ۾ ادا ڪرڻ ئي مشڪل آهي ۽ ٻن سٽن جي مختصر لفظن ۾ هڪ
معنوي درياءُ بند ڪري ڇڏيو اٿس. صرف ملير جو لفظ مارئي جي بيان ڏي اشارو ڪري ٿو
ورنه سڄو شعر تشبيهي آهي ۽ تشبيهه مارئي جي بيان لاءِ ئي بهتر آهي. شاهه هڪ هنڌ
وصال جي مضمون کي هڪ بيت ۾ هيئن نڀايو آهي ته:
جي قيام مڙن، ته ڪر اوڏا
سپرين،
تهان پري سڄڻ، واڌايون وصال
جون.
يعني جي قيامت جي ڏينهن سڄڻ
ملن ته آءٌ جيڪر کين گهڻو ويجهو سمجهان پر حقيقت ۾ قيامت جي ڏينهن کان به وصال
وارو ڏينهن گهڻو پري آهي. ٻن سٽن جي بيت ۾ ڪهڙا نه مناسب لفظ آڻي مقصد کي سمجهايو
اٿس. اڃان به انهيءَ بيت ۾ جيڪو حظ آهي انهي جي ترجماني مشڪل آهي. هڪ هنڌ سسئي جي
بيڪسي جي تصوير ٿورن لفظن ۾ هيئن چٽي اٿس ته:
ڪلهي ڦاٽم ڪنجرو مٿو اگهاڙو،
منهنجو ڪڄاڙو، ڀينر هن ڀنڀور
۾.
اهڙا ساڌا ۽ موثر لفظ آڻي سسئي
جي بيڪسي بيان ڪئي وئي آهي جو ممڪن ئي نه آهي ته ٻين لفظن سان اهو مضمون ادا ٿي
سگهي ۽ انکانسواءِ بلاغت ايتري ته آهي جو هر فهم وارو بيت ٻڌڻ سان مضمون سمجهي
سگهي ٿو. لفظ وري اهڙا آندا ويا آهن جن جي ادائگي زبان تي بار نٿي ٿئي. عرب جي
فصيح ۽ بليغ زبان آهي قرآني زبان. ممڪن آهي ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي پنهنجي ڪلام
جي فصاحت و بلاغت کي قرآني جي فصاحت و بلاغت سان تشبيهه ڏيندي هي بيت چيو هجي:
جي تون بيت ڀانئين، سي آيتون آهن،
نيو من لائين، پريان سندي پار ڏي.
نيو من لائين، پريان سندي پار ڏي.
No comments:
Post a Comment