سرڳواسي، ساڌو ٽي. ايل . واسواڻي
]سرڳواسي ساڌو ٽي. ايل. واسواڻيءَ جي عالمانه شخصيت ۽ بين الاقوامي شهرت کان
ڪير واقف ناهي! سندس نالي ۽ پيغام کان، مشرق ۽ مغرب جا سڀئي علمي ۽ فڪري ادارا
واقف ٿي چڪا آهن، سندس خيال ۽ عقيدا، امن ۽ صلح، عبادت ۽ پريم ڀڳتيءَ وارا هئا، ۽
تصوف ۽ ويدانت جو وڏو ڄاڻو هو. پاڻ پنهنجي عمل ۽ ڪردار لاءِ، ميران ٻائيءَ کي
مثالي ۽ آدرشي آئينو بنائي، عمر گذاريائون، اها حقيقت آهي ته ساڌو واسواڻي، علم ۽
خيال ، فڪر ۽ فلاسافي، پريم ۽ شيوا جو سچو مثال هو.
سندس
خيالن، مضمونن، تقريرن ۽ ٻولن جي اشاعت جي سلسلي ۾، ننڍڙو رسالو”سنت مالا“، اڄ
تائين، پوني(ڀارت) مان هلندو رهي ٿو. ان ۾ سندس ڪلام ’نوري‘ ۽ ’نماڻي‘ تخلص سان شايع ٿيندو رهيو آهي. بيشڪ هڪ آدرشي مهاپرش هو، جنهن
پنهنجي ساري حياتي، خلق جي خدمت ۾ گذاري ڇڏي. پاڻ ، 16
جنوري 1966ع تي پوني ۾ گذاري ويو، ”شاهه جي حضور ۾“، جا پاڻ عقيدت ۽ پيار جي ورکا
ڪئي اٿائون، سا پيش ڪجي ٿي، اميد ته ”مهراڻ“ جي پڙهندڙن لاءِ ڪارائتي ثابت ٿيندي. –
ادارو.[
ڪافي
زمانو گذر ٿي چڪو آهي، ورهيه لنگهي ويا آهن، صديون سميٽجي چڪيون آهن –
ليڪن، لطيف جي مزار تي، جمعي وارو هفتيوار اوجاڳو، انسانذات جي روح کي اڄ به روشني
ڏئي رهيو آهي. لطيف، اڄ به انسانيت جي عجيب طرح سان رهبري ڪري رهيو آهي!
سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته ڀلا، سنڌ جي هن عظيم شاعر، نه ، عظيم ترين شاعر
جو مطلب ۽ مقصد ڪهڙو آهي. ٻن صدين کان مرد توڙي زالون، سندس ڪلام مان فيض ۽ لاڀ
حاصل ڪندا پيا اچن، سندس ڪلام دردن جو علاج ۽ زندگيءَ جي ڊوڙ ۾، ڪيترن هيڻن لاءِ
قوت بخش ۽ غمگينن لاءِ خوشيءَ جو ڪارڻ ٿيندو آيو آهي!
سندس دُکن ۽ دردن وارو، سوز ۽ فراق وارو، راز ۽ نياز وارو، ڪلام، ڪيترو نه
دلگداز آهي، سندس ڪلام جذبي ۽ محبت سان سرشار آهي. سندس ڪلام پٿر کي به پاڻي ڪيو
وجهي!
هن
عظيم مرتبي واري شاعر جي مزار مبارڪ ڀٽ ۾ آهي، اها ڀٽ ،
سندس نالي پٺيان ڀَٽ شريف ٿي چڪي آهي. اسان ان کي پيار وچان، ڀٽ شاهه سڏيون ٿا؛ ۽
کيس ڏاڍي چاهه ۽ چوڄ منجهان، لطيف، عبداللطيف، شاهه ڀٽائي ، ۽ گهوٽ سڏيون ٿا. اصل ۾
ڀٽائيءَ جو مقام، هر سنڌيءَ جي مَنَ ۾ آهي، ۽ ڀٽَ شاهه، هر سنڌيءَ جي هردي اندر
آهي. ان منجهان ئي ساري انسان ذات کي، ساءُ ۽ هڳاءُ اچڻو آهي. نيٺ اهو ڏينهن به
ايندو، جڏهن دنيا ڀٽ شاهه تي اچي مٿو ٽيڪيندي ۽ هن پياري جي چرنن ۾ سيس نمائيندي!
سنڌ جي هن بي تاج بادشاهه، سڳوري سمي ۾ جنم لڌو. درويشن جي حويليءَ ۾ نپنو
۽ وڏو ٿيو. ڄائي ڄام ته اڳهين هو، ٿورو وقت، هالا حويليءَ ۽ ڪوٽڙيءَ ۾ رهيو. عشق
جي مام سَلي، سير ۾ نڪتو. هند سنڌ، ڪڇ گجرات، ڪابل ڪشمير، هنگلاج ۽ گرنار، گهمي
عالمن ۽ فاضلن، جوڳين ۽ اداسين سان صحبتون ڪري، وري اچي، ٻيو قيام گاهه هڪ ننڍڙي
ڀٽ تي ڪيائين.
ڀٽ جو مطلب ٿيو، واريءَ جو دڙو. اها ڀِٽ واريءَ جي دڙن تي هئي، هينئر ان
جي ذري ذري ۾ نور پيو تجلا ڏئي. هينئر اها اسان لاءِ زيارت گاهه بنجي چڪي آهي، جا
ايندڙ سمي تي، پوري دنيا ۽ انسانيت جي مَن ۾ مندر اڏيندي، محبت ۽ سوز جو! ان ڀٽ
تي، ٻارهوئي پيا پياسا اچن، هفتي ۾ جمع تي پيا ميڙا لڳن، ڇه ماهي حاضري به پئي
ڏجي، ٻارهه ماهو وڏو ميلو به پيو لڳي.
ڀانت
ڀانت جا دکايل پيا اچن ۽ عقيدت منجهان، ”جيءُ لطيف“ جي تنوار ڪن!
اهي
هت خاموشيءَ جي عميق درياهه ۾ پيا تڙڳن، پيا روئن ۽ رڙن، پيا ڳائن ۽ وڄائن. اڌ
صديءَ اڳ جو حال اهو آهي ته –جڏهن جديد سنڌ جي هڪ وڏي شخصيت، رشي ڏيارام گدو مل ڀِٽ تي
ويو هو، تڏهن سڄي رات عبادت ڪندي جاڳيو، لطيف جي چرنن ۾ سيس نمائي، اندر کي آنند
ڏنائين؛ پر ان سمي پاڻ کي اٽڪل هڪ سئو کن مردن، ٻارن ۽ زالن جي وچ ۾ ڏٺائين. ان
کان پوءِ مون پاڻ کي اتي، هزارن مردن ۽ ٻڍن، ٻارن ۽ زالن جي وچ ۾ ڏٺو. شاهوڪار طبقو موجود ڪو نه هو، مون اتي هاري ناري، ڪمي ڪاسبي ڏٺا. اهو به ڏٺم ته اهي سادا
سودا، ايمان ۽ نوڙت جي جذبي سان ڀرپور هئا.
مان جڏهن اتي ويس، منهنجي نظر جڏهن لطيف جي اوچي روضي تي پئي، جڏهن نيل جو
ديدار ٿيو، تڏهن منهنجَي مَنُ ۾ شانتيءَ ۽ سڪون جي ازغيبي لهر ڊوڙي
وئي. بجليءَ جي ڪرنٽ وانگر، هلڪي هلڪي، وڻندڙ سرسراهٽ، منهنجي جيءَ کي لوڏي وڌو.
وڻ وڻ مان واس پيو اچيم، ذري ذري مان ’تون هي تون‘ جي تنوار پئي ٻڌم، ڇا نه رنگ
لڳو پيو هو، هن ابدي ۽ ازلي عاشق جي قدمن ۾! اندر گهڙيس، وارفته ٿي چانئٺ چميم.
اڃا اندر ويس، عطر ۽ عنبير جي واس ۾ واسجي ويس. واهه واهه! سنڌ جي جيئري
شهنشاهه جي درٻار! اکيون خود بخود جهڪي ويم، آليون ٿي ويم. سڏڪا ڀريندي ۽ ڳوڙها
ڳاڙيندي چولي جي دامن ڀڄايم. بيخود ٿي لطيف اڳيان جهولي جهليم، لطيف اسان کي ڏي،
پيارا، ڪجهه ڏي! جيڪا توکي وَٽَ سري آهي، ان مان
اسان کي به ذرڙي ڏي! ليلايم، ٻاڏايم، اندر جا احوال اوريم، رنم ۽ دل کي ٺاريم!
لطيف به دلداريون ڏنيون، آٿت ڏنائينم، آدرش جي راهه بتايائين، محبت جو مَڌ
چکايائين، مست ڪري ڇڏيائين! ڪنڌ کڻي، نوري نماڻيءَ وانگر اٿي، هٿ ٻڌي بيٺس. داتا
کان دان ورتم، وَڌي، سندس دستار کي اکين تي لاتم! ڇا نه منجهس ساءُ ۽هڳاءُ هو! ذري
ذري پئي ڳالهايو. هرچيز خبردار ۽ خاموش پئي نظر آئي!
ٻاهر آيس، هڪ باريش ۽ جراتمند فقير کي سينگاريل ۽ تارن وارن سازن
سان”الاهو“ ڳائيندي ٻڌم. ٻڌڻ سان منهنجي دل ۾ هڪ پرجوش ڪيفيت طاري ٿي ويئي. رات،
سندس پيرانديءَ ۾ پاسيرو ٿي، ليٽي گذاريم!
ڳوٺ
جا ماڻهو سادا، جايون ساديون، دليون ساديون ۽ محبت واريون. پير صاحب جو گهر البت
نئين نموني جو هو. بزار به گهميس، هر طرح جا دڪان هئا. چانهن جي دڪانن تي نئين قسم
جا گراموفون پئي وڳا. انهن جو آواز، ڳوٺاڻي ماحول ۽ نظاري کان بلڪل علحدو هو. هت ته لطيف جي ڪلام کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو ڪلام ڳائڻ گهرجي؟ لطيف هڪ عالمي
براڊڪاسٽنگ اسٽيشن کوليون ويٺو آهي، آڪاسواڻي پئي هر ويل تي نشر ٿئي!
ڀٽ، قدرتي لطف اندوزيءَ کان به خالي ناهي. نظارا ته آهن ئي ڀٽ تي، عشق جا
۽ محبت جا! ڪراڙ جي ڪپ تي ڇا نه رنگ ۽ امنگ پيا اٿن!
هڪ روايت آهي ته شاهه لطيف، ڀٽ شاهه جي ڳوٺ اڏيندي، تعمير ڪرائيندي،
پنهنجن هٿن سان مسجد جوڙائي هئي؛ ۽ اها به ڳالهه ٻڌم، ڀٽ تي سڀ کان اول، پياري
لطيف، مسجد جوڙائي هئي، ان کان پوءِ حويليون ۽ حجرا ٺهيا هيا.
بيشڪ اها پَر ِ، پيغمبر جي هئي، جن صاحبن، مڪي کان مديني ايندي، ٻاهر سڏ پنڌ تي،
پنهنجن هٿن مبارڪن سان مسجد جوڙائي هئي!
لطيف جي مسجد ۾ به لنگهي ويس، عجيب مسجد آهي! سڪون ۽ اتساهه جو ساگر پيو ڇوليون هڻي. اهو کٻڙ به ڏيکاريائون، جو چون ٿا ته
لطيف جي واري جو آهي. ان کي به سلام ڪيم، هٿ لاتم، پيار جي آسيس ورتم. هڪ پن پٽي
ان کي چکيم!
لطيف جي قبي جي پويان، ڀرسان، سندس والد بزرگوار حبيب شاهه جو پڻ مقبرو
آهي، جنهن 1742ع ۾ وفات ڪئي هئي، کيس ڀٽ تي دفن ڪيو ويو هو.
انهيءَ ساڳيءَ ڀٽ تي، هن عظيم شاعر پڻ، چند سالن کان پوءِ وفات ڪئي.
هو گوشه نشينيءَ مان ٻاهر آيو. هن پاڻ
کي ڌوتو ۽ اڇي چادر ڍڪي، پنهنجن مريدن کي سندس ڪلامن ڳائڻ لاءِ چيو. جيئن راڳ ختم
ٿيڻ تي آيو، تئن هو سماڌيءَ (مراقبي) ۾ داخل ٿيو ائين ڪندي، لطيف خاموشيءَ ۽ سڪون
۾ هليو ويو! واقعي اهڙو موت هڪ سچي عاشق جوئي ٿي سگهي ٿو. سندس مقبرو، حيدرآباد جي
حاڪم غلام شاهه ڪلهوڙي جي خرچ تي 1754ع ۾ تعمير ٿيو.
مون لطيف جا يادگار پڻ ڏٺا، جيڪي اڃا تائين ڀٽ ۾ محفوظ ٿيل آهن، انهن ۾
شاهه جي دستار مبارڪ، سندس ڊگهي لٺ، سندس چوغو(ڪفني) ۽ ناريل جي کل مان ٺهيل ڪشتو
پڻ شامل آهن، جنهن ۾ هو کاڌو کائيندو هو ۽ پاڻي پيئندو هو.
مون انهيءَ ڪچيءَ مٽيءَ سان ٺهيل ننڍڙي گهَر َ ڏانهن بار بار پئي گُهوريو،
جتي شاهه صاحب جن رهندا هئا!
منهنجي ذهن ۾ ان وقت ڪيترائي اُمنگ پئي اُڀريا.
اتي مون کي، ارڙهين صديءَ جي هن سنڌي شاعر جو، ارڙهين صديءَ جي انگريزي شاعر کان
به زياده بلند مقام نظر آيو.
مون کي خبر آهي ته شيڪسپيئر کي سندس هم وطن، عقيدت مان پوڄيندا آهن، پر
اسان سنڌي اڃا اهو عقيدت جو فرض نه لاٿو آهي، جيڪو شاهه صاحب جن، سنڌين لاءِ ڇڏيو
آهي. اسان اهو قرض هرگز لاهي نٿا سگهون !
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته شيڪسپيئر هڪ وڏو شاعر هو؛ پر شاهه لطيف نه صرف هڪ عظيم
شاعر هو، پر ان سان گڏ، هڪ صوفي، هڪ اولياء ۽ هڪ عالم ۽ بزرگ پڻ هو. شيڪسپيئر هڪ
ڳائڻو ۽ هڪ اداڪار هو، پر شاهه صاحب وانگر روحاني اسرارن کان واقف نه هو. جڏهن
اليگزينڊر پوپ کان پُڇا ڪئي وئي ته ”شيڪسپيئر پنهنجا هيڏا سارا ڊراما ڇو لکيا؟“ تڏهن هن وراڻيو ته :
”هر
شخص کي ڪجهه نه ڪجهه کائڻو پوندو آهي“.
ان
ڳالهه وانگر، اهو فن ۽ اهو شعر، جيڪو پيٽ لاءِ آهي، ان مان ڪهڙو سود ٿيندو؟ شاهه
صاحب جو ڪلام ۽ آکاڻيون، سڀ روحاني جذبي سان پلٽيل آهن. شيڪسپيئر ڪا به روحاني يا
دائمي ڳالهه نه چئي آهي. شاهه جو ڪلام، پاڻ ۾ ازلي ۽ ابدي دائميت رکي ٿو. سندس
واڻي ڪڏهن به پراڻي نه ٿي آهي ۽ نه ڪو ٿيندي! جئن پوءِ تيئن، ويندي، اڇي اُجري
ٿيندي. شاهه جو چشمو هردم صفا آهي، زماني جي صدين جي وهڪ به منجهس ڪو مير نه آندو
آهي. اهو چشمو تا قيامت ائين اڇو اُجرو رهندو ايندو ۽ ماڻهو پيا ان تان پياس
اجهائيندا. پر اها پياس روحاني هوندي ۽ نه نفساني. نفساني اُڃ ته جانور به پيا
لاهين. ان ۾ ڪهڙو ڪمال چئبو!
ٻيو ته شيڪسپيئر جي دل ۾ نا اميدي ۽ مايوسي هئي– پر شاهه ڀٽائيءَ جي دل، اميد جي روشنيءَ
سان ٻهڪندڙ ۽ جرڪندڙ هئي، جيڪا انساني روح ۽ دل لاءِ هميشه رهنمائيءَ ۽ رهبريءَ جو
چشمو ثابت ٿيندي آئي آهي، ۽ اڳتي هلي به، انسانذات لاءِ، رڳو اها روشني ڪارگر
ٿيندي، ڇو ته ان روشنيءَ کي سدا حيات ۽ امر هجڻ جو نشچيه حاصل آهي– مادي روشني ته تيل ۽ وٽ جي محتاج آهي، اهي کُٽا ته روشني به گم!
لطيف، اها روشني مهاپرش رسول اڪرم(صلي الله عليه وآله وسلم) کان حاصل ڪئي،
جنهن جي جوت، ڪائنات جي گهر ۾، قنديل ۽ نوراني لاٽ وانگر آهي. اها جوت به امر آهي،
۽ ان مان لطيف جو ٻاريل ڏيئو به امر آهي. سندس رسول اڪرم (صلي الله عليه وآله
وسلم) ۾ ڪامل يقين ۽ ايمان هو. چيائين :
مڃ
محمد ڪارڻي، نرتئون، منجهان نينهن!“
انهن
پنجن اکرن ۾ مَڃ ،محمّد، ڪارڻي، نرت ۽ نينهن آيل آهي.
اهو
به هڪ اونهو راز آهي. تڏهن چيائين ته ”انهيءَ ۾ آهي، اونهي ڳالهه اسرار جي!“ اڄ
پري کان، منهنجي ڪنن ۾ ان لطيف جي فقير جي ”الاهو، الاهو“ واري ٻولي ۽ لولي گونججي
رهي آهي، جيڪا مون ڀٽ تي، ڪئين سال اڳ ٻڌي هئي!
ان عقيدت جي خيال کان، جا منهنجي من ۾، لطيف جهڙي اٿاهه ساگر لاءِ آهي، اڄ
مان هتان، پرانهين هوندي به کيس نوڙي سلام ٿو ڪيان. سنڌ جي هن صوي اولياءَ ۽ شاعر
کي پرنام ڪندي، دل کي خوشيءَ سان ٽمٽار ٿو ڪريان. شال اسان جو سر هميشه لاءِ، لطيف
جي چائنٺ تي رهي!
پڇاڙيءَ
جو اهو سوال پڇان ٿو ته:
”هن
اسان لاءِ ايترو سارو ڪم ڪيو، پر اسان هن لاءِ ڇا ڪيو؟“
No comments:
Post a Comment