ڊاڪٽر بشير احمد شاد
سهپ، صبر ۽ نئڙت جو سبق
دنيا ۾ هن
وقت جنهن شيءِ جي تمام گھڻي ضرورت آهي سا صبر ۽ سهپ آهي. معاشي ۽ معاشرتي حالتون
ان حد تي وڃي پهتيون آهن جو ڪوئي ڪنهن کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. هي جھيڙا
جڳهڙا ۽ خون ريزيون سڀ مَ سهپ جو ئي نتيجو آهن. ٿوري ٿوري ڳالهه تي ماڻهو آپي کان
نڪري ٿا وڃن. هڪ طرف چيو وڃي ٿو ته دنيا ترقي يافته ٿي چڪي آهي ته ٻي طرف عملي طور
ڏسون ٿا ته ڳالهه ان جي ابتڙ آهي. ذاتي جھڳڙا، قبيلائي دنگا ۽ ملڪن جون هڪ ٻي تي
هلان، اُن دور جي ياد تازي ٿيون ڪن جڏهن کوهه مان اڳواٽ ڏول ڀرڻ تي قبيلن جا قبيلا
سالن تائين خوني راند کيڏندا هئا.
شاهه لطيف
جو ڪلام ۽ پيغام هر دور لاءِ آهي، هن پوڻا ٽي سئو سال اڳ پنهنجي شاعريءَ ۾ جيڪو
سهپ، بردباري، صبر ۽ تحمل، نياز ۽ نئڙت جو پيغام ڏنو آهي ان جي اڄ به اوتري ئي
ضرورت آهي جيتري ڪالهه هئي. بلڪه حقيقت اها آهي ته اڄ جي دنيا کي لطيف جي اهڙي سوچ
۽ سنيهي جي وڌيڪ گھرج آهي. سهپ ۽ صبر وسيلي ئي دلين ۾ محبت جو ٻج پوکي سگھجي ٿو ۽
هن وحشت ۽ دهشت ڀريل سماج کي تبديل ڪري سگھجي ٿو.
حضرت علي (ڪرم
الله وجه) جو قول
آهي ته ”صبر ۽ سهپ هڪ اهڙي سواري آهي جيڪا سوار کي ڪڏهن به ڪرڻ نه ٿي ڏي“. دنيا جي
عالمن، اڪابرن ۽ دانشورن پڻ صبر کي ئي پنهنجو شيوو بڻايو. لطيف سرڪار پنهنجي رسالي
۾ ڪيترن ئي هنڌن تي صبر ۽ سهپ، نياز ۽ نئڙت جي تلقين فرمائي آهي. سر يمن ڪلياڻ جو
هڪ بيت آهي:
هو
چونئي تون مَ چئه، واتان ورائي
اڳ اڳرائي جو ڪري، خطا سو کائي
پاند ۾ پائي، ويو ڪيني وارو ڪينڪي
اڳ اڳرائي جو ڪري، خطا سو کائي
پاند ۾ پائي، ويو ڪيني وارو ڪينڪي
لطيف سائين
جي هن بيت ۾ ڪيتري نه حڪمت سمايل آهي فرمائي ٿو ته جيڪڏهن تنهنجو حريف يا مخالف تنهنجي
متعلق ٻاڙو ٻولي يا بهتان طرازي ڪري ته ڪرڻ ڏي، کيس جواب ۾ ڪجهه به نه چئه بلڪه
مٿس صبر جي هچا وجھي ڇڏ، ڇالاءِ ته جيڪو اڳرائي ڪندو آهي تنهن کي قدرت ان جي سزا
ضرور ڏيندي آهي. جيڪو انسان اندر ۾ ڪينو ۽ قدورت رکندو اهو ان ساڙ جي باهه ۾ پاڻ
ئي پيو سڙندو کيس سواءِ حسد جي ٻيو ڪجهه به نصيب نه ٿيندو. ساڳي مفهوم وارو هڪ ٻيو
بيت هن ريت آهي:
هو چونئي تون مَ چئه، واتان ورائي ويڻ
سڀني سين سيّد چئي، من ماري ڪر ميڻ
کانڌ وڏائي کيڻ، ڪيني منجھان ڪينَ ٿي
سڀني سين سيّد چئي، من ماري ڪر ميڻ
کانڌ وڏائي کيڻ، ڪيني منجھان ڪينَ ٿي
من کي ماري
ميڻ ڪرڻو آهي، انسان کي نهٺائي ۽ نئڙت جو روَيو اختيار ڪرڻ گھرجي، هٺ ۽ وڏائيءَ
مان ڪجهه به ورڻو نه آهي. ’والله مع الصابرين‘ يعنى الله تعالى صبر وارن سان گڏ
آهي.
لطيف سائين
هاديءَ جي اها هدايت ياد ڏياريندي سهپ ۽ صبر کي انساني زيور سڏيندي فرمائي ٿو ته پنهنجي
متعلق ڪنن سان گلا ٻڌين به ته موٽ ۾ صبر اختيار ڪر. جن صبر ذريعي پنهنجي نفس کي
قبضي ۾ ڪيو انهن کي گويا وڏي نعمت ملي وئي. بيت جون سٽون آهن:
سڻي ويڻ ڪنن سين، ورائج مَ وري
هاديءَ جي هدايت جي، آهي هيءَ ڳري
تن سڄي ساهه سري، جن ماريو نفس ماٺ سين
هاديءَ جي هدايت جي، آهي هيءَ ڳري
تن سڄي ساهه سري، جن ماريو نفس ماٺ سين
سر ڪلياڻ جو هڪ بيت آهي:
کمُ کمندن کٽيو، هارايو هوڙن
چکئو نه چؤندن، هُو جو ساءُ صبر جو
چکئو نه چؤندن، هُو جو ساءُ صبر جو
يعنى سهپ ۽ صبر ڪرڻ وارو هر جاءِ
تي مانُ پائيندو آهي ۽ هوڏ وارا هميشه هارائيندا آهن ڇو ته اهي صبر جي لذت ۽ ذائقي
کان محروم هوندا آهن.
لطيف سرڪار
اڳرائيءَ کان سخت منع فرمائي ٿو بلڪه تلقين ٿو ڪري ته جن توسان اڳرائي ڪئي انهن کي
به وساري ڇڏ. پنهنجي اندر ادب ۽ اخلاق جا گڻ پيدا ڪر ۽ غربت واري زندگي گذار، هٺ ۽
وڏائي ڇڏي ڏي. پنهنجن عملن جو خود احتساب ڪر يعنى پنهنجي متعلق پاڻ مفتي ٿي فتوى
ڏي ۽ پاڻ سان انصاف ڪر ته پوءِ ڪنهن جو محتاج نه رهندين ۽ تنهنجي زندگي پرسڪون
گذرندي.
اڻ چوندن مَ چئه، چندن چيو وسار
اٺئي پهر ادب سين، پرِ اهائي پار
پايو منهن مونن ۾، غربت ساڻ گذار
مفتي منجهه ويهار، ته قاضي ڪاڻيارو نه ٿئين
اٺئي پهر ادب سين، پرِ اهائي پار
پايو منهن مونن ۾، غربت ساڻ گذار
مفتي منجهه ويهار، ته قاضي ڪاڻيارو نه ٿئين
شاهه سائين
نئڙت ۽ نياز جو سبق رسالي جي مختلف سرن جي ڪردارن جي روپ ۾ ڏنو آهي. جيئن سرڪوهياري
۾ سسئي جي حوالي سان سندس جذبن جو اظهار هن ريت ٿيل آهي:
جيهي جي تيهي، ته به ٻانهي ٻاروچن
جي
حجت هوت پنهونءَ سان، مون ڪميڻيءَ ڪيهي
اصل آري ڄام جي، پلئه آءٌ پيئي
هو جا پائن پير ۾، تنهن جتيءَ نه جيهي
وساري ويهي، تن ڪيچين کي ڪيئن رهان!
حجت هوت پنهونءَ سان، مون ڪميڻيءَ ڪيهي
اصل آري ڄام جي، پلئه آءٌ پيئي
هو جا پائن پير ۾، تنهن جتيءَ نه جيهي
وساري ويهي، تن ڪيچين کي ڪيئن رهان!
همت ۽
حوصلي جي پيڪر سسئي، پنهل جي تلاش ۾ اڳتي وک وڌائيندي رهي، هوءَ پنهنجي ڪمين
ڪوتاهين تي شرمسار هئي. پنهل ڄام سان ڀلا حجت جي واٽ ڪهڙي! هن ته پاڻ کي جھڙي تهڙي
ڀائين ٻاروچن جي ٻانهي سڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪيو. پاڻ کي هيچ ۽ نيچ سڏيو ۽ پاڻ کي جانب
جي جتيءَ جي مٽ به ڪونه ڀايائين. هاڻي جنهن محبوب سان سندس ازل جو انگ هو تنهن کي
ڀلا هوءَ وساري به ڪيئن ٿي سگھي.
سموري
مخلوق الله تعالى جي تابع آهي. خصوصاً انسان جنهن کي، خالقِ ڪائنات سموري مخلوق ۾
اشرف ڪري خلقيو تنهن مالڪِ ڪُل سان انسان کي آقا ۽ غلام وارو تعلق رکڻو آهي. پر
ڏٺو وڃي ته عام انسان دنيا جي رنگ محل ۾ ايترو ته غافل ٿي وڃي ٿو جو کيس ان قادر
ڪارساز جو اونو ئي نه ٿو رهي، پر خداوندِ ڪريم جا نيڪ بندا پنهنجي رب جي حاڪميت ۾
غلام ٿي گذاريندا آهن. انهن جو هر قول ۽ عمل رضاءِ ايزدي خاطر هوندو آهي. ان حقيقي
حاڪم جي حضور هو ادنى غلام جيان هر وقت هٿ ٻڌي حاضر رهندا آهن، اهي اهڙي مالڪ جي
در جي غلامي هڪ لحظي لاءِ به ڇڏڻ لاءِ تيار نه هوندا آهن بلڪه هر وقت پرينءَ کي
پارتون ڪندا رهندا آهن ته اي مهربان مولا! اسان جي مٿان سدائين پنهنجي مهر ۽ شفقت
جو سايو قائم رک. لطيف سائين اهڙن احساسن کي سر بروو جي هيٺين چئن سٽن ۾ هيئن
سمايو آهي.
تون صاحبزادو سپرين، آءٌ نسورو نوڪر
بيحد ڪريان بندگي، هٿ ٻڌي حاضر
ڇن ڇڏيندس ڪينَڪي، دوست اوهانجو در
مون تان مهر نظر، پرين لاهه مَ پاهجو
بيحد ڪريان بندگي، هٿ ٻڌي حاضر
ڇن ڇڏيندس ڪينَڪي، دوست اوهانجو در
مون تان مهر نظر، پرين لاهه مَ پاهجو
يونان جي
ڏاهي سقراط چيو: ”مان اهو ڄاڻان ٿو ته مان ڪجهه به نه ٿو ڄاڻان“. ڪامل انسان جي
عظمت جا اهي اهڃاڻ آهن ته جيترو سندس علم ۽ حڪمت ۾ اضافو ٿيندو اوترو منجھس
بردباري، حلم ۽ هيٺائين جا گڻ وڌندا ۽ هو پاڻ کي ڪجهه به نه ڀانئڻ لڳندو. شاهه
صاحب به انسان کي اهڙي ئي هدايت ٿو ڪري ته جيڪڏهن تون واقعي ڪجهه ڄاڻين ٿو تڏهن به
پاڻ کي اَڻ ڄاڻ ڪري ڀانءِ، ڇالاءِ ته علم جو ڪو انت ئي ڪونهي. وري جن ڄاڻي به نه
ڄاتو ۽ اٻوجھ رهيا پاڻ سان ’پاڻ‘ نه کنيائون سي ئي رب جي حضور قبول پيا. اهڙن ئي
انسانن جي مٿان ڀلاري وڏا ڀال ڀلايا ۽ پنهنجي نعمتن سان نوازيو. سر پرڀاتي مان بيت
جو سٽون هن ريت آهن:
ڄاڻين ته پ نه ڄاڻ، اي در اٻوجھن جو
ان در سي ئي اگھئا، جن نه ڀانيون پاڻ
ريجھاڻو راڄاڻ، آهي اٻوجھن جو
ان در سي ئي اگھئا، جن نه ڀانيون پاڻ
ريجھاڻو راڄاڻ، آهي اٻوجھن جو
لالچ ڏاڍي
بري بلا آهي جيڪا انسان جي شخصيت کي اڏوهي جيان کائي چٽ ڪري ڇڏي ٿي. الله وارن
عارفن هميشه ان بلا کان بچڻ جو تاڪيد پي ڪيو آهي. لطيف سائين ان ڏس ۾ فرمائي ٿو ته
جيڪڏهن مولا جي محبت جي هام ڀرين ٿو ته سڀ کان اول لوڀ ۽ لالچ، حرص ۽ هوس کان ڀڄي
پاسو ڪر، عجز ۽ انڪساري اختيار ڪر ۽ ان حد تائين پاڻ ماري ميڻ ڪر جو الله پاڪ جي
فرمانبردار نيڪ بندن جي غلامن جي غلامن جو به غلام ٿي گذار. صبر جي شمشير سان ڪيني
۽ بغض کي مليا ميٽ ڪندي صبر جو دامن هرگز هٿان نه ڇڏ ته پوءِ ئي تنهنجو پرينءَ جي
پيارن ۾ شمار ٿيندو. سر رامڪليءَ جي هن بيت ۾ لطيف سرڪار مٿئين خيال کي هن ريت
سمايو آهي.
جي ڀائين جوڳي ٿيان، ته طمع ڇڏ تمام
گولا جي گولن جا، تن جو ٿيءُ غلام
صبر جي شمشير سان، ڪر ڪيني کي قتلام
ته نانگا تنهنجو نام، لکجي لاهوتين ۾.
گولا جي گولن جا، تن جو ٿيءُ غلام
صبر جي شمشير سان، ڪر ڪيني کي قتلام
ته نانگا تنهنجو نام، لکجي لاهوتين ۾.
احسان هي تمام ڪمائتو پورهيو ڪيو اٿئي
ReplyDeleteشال سدائين سکيو هجين
وڏي مهرباني پيارا.
ReplyDeleteاميد آهي ته هي واقعي هڪ ڪارائتو ڪم ثابت ٿيندو.
دوستن جون محبتون ۽ تعاون شامل رهيو ته يقيناً هن بلاگ تي ڀٽائي کي ڀرپور ٽربيوٽ ڏئي سگھبو. .
بهترين...
ReplyDelete