شاهه جو رسالو

Saturday, 19 April 2014

شاهه جي رسالي تي هڪ نظر -- عبدالڪريم سنديلو (Dr. Abdul Karim Sandilo)



عبدالڪريم سنديلو

شاهه جي رسالي تي هڪ نظر

http://latifsain.blogspot.com/p/blog-page_22.html

سنڌ جي زنده جاويد شاعر، حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي رحه جي وصال کي ڀريا 200 ورهيه گذري چڪا آهن. افسوس! هن مهل تائين ڪنهن به شاهه صاحب جي رسالي جي مڪمل شرح لکڻ جي تڪليف گوارا نه ڪئي آهي. جيڪڏهن هيءَ نعمت عظميٰ ولايت کي نصيب ٿئي ها، ته پوءِ هن مهل تائين هزارين ماڻهو پنهنجي عزيز جان، شاهه صاحب کي سمجهڻ ۾ صرف ڪري چڪن ها. نه رڳو ايترو، پر دنيا جي هر هڪ زبان ۾ ان جو ترجمو به ٿي وڃي ها. مگر اسان جي حالت ان جي برعڪس آهي، جنهن تي جيترو به ڏک ڪجي اوترو ٿورو آهي. عجب ته اهو آهي، جو اسان هن مهل تائين، شاهه صاحب جي خيال کي ته درڪنار، پر لفظن کي به پوريءَ معنيٰ ۾ ادا ڪري نه سگهيا آهيون، بس! ڪنهن مشهور اديب يا ڪنهن جهوني نسخي، ڪنهن لفظ جي معنيٰ ڪئي ته اسان لاءِ گويا سند ٿي چڪي، جنهنڪري وڌيڪ هوش هلائڻ ڇڏي ڏينداسين. جيڪڏهن هيءَ ڪمزور حالت اڃا به جاري رهي، ته اسان جا پويان، اسان کي هرگز معاف ڪري نه سگهندا.
اڄوڪيءَ صحبت ۾، شاهه رحه جا هڪ ٻه بيت، پنهنجيءَ سمجهه موجب، معنيٰ سميت عرض رکان ٿو، ۽ اميد اٿم ته اديب صاحب ان سلسلي ۾ پنهنجي روشن خيالات کان پڻ واقف ڪندا.
(1) پَرينده پاڻُ ويو، زلف ڪِيس زافُ،
سندو ڪاڪُل ڪافُ ماري معذورين کي.

                      (جلد ٻيون، صفحه 98)
مٿئين بيت ۾ صرف ”ڪاف“ لفظ تي بحث آهي. ڊاڪٽر گربخشاڻي لکي ٿو. ’ڪاڪل‘ لفظ جو پهريون اکر ’ڪاف‘ جنهن مان مراد آهي، ’ڪمند‘ يا ’دام.‘
در حقيقت ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ، اهو خيال ديوان ليلارامخاڪيءَ“ جي ڪتاب ”لائيف ۽ پوئيٽري آف شاه، 1889ع“ تان ورتو آهي. مخفي نه رهي ته ديوان ليلا رام ”خاڪي“ پهريون شخص هو، جنهن شاهه صاحب جي رسالي جي ڏکين لفظن جي معنيٰ لکي. سندس محنت قابل صد تحسين آهي. پاڻ شاعر به هو، جنهنڪري شاهه صاحب جي ڪلام کي، سمجهڻ جي ڪافي ڪوشش ڪئي اٿس. ديوان صاحب ’ڪاف‘ لفظ لاءِ خاص نوٽ ڇڏيو آهي. نوٽ ۾ ڊاڪٽر ٽرمپ کي رد ڏيئي، پنهنجي صورتخطي ’ڪاف‘ درست سمجهي اٿس (ڏسو ص 152 مسٽر ليلا رام جي ڪتاب جو)
جيڪي رسالي جا نسخا ڇپيل آهن، تن مان ڊاڪٽر ٽرمپ (1866ع) جو جهوني ۾ جهونو آهي. ان صاحب ”قاف“ لکيو آهي. واضح هجي ته ڊاڪٽر ٽرمپ به ضرور ڪن مستند جهونن نسخن تان اُتارو ڪيو هوندو. تنهن کانسواءِ يقين آهي ته سنڌي بزرگن جو هٿ به ضرور نصيب ٿيو هوندس. پڻ ظاهر هجي ته جو ڪجهه لکجي ٿو، تنهن ۾ معنيٰ جو خيال ضرور رکجي ٿو. جيڪڏهن ائين نه هجي ته ڪنهن به زبان جو ادب بام عروج تي پهچي نه سگهي. ڊاڪٽر ٽرمپ به ”قاف“ جي معنيٰ درست سمجهي، بعد ۾ اها صورتخطي قائم ڪئي هوندي! منهنجي ناقص خيال موجب، ڊاڪٽر ٽرمپ (ص 287) بالڪل ٺيڪ آهي، ۽ بيت جي معنيٰ هيئن بيهندي!
”ڪاڪل“ اشارو آهي محبوب جي ”زلف پريشان“ ڏانهن. ”سندو ڪاڪل“ معنيٰ ”محبوب“ جو ”ڪاڪل“ ”محبوب“ مخفي رکيل آهي. ”سندو ڪاڪل قاف“ معنيٰ محبوب جو ڪاڪل، قاف (وانگر) آهي ”قاف“ اشارو آهي ”ڪوه قاف“ ڏانهن جامع اللغات موجب: هڪ جبل جو نالو، ”جو جهان جي چوڌاري آهي“(؟) شاه صاحب چوي ٿو: محبوب جا زلف پريشان يا ڪاڪل ڪنڍڙا، قاف جبل جهڙا ڪارا آهن.
شاه صاحب جي همعصر، صابر موچي شاعر جي نسخي مان هڪ اهڙي طرز جو بيت عرض رکجي ٿو، جنهن ۾ صابر موچي، شاه صاحب جيان ”زاف“ ”قاف“ ۽ ”ڪيس“ (وار) لفظ ڪم آڻي، شاه صاحب وارو ساڳيو خيال قائم ڪيو آهي:
جهڙا گل گلاب، انهيءَ کان اعليٰ پرين،
پسي مِينُ دَهن دوست جو، مجرو ڪيو مهتابَ،
ڪيسن ساڻ قريب جي، ڇا ڪارنهن پڄندي قاف،
ڪن پيا ويس وڏاندرا، صابر چئي سر صاف،
ظاهر اڳتان زاف، اچي ڪونه عجيب جي.

مٿئين بيت جي ٽين مصرع ۾ صابر، شاه صاحب خيال ظاهر ڪيو آهي. چوي ٿو ته: محبوب جي ڪيسن (وارن) سان، قاف جبل جي ڪارنهن (ڪاراڻ) به مٽ پئي نه سگهندي. تنهن کانسواءِ، جئن شاهه صاحب لاڳيتا بيت چيا آهن، تئن صابر موچيءَ، پڻ چيا آهن. تنهنڪري ”ڪاف“ جي صورتختي ”قاف“ ٿيڻ کپي ۽ معنيٰ اها ٿيڻ گهرجي، جا مٿي ڏيکاري ويئي آهي.
(2) گجر کي گجميل جون تارن ۾ تبرون،
هڻي حاڪمن کي زور ڀريون زبرون،
ڪاڪ ڪنڌيءَ قبرون، پسو پر ڏيهين جون.
                                (جلد ٽيون، مومل راڻو، ص 23)
ڊاڪٽر گربخشاڻي ”گجميل“ ”رڪ“ يا ”فولاد“ جي معنيٰ ۾ ڏيئي، مرهٽي ۽ گجراتي لغتن جي سند ٿو پيش ڪري. ”آريه ڀوشڻ ڪوش“ توڙي ”ڪئنڊي ڪوش“ مرهٽيءَ جون مشهور لغتون آهن، تاهم انهن ۾ هي لفظ نظر نه ٿو اچي، گجراتيءَ ۾ ”بيلسور“ کان وڌيڪ ٻيوڪو ڪوش، مشڪل هجي. ان ۾ ”گجويل“ ”رڪ“ جي معنيٰ ۾ نظر اچي ٿو، پر ”گجميل“ ۽ ”گجويل“ ۾ جو تفاوت آهي، سو وسارڻ معنيٰ هٿراڌو ڳالهه پيش ڪرڻ.
شاهه جي رسالي جي ڪن نسخن ۾ ”گجمير“ آهي ته ڪن ۾ ”گجميل.“ خير، ٻنهي ۾ ڪو خاص تفاوت ڪونهي. ”ر“ ۽ ”ل“ پاڻ ۾ مٽبا آهن. جئن ٻار: ٻال، ڪارو: ڪالو، معاملو: مامرو؛ وغيره. ان اصول موجب ”گجمير، درست ٿيندو.
منهنجي خيال ۾ ”گجمير“ هڪ شهر آهي، جتان جون ڪهاڙيون مشهور هيون شاهه صاحب ”گجمير“ جي مشهوريءَ ڏانهن اشارو ڪيو آهي. گجمير- سن: گگن + مير. لفظ جي ڌاتوءَ يا بنياد مان معلوم ٿو ٿئي ته ”گجمير“ ٽڪريءَ تي اڏيل شهر هو، جتي مينهن جام پوندو هو. هرهڪ لفظ ۾، ان ملڪ جي تاريخ سمايل رهي ٿي. هن وقت اهو شهر ڪٿي آهي، سو تحقيق طلب آهي.
شاهه جي همعصر، جوڳيسر ٿريءَ به ڪيترا اهڙا بيت چيا آهن، جن ۾ ”گجمير“ لفظ ”شهر“ جي معنيٰ ۾ استعمال ڪيو ويو آهي.
گَگَن گجي آئيا، مٿي ٿر ٿمي،
ڪي گجا، ڪي گُجا، ڪي گگر منجهه گهي،
گجاوتيون گجميرِ جون آيون چڙء چڙهي،
ڀاريُون تن ڀِٽِن تي، ڪنِ پيِئَون سُونگ سهي،
آهي ۽ پهي، سڀئي سارِيان سومرا.

مٿئين بيت جي ٽينءَ مصرع ۾ چوي ٿو ته ”گجمير“ جون گجاوتيون (کنوڻيون) مٿان چڙهي ٿيون اچن.
گوڙ ڏنا گجمير ۾، جتي گاجون گوڙا ڏين. (نا معلوم)
انهيءَ تر ۾، جيسلمير، اجمير، باڙ مير وغيره شهر مشهور آهن. ڪنهن وقت جيلسمير جون جتيون مشهور هيون.
جُتي جيسلمير جي آندي اوستادن.
(3) گهوريندي گهور پيا، اگهور گهوريائون،
ميڪر ماريائون، ملاحن مهه سزا. (سر گهاتو)
مٿئين بيت ۾ صرف ”اگهور“ توجہ طلب آحي. ڊاڪٽر گربخشاڻي لکي ٿو.
”اگهور جو گهوري يا ڳولي نه سگهجي پاتال اونهو سمنڊ.“
”اگهور“ ”اونهي سمنڊ“ يا ”اونهائيءَ“ جي معنيٰ ۾ ڪنهن به سنسڪرت لغت ۾ نظر نٿو اچي. البت، مرزا صادق علي بيگ ۽ پادري شرٽ واريءَ سنڌي لغت ۾ ”اونهائيءَ“ جي معنيٰ ۾ نظر اچي ٿو. در اصل ”اگهور“ سنسڪرت لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”خوفناڪ.“
اگهور (سنسڪرت). آ = نه + گهور = ڊيڄاريندڙ: جنهن کان وڌيڪ ٻيو ڪو ڊيڄاريندڙ نه هجي، خوفناڪ، ڀيانڪ شاهه صاحب مورڙئي جي همت ۽ جوانمرديءَ تي تحسين ٿو ڪري، ته، ”اگهور گهوريائون“، يعني خوفناڪ (سمنڊ، جنهن ۾ ڇوليون، طوفان، ڪن وغيره هجن) ڳوليائون. مورڙئي جي بهادري به انهيءَ ۾ ظاهر ٿئي ٿي ته هن خوفناڪ سمنڊ جو مقابلو ڪيو.
اگهوري عشق جا اوتيو صرايون،
پيالا پٽ پيو جاڙهين ٿا دنگ.
                           (ديوان گل 136 بيت)
”اگهوري عشق“= خوفناڪ عشق، اهو عشق، جنهن ۾ سر سٽ ڏيڻي پوي. تنهن ڪري منهنجي خيال موجب ”اگهور“ معنيٰ ”خوفناڪ“ آهي ۽ نه ”اونهو.“
(4) گنير گت سکن، چلڻ جي چاهه پئي،
هندو حيرت ۾ پيا، لالي لال لبن،
چوڏس ماهه چنڊ جئن، وڄڙيون وهسن،
لوچن ٿا لطيف چئي، پسڻ لئي پرين،
ڪيسر قريبن، سنباهي ساڻ کنيا.
                                     (سر سارنگ 3 داستان)
مٿئين بيت ۾ صرف ”هندو“ لفظ تي اختلاف آهي. هيءَ ڳالهه قابل قبول آهي ته جيڪي به ڇاپي رسالا موجود آهن، تن سڀني ۾ ڊاڪٽر ٽرمپ جو رسالو پهريون ۽ جهونو آهي، جنهن تان گهڻو ڪري سڀني اتارو ڪيو آهي. ڊاڪٽر ٽرمپ جو رسالو موجوده صورتخطيءَ ۾ نه آهي، جنهنڪري لفظن جي معنائن ۾ گهڻو اختلاف ٿيو اهي. ارمان آهي، جو اسان ۾ تقليدي مادو عام ۽ نئين ڳالهه پيش ڪرڻ جو مادو برائي نام آهي. اهوئي سبب آهي، جو هن مهل تائين لفظن جون معنائون گهڻو ڪري ساڳيون ئي قائم ڪيون وڃن ٿيون. جيڪڏهن اڃا به اها رفتار قائم رهي ته اسان جو ادب جيڪو درجو ماڻيندو، سو ڪنهن کان به مخفي نه آهي.
ڏسو، ڊاڪٽر ٽرمپ اهو ساڳيو ”هندو“ لفظ پنهنجي رسالي ۾ ”هندو“ (”هه“ کي زير، ”ن“ ساڪن، ”د“ مٿان ”ٿ“ جيان چار ٽٻڪا، ”و“ ۽ ”ا“) ڪري ٿو لکي. ڊاڪٽر ٽرمپ کان سواءِ، ٻيا سڀ صاحب ”هندو“ ڪري ٿا لکن. هاڻي ٻڌايو ته اها تقليدي غلطي نه آهي ته ٻيو وري ڇا آهي؟
پهريون ئي شخص مرزا قليچ بيگ آهي، جنهن ”هندو“ لفظ جي معنيٰ ڏني آهي. مرزا صاحب هن طرح رقمطراز آهي.
هندو = ڪاف، ڪارو (فارسيءَ ۾ ”هندو“ چَون ڪاري کي) هتي اشارو زلفن جي ڪاراڻ جو. مرزا صاحب جي ڏنل معنيٰ موجب، سٽي معنيٰ، منهنجي خيال آهر، هيءَ بيهندي:
محبوب جا لب اهڙا ته ڳاڙها هئا، جو وار، جي زور ڪارا هئا، سي به حيران ٿيا، يعني جيتري ڪاراڻ وارن ۾ موجود هئي، تنهن کان وڌيڪ ڳاڙهاڻ لبن ۾ هئي. مطلب ته ڳاڙهاڻ جو درجو ڪاراڻ کان وڌيڪ هو.
ڪي صاحب شايد وچان ئي ٻيون معنائون ڪن.
آءٌ سمجهي نٿو سگهان ته سنڌ جي بلندپايه اديب ۽ قادر الڪلام شاعر، مرزا قليچ بيگ ”هندو“ لفظ جو لاڳاپو، لال لبن سان ڪهڙِءَ طرح قائم ڪيو آهي! ”زلفن“ جو ”لبن“ کي ڏسي، حيران ٿيڻ موزون ته نٿو لڳي، رسالي ۾ ڪيترا اهڙا بيت ملن ٿا، جن ۾ وارن کي، نانگ سان ڀيٽيو ويو آهي.
گلبندن جون گجريون ارم اوڍيائون،
چوٽا تيل ڦليل مان، واسينگ ويڙهيائون.
(سر مومل راڻو)
مٿئين بيت ۾ ”واسينگ ويڙهيائون“ معنيٰ: واسينگ نانگ جهڙا ڪارا، خوفناڪ، تجليدار ۽ ڊگها وار ويڙهيائون يعني سنواريائون.
جيڪڏهن رسالي کان ٻاهر نظر ڦيرائبي ته انيڪ مثال ملندا.
ڪالي ڪيس تليهر تکي ابرو قوس ڪمانا. (عالم خان)
عالم خان چوي ٿو ته ”محبوب جا ڪارا وار، تليهر (نانگ) کان به وڌيڪ ڪارا، خوفناڪ ۽ ڊگها آهن.“
مٿين بيتن مان معلوم ٿيو ته ”وارن“ کي ”نانگ“ سان ڀيٽو ويو آهي. ڪن وري ”وارن“ کي ڀونئر، ڪاري رات، ڪڪر، کٿوري، عنبر وغيره سان ڀيٽيو آهي. مطلب ته مونکي ڪوبه اهڙو بيت نٿو سجهي، جنهن ۾ شاهه صاحب توڙي سندس همعصر سگهڙن ”هندو“ زلفن جي معنيٰ ۾ ڪم آڻي، لال لبن سان تشبيهه طور ڪم آندو هجي. تنهن ڪري منهنجي خيال موجب اهو ”هندو“ لفظ اتي غلط ڪم آيل آهي. در حقيقت ڊاڪٽر ٽرمپ بالڪل صحيح آهي. لفظ ”هندو“ نه آهي، بلڪ ”هنڊوا“ آهي. گمان غالب آهي ته مقلدن کي ”هنڊوا“ لفظ منجهائي ڇڏيو هجي، جنهن ڪري ٻي ڪا واهه نه ڏسي، بي درديءَ سان لفظ ”هنڊوا“ جو گردن مروڙي، پنهنجي مرضيءَ موافق ”هندو“ لفط کڻي بنايو هجين. ڪير ٿو ويٺو ايڏو اونهو وڃي!
مخفي نه رهي ته ”هنڊوا“ ٻهراڙيءَ جو عام لفظ آهي. جيڪڏهن ڪنهن ڌراڙ کان پڇيو ته امالڪ معنيٰ ٻڌائڻ سان گڏ سندس ٻيا نالا به وٺي ويندو.
”هنڊوو“ جمع ”هنڊوا“، معنيٰ آهي، هڪ قسم جو جيت، جو رنگ جو ڳاڙهو مخملي ٿئي ٿو، ۽ عام طرح مينهن بعد ريجائين زمين تي نظر ايندو آهي. اُن جا ٻيا هي نالا آهن، هنڊول، وسايو، وساوڙو، مينهن وسايو، وغيره.
هنڊوو (سنسڪرت): اندروڌو. هڪ قسم جو
گهرو لال برساتي جيت. (ڀاشا شبد ڪوش)
اڳوڻا ٻهراڙيءَ جا ٻهڳڻ ۽ سپورنج، پنهنجي ڪلام ۾ محبوب جي لبن کي ”هنڊوي“ سان تشبيهه ڏين ٿا:
ڇاجي ڪور ڪري ڪامول، هن جا چرن چڱا وڌ چور کان،
بيٺس ماد مقابلي، هونٺن روءِ هنڊول. (جلال)

جلال چوي ٿو ”هنڊول“، محبوب جي لال لبن (هونٺن) کي ڏسي، مقابلي (مدمقابل) لاءِ اچي سامهون ٿيا.
تليهر ترنگ، اڀي جهاڙي جهاڙ ڀر،
ورن وساوڙ وترا، اُلڊه جيها انگ. (سليمان)
سليمان چو ٿو: محبوب جو رنگ (ورن)، مينهن وساڙي (هنڊوي) کان به وڌيڪ ڳاڙهو آهي ۽ سندس عضوا (انگ) مکڻ (الڊه) کان زياده نرم آهن.
هينئر مطلب واضح ٿي ويو. تنهنڪري ”هندو“ لفظ جي بجاءِ ”هنڊوا“ ٿيڻ کپي جيڪڏهن ٿورو اونهو وڃبو ته معلوم ٿيندو ته بيت جي هر هڪ سٽ ۾ ڪانه ڪا تشبيهه ڪم آيل آهي. پهرينءَ سٽ ۾، شاعر، محبوب جي هلڻ کي هاٿيءَ جي هلڻ تي ترجيح ٿو ڏئي عام طرح هاٿيءَ جو هلڻ سهڻو ليکيو وڃي ٿو. اهڙيءَ طرح ٻيءَ سٽ ۾ وري محبوب جي لال لبن کي ”هنڊون“ کان وڌيڪ ڳاڙهو سمجهي ٿو.
باقي سوال رهيو ته اهو بيت شاهه صاحب جو آهي يا نه، تنهن سان هن موضوع جو ڪو واسطو ڪونهي. البت ائين آهي ته ڪي علم دوست هن بيت کي شاهه جو بيت نٿا سمجهن، ڇو ته ”ڪيسر“ لفظ منجهائي وڌو اٿن.
موجوده زماني کي ”علوم عقليه“ ۽ سائنس جي بي مثال ترقيءَ تي فخر آهي، ۽ اهو فخر ۽ ناز يقيناً حق به جانب آهي. اڄ ”زمان ۽ مڪان“ تي انسان قابض ٿي چڪو آهي، ۽ فطرت جي اسرار تائين رسائي، ۽ ان جي نقاب ڪشائيءَ ۾ حيرت انگيز ڪاميابي حاصل ڪئي اٿس.
ليڪن ان ترقيءَ جي هوندي، هن زماني ۾ ملوڪيت جي جبر ۽ استبداد، ”جمهوريت“ ۽ ”قوميت“ جا نقاب چاڙهيا آهن، ۽ انهن نقابن جي اوٽ ۾ ”آزادي جي قدر“ ۽ ”انسانيت جي شرف“ جي اهڙي مٽي پليد ڪئي آهي، جنهنجو مثال تاريخ عالم جي ڪنهن سياهه ۾ سياهه صفحي ۾ به نه ٿو ملي سگهي!
جن نام نهاد مدبرن جي هٿ ۾ انسانيت ذات جي قيادت ۽ حڪومت سونپي وئي آهي، اهي خونريزيءَ، سفاڪيءَ، ۽ غريب آزاريءَ جا ديوتائون ثابت ٿيا آهن. جن حاڪمن جو اهو فرض هو، ته اخلاق انسانيءَ جي بنيادي حقن جي حفاظت ڪن، انسان کي انسان تي ظلم ڪرڻ کان روڪين، ۽ انسانيت جي ذهني، علمي سطح کي بلند ڪن، انهن ئي ملوڪيت جي جوش ۾ اچي، لکن خدا جي بي گناهه بندن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي.
اهو رڳو ان لاءِ ڪيو ويو، جئن پنهنجن مخصوص ماڻهن جي ناجائز خواهشن لاءِ تسڪين جو سامان پيدا ڪري سگهجي. انهن ڪمزور قومن تي قبضي حاصل ڪرڻ کان پوءِ، انهن جي اخلاق، مذهب، معاشرت، ادب، دولت ۽ مال تي به هٿ صفا ڪيا آهن، ۽ انهن بد نصيب انسانن کي خونريزيءَ ۽ برادرڪشيءَ ۾ ايترو ته مصروف ڪيو ويو آهي جو اڄ دنيا جي هر گوشي ۾ قيامت برپا ٿي چڪي آهي. سائنس جي تباهه ڪن اوزارن سان انساني تمدن جا عظيم الشان آثار مٽجي رهيا آهن. باهه ۽ خون جي هن تماشي ۾ علمي طور حصي وٺندڙ توڙي رڳو ٻاهران تماشي ڏسندڙ سڀ حڪومتون، اڄ پنهنجي پنهنجي منهن، اقتصادي ميدان ۾، ڪمزور طبقي جو خون چوسي رهيو آهن. ساري دنيا جا مفڪر سوچي رهيا آهن، ته ڇا تهذيب ۽ تمدن جي هن عروج واري زماني ۾ انساني ڪمال جو انجام ههڙو ٿيڻو هو؟
(شايع ٿيل: 1955)

No comments:

Post a Comment