شاهه جو رسالو

Friday, 18 April 2014

شاهه لطيف جي ڪلام ۾ لفظي ۽ معنوي ندرت - ڊاڪٽر بشير احمد شاد (Dr. Bashir Ahmed Shad)



ڊاڪٽر بشير احمد شاد
شاهه لطيف جي ڪلام ۾ لفظي ۽ معنوي ندرت

http://latifsain.blogspot.com/p/blog-page.htmlادبي ٻوليءَ جي بنيادي خوبين ۾ لفظي ۽ معنوي ندرت کي وڏي اهميت حاصل آهي. اها خوبي ٻوليءَ کي معياري ۽ خوبصورت بڻائي ٿي ۽ منجهس نواڻ ۽ مٺاس پيدا ڪري ٿي.
شاهه سائينءَ جو رسالو سنڌي ٻوليءَ کي دنيا جي معياري ۽ سڌريل ٻولين جي صف ۾ آڻي بيهاري ٿو. رسالي جو مطالعو ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته منجهس لفظي ۽ معنوي ندرت جو خزانو ڀريل آهي. هيٺ مختلف سرن مان اهڙا ڪجهه مثال پيش ڪجن ٿا.
سر يمن ڪلياڻ جو بيت آهي:
ويڄ مَ ٻڪي ڏي ، الا چڱي مَ ٿيان
سڄڻ مانَ اچي ، ڪر لاهو ٿي ڪڏهم

مٿيون بيت معنوي توڙي معنوي ندرت سان سينگاريل آهي. لفظي ندرت ۾ بيت جي ٻي سٽ ۾ لفظ ” ڪر لاهو “ تي غور ڪجي. ڪَرَ معنى خبر ، ”لاهو“ معنى لهندڙ يعني خبر لهندڙ. لطيف سائين خبرگيري ڪرڻ لاءِ هڪڙو ئي لفظ استعمال ڪري بيت ۾ ندرت پيدا ڪئي آهي. معنوي ندرت جي لحاظ کان پڻ ڏسبو ته هرڪو انسان ويڄ يا طبيب کان چڱ ڀلائيءَ وارو علاج طلبيندو آهي. پر هتي عاشق طبيب کان اهڙي ٻڪي ٿو طلبي جنهن سان چڱو ڀلو ٿي نه سگهي. هو ان بيماريءَ واري حالت کي سڄڻ جي ملاقات جو سبب بڻائڻ ٿو چاهي ته من منهنجي اگهائيءَ جي خبر سڻي محبوب مونکان پڇڻ لاءِ اچي نڪري.

سر سهڻيءَ ۾ لفظي ندرت جو مثال ملاحظه ٿئي:
گهڙو ڀڳو ته گھورئو ، مر ٻيڙ ٿئي ٻاهم
طالب المولى مذڪر ، اي پر اساهم
پئان نه پاهم ، مون ميهار من ۾

ٻاهم ، اساهم ۽ پاهم لفظي ندرت جا مثال آهن. ”ٻيڙ ٿي ٻاهم“ مان مراد آهي ته ميهار جي محّبت ۾ گھڙو ڀڳو ته گھورئو. هاڻي ڀل منهنجي ٻانهين ٻيڻي ٿئي. ”ٻانهنم“ معنى ”ٻانهن“ يا ”ٻانهين. اهڙيءَ ريت ”اسانجي“ معنى ۾ اساهم ۽ ”پوئتي“ جي معنى ۾ پاهم لفظ استعمال ڪري لطيف سرڪار هڪ طرف منفرد قافيه آهن ٻه ٻي طرف ٻوليءَ ۾ ٽن خوبصورت لفظن جو اضافو ڪيو آهي.
ساڳي سر مان هڪ ٻيو مثال پيش آهي:
وڇين سان ويٺي ، سور وياڇي سهڻي
آن ڪاٿي ڏيٺي ، مينهن جي ميهار سين

هتي سهڻي وڇين سان ويٺي سور اوري. سورن اورڻ لاءِ ”وياڇي“ جو نئون لفظ استعمال ٿيل آهي. جڏهن ته ٻي سٽ ۾ ”ڏيٺي“ ملاقات جي معنى ۾ آيل آهي. سهڻي وڇين سان ويٺي احوال اوري ۽ پڇي ٿي ته ڀلا توهان جي ميهار سان ڪا ملاقات آهي !
سر سهڻيءَ مان لفظي ندرت جو هڪ ٻيو مثال ڏجي ٿو:
ڪارا ڪُن ، ڪاري تڳي ، جتي ڪاريهر ڪڙڪا
مئي متي مهراڻ ۾ ، اچن دوپارا دڙڪا
ويندي ساهڙ سامنهان ، جهول ڏنس جھڙڪا
کرڪن جا کڙڪا ، سونهان ٿيئڙس سير ۾

بيت جي ٻي سٽ ۾ ”دوپارا“ آيل آهي ، جنهن جي معنى ٻنهي پاسي آي. دو معنى ٻه پارا يعني ٻئي پاسا يا ٻنهي پاسن کان. ٽين سٽ ۾ ”جھڙڪا“ جي معنى ضربون يا چپيٽون آهي. ٻئي لفظ لفظي ندرت جو عمدو مثال آهن. اهي معنى توڙي مفهوم جي لحاظ کان اهڙا تزُ آهن جئن منڊيءَ تي ٽِڪَ.
سسئي آبري جو هڪ بيت آهي :
ڪوڙيون پڇن ڪيچ ، هوت پڇن هتهم
جن پنهونءَ سين پيچ ، تن پيرين پنڌ وسارئو

مٿين بيت ۾ لفظ ”هتهم“ هتي جي معنى ۾ استعمال ٿيل آهي جيڪو پڻ لفظي ندرت جو نمونو آهي.
سر حسينيءَ ۾ پڻ معنوي ندرت جا خوبصورت مثال ملن ٿا.
آئون ڏوريان شال مَ لهان ! پرين هيئن پري
هڏ نه ساهه سري ، تَنَ تسلي نه ٿئي

هن بيت ۾ عاشق پنهنجي مطلوب ۽ مقصود کي ڏورڻ ته چاهي ٿو پر ان کي حاصل ڪرڻ جي تمنا نه ٿو رکي ۽ چاهي ٿو ته کانئس ڀل پرين پري هجي ، جئن سندس اها تڙپ ۽ تانگھ قائم رهي ۽ اندر مان اڪير نه لهي ۽ تَنَ کي تسلي نه ٿئي ، متان محبوب جي ملڻ کانپوءِ انهيءَ تڙپ ۽ تانگھ ۾ گھٽتائي اچي وڃي. بيت ۾ ڪيڏي نه معنوي ندرت سمايل آهي.
لفظي ندرت لاءِ لفظ ”هيئن“ هجڻ جي معنى ۾ استعمال ٿيل آهي. ساڳئي ئي سر ۾ اهڙي مفهوم وارو هڪ ٻيو خوبصورت بيت ملي ٿو.
ڏوريان ڏوريان مَ لهان ، شال مَ ملان هوت
من اندر جا لوچ ، مڇڻ ملڻ سان ماٺي ٿئي

مٿيون بيت معنوي ندرت جو عمدو مثال آهي.
سر معذوري مان لفظي ندرت جو هڪ مثال پيش ڪجي ٿو:
وَڌو ڪيم وڻاهه ، اونچا ڏونگر مَ ٿيو
ٽِمو مَ نيڻاهه ، ته پير نهاريان پرينءَ جو

هتي لفظ ”وڻاهه“ وڻن جي معنى ۾ آيل آهي. جڏهن ته ٻي سٽ ۾ ”نيڻاهه“ جو مطلب نيڻ يا اکيون آهن. ٻئي لفظ نواڻ سان ڀرپور آهن. ٻي سٽ جو مفهوم ۽ مطلب معنوي لحاظ کان ڪيڏو نه سهڻو آهي. سسئي منهنجي اکين سان مخاطب آهي ته توهان نير نه وهايو ، ڳوڙهن سان نه ڀرجي اچو ، جئن مان پرين جو پيرو لهي وٺان. اکين ۾ ڳوڙها ڀرجڻ وقت چٽو نه ڏسي سگھبو آهي.
معنوي ندرت جو ”سر ليلا چنيسر“ مان هڪڙو مثال ڏجي ٿو.
الا !‎‎ ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهين ڏک ڏسن
مون سين مون پرين ، ڀورائيءَ ۾ ڀال ڪئا

گھڻي ڏاهپ ڪڏهن ڪڏهن انسان ۾ غرور ۽ گھمنڊ پيدا ڪندي آهي ۽ سندس گھمراهه ٿي پوڻ جا قوي امڪان  پيدا ٿي پوندا آهن. تنهن ڪري الله جي ٻانهن هميشه پنهنجي هست کي نيست ڪيو ۽ پاڻ کي ڪجهه به نه ڀانيو، بلڪه مالڪ کان هميشه اها دعا گھري ته اسان کي اَٻوجھن ۽ اياڻن کي شمار ڪر ڇوته اهڙن انسانن تي مالڪ جي خاص مهر ڀري نظر هوندي آهي. آقا کي اگلڙا پسند هوندا آهن. بيت ۾ معنويت جي لحاظ کان ڪيڏي نه نواڻ نظر اچي ٿي.
”سر سورٺ“ مان لفظي ندرت جو هڪ سهڻو مثال پيش ڪجي ٿو:
سوءَ سرن پائي ، جي تند برابر توريان
اٽل اوڏاهم ٿيي ، جيڏاهن ٻيجل ٻرائي
سکڻو هڏ آهي ، سر ۾ سڃڻ ناهه ڪو

هن بيت ۾ لفظ ”اوڏاهم“ ان پاسي جي معنى ۾ استعمال ٿيل آهي ۽ ”سڃڻ“ مان مراد نذرانو ڏيڻ آهي. لفظي ندرت کان علاوه بيت ۾ وڏا معنى جا موتي سمايل آهن. راءِ ڏياچ هڪ سر ته ڇا پر سوءَ سر ڏئي سرخرو ٿيڻ ٿو چاهي ۽ ان عمل کي نذرانو تصور ٿو ڪري.سندس عقيدت جي انتها آهي جو هو سوءَ سرن کي تند برابر تورڻ بعد به اُٽل ان پاسي ٿو ڀائين جنهن پاسي ٻيجل ٻيٺو تند تنواري.
ساڳئي سر ۾ ساڳئي مفهوم ۽ معنى وارو هڪ ٻيو بيت هن ريت آهي:
مٿي اُتي مهجي ، جي ڪوڙين هُوَنِ ڪپار
ته وارئو وارئو وڍيان ، سسيءَ کي سوءَ وار
ته پڻ تند توار ، موهان مٿائون مڱڻا!

مٿين بيت ۾ ”هُوَنِ“ هجن جي معنى ڏيکاري ٿو. ٻئي سٽ ۾”وارئو وارئو“ بار بار يا وري وري جي لاءِ استعمال ڪيل آهي. ٽين سٽ ۾ ”موهان“ جي معنى مونکان آهي. اهي ندرت جا سهڻا مثال آهن.
سر آسا ۾ لفظي خواهه معنوي ندرت جو هڪ خوبصورت بيت ملي ٿو.
الا کر جيئن ، مدي جن جي من ۾
اسان ۽ پرين جون اميدون پسن
تهان پوءِ مرن ،سڙي انهي سور ۾

هرڪو انسان چاهيندو آ هي ته سندس دشمن نيست ۽ نابود ٿئي. پر هتي معاملو ئي اور آهي. عاشق پنهنجي حريف ۽ دشمن جي عمردرازيءَ لاءِ منفرد دعا گھري ٿو. هو چاهي ٿو ته سندس دشمن تيسيتائين جيئرو هجي جيستائين سندس ۽ پرينءَ جي من جون مرادون پوريون ٿين. اهي مرادون پسي پوءِ سندس دشمن ڀل انهي سور ۾ سڙي مري. بيت ۾ ڪيڏي نه معنوي ندرت سمايل آهي. لفظي ندرت جي حوالي سان لفظ ”تهان“ جو مطلب ”ان کان پوءِ“ آهي.
سر مارئيءَ مان لفظي ندرت جو مثال هن ريت آهي:
واجھائي وطن کي ، ساري ڏيان ساهه
بت منهنجو بند ۾ ، قيد مَ ڪريجاهه
پرڏيهاڻي پرينءَ ريءَ ، ڌار مَ ڌريجاهه
ٿڌي وسائج ٿرن جي ، مٽي مئيءَ مٿاهه
جي پويون ٿي پساهه ، ته نجاهه مڙهه ملير ڏي

مٿين بيت ۾ ڪريجاهه ، ڌريجاهه ، مٿاهه ۽ نجاهه لفظي ندرت ظاهر ڪن ٿا. ”ڪريجاهه“ معنى ڪجانءِ . ”ڌار مَ ڌريجاهه“ يعني ڌار نه ڪجانءِ. ”مٿاهه“ معنى مٿان ۽ ”نجاھ“ جو مطلب موڪلجانءِ. مارئيءَ جي اندر جو آواز آهي. مٿيان لفظ ٿر ۾ عام مستعمل رهيا آهن. تهنڪري لطيف سائين بيت ۾ اهو ئي رنگ اختيار ڪيو آهي.
”سر ديسي“ ۾ لفظي ندرت جا ڪيترائي مثال ملن ٿا.
سِڪي جان ستياسِ ، تان سڪ سمهڻ نه ڏئي
جاڳي ستيس جن لئه ، سي آيا تان نه اٿياس
ڀينر آئون ڀلياس، نه ته سڪ سمهڻ ڇا لڳي

هن بيت ۾ ستياس ، اٿياس ۽ ڀلياس  لفظي ندرت جا نمونا آهن. ”ستياس“ معنى سمهي پيس. ”اُٿياس“ جو مطلب ته اُٿيسِ ۽ ”ڀلياس“معنى ڀلي پيس. جتوڻيڪ سمهيس ، اٿيس ۽ ڀليس تمام سادا ۽ سولا لفظ آهن پر لطيف سائين انهن لفظن ۾ وڌيڪ مٺاس پيدا ڪري وڌيڪ رنگين ۽ خوبصورت بڻائي ڇڏيو آهي. بيت جي سٽاء ۾ ردم جي لحاظ کان به سهڻي جاءِ وٺي بيٺا آهن.
”سر رِپَ“ جو هڪ بيت پيش ڪجي ٿو جنهن ۾ لفظي ندرت ملي ٿي.
گَوني ۽ گُوني ،  پريــن  پٽائين گج جنءَ
جي منجھوني ، سي ڪئنءَ وڃن وسري

بيت جي ٻي سٽ ۾ لفظ ”منجھوني“ جي معنى من ۾ اندر يا منهنجي من ۾ آهي. ”منجھوني“ لفظ بالڪل نئون آهي. پهرين سٽ ۾ عاشق پنهنجي محبوب جي حسن ۽ نزاڪت جو مثال خوبصورت گلن ٻوٽن واري ڀرت ڀريل ريشمي گج سان ڏئي ٿو. اهڙو سهڻو محبوب ڀلا ڪيئن ٿو وساري سگھجي جيڪو عاشق جي من ۾ جائگير آهي.

No comments:

Post a Comment