جهامنداس ڀاٽيه
سدا سرهاڻ سندس معطر ڪندي پي
رهي آهي وس کي جسم سندس جو جس ڳائي پيو ڳوٺاڻو خواهه شهري.
مگر هيءُ ته رنگ پور جو راڻو
اوراڻو اوريندو ٿو رهي اُڀر ۽ اُسر جو، لکڻي سندس لاهوتي، اکر سندس آگ اٿارڻ وارا،
تصويرون سندس نازيون، ناز واريون رمڻيون جي؛ هو نائڪائون بنائي ناٽڪ ٿو رچائي تن
جي ڪلاڪاريءَ ڪري هو امر ۽ اجڙ رهندو.
وقت وٽ وت ڪٿي، ويڪر ڪٿي جو
ههڙي ڪامل ڪاريگر کي ڪڇ ڪري زماني کي سڃو ڪري سگهي.
ڀٽون ڀيٽي تاني پيٽي نج عشق جو
اسم ٿي پيو هو. عشق جو افسانو رومان جو ترانو آهي.
لطيف جو رومان لطافت کان
وانجهي نه آهي. هن جا مانجهي صبوح جي ستاري وانگر ٽمڪ ٽمڪ نٿا ڪندا رهن. نڪي منجهن
ڪا سانجهي جي رنگن جي راند آهي.
هڪ هڪ سورمي حيرت ۽ عبرت جي
پيدائش آهي.
سينگار ۽ سوج، جي هو کين ٿو
ڪرائي سي ڪنهن به رنگ جي سنگت جا محتاج نه آهن.
ڪهاڻيون قرب جون واڻيون آهن.
سندن راڻيون راڄ ڌياڻيون عشق
جي ديس جون! عشق راند نه آهي، کاند آهي!
سهڻي، سسئي، مومل انهيءَ عشق
جي افساني جون ويس ڌارڻيون آهن. سسئي راجائي ٻار آهي. مومل سونهن جو سينگار آهي
مگر انهن جو پيچ ڪيچ ڌڻي، ڊٽ جي وڻجاري سان، ناز واريون نيهن نباهو سر جي سٽ ڏيڻ
کان نٿيون پوءِ پون، سهڻي ته ڪنير ڪنيا آهي.
ڪامل ڪنڀر خبر نه آهي ڪئن ويهي
کيس گهڙيو مگر لطيف جي گهڙت ۽ مڙهت موتين ۽ جواهرن جي جڙت کي شهه ڏيو وجهي. ڪيڏو
نه لطف ڏنو هن فقير سمي جي سڪ ۾ جنهن نوري کي کڻي ڪڇ ڪيو. نوري نيازي هئي.
قرب سڀ ويڇا لوڙهي ٿو ڇڏي. سڀ
تفاوت تڙي ٿو ڇڏي. هڪ طرف عورتن جي فطرت جو بيان ڪندي ليلا کي مڻي تي موهيو ڇڏي ۽
کيس هڪ رات لاءِ چنيسر کان جدا ڪيو وجهي.
ٻي طرف مارئي – ڳوٺاڻي، عمر
جهڙي حاڪم جي محلن ماڙين موتن مخملن، شربتن ۽ شيرنن جي آڇ کي ٺڪرايو ڇڏي.
عورت جي دل ٻنهي ۾ آهي.
مگر شاهه راهه رنداني وٺي
بياني لاثاني بنايو ٿو ڇڏي. هو هڪ اصول واري، محبت واري عورت ٺاهي تيار ٿو ڪري.
مارئي ڪنهن افسانه نگار جي
پئدائش نه آهي. هوءَ تواريخي هستي آهي مگر لطيف مستي جا منجهس مئي وئي آهي سا لطيف
جو ئي ڪم آهي. شاهه اُها کڻي ٿو منجهس اوت اوتي جو نقاد دنگ رهجيو وڃن.
سندس ڪلام جو سلام عام و خاص
سان آهي. سندس واس واريءَ جي قطري قطري ۾ پيو بکي. ڀٽون پيون آلاپ آلاپين. سنڌ جي
ڳوٺاڻن ۽ اڻ پڙهيلن جي دلين جو هو شاهه آهي. علم وارا عقل ڪري سندس فقيريءَ جو قدر
نه ڪندا مگر عشق ۽ درد وارا کيس رومان جو راڻو، عشق جو آقا ڪري قبول ڪندا. علم ۽
عقل، عشق ۽ عمل، ملڪي محبت ۽ محبوبي مشاهدي جي مشعال آهي رسالو.
ادب ۽ فضيلت، سياست ۽ رياضت،
ناز ۽ نياز جو آواز آهي ڪلام ۾.
لطيف لطف جو انتخاب آهي رسالو.
فيلسوفي جو آهي اعليٰ مقابلو، درد دل جي عرق جو آهي پيالو. خام خوديءَ جي مستي جو
آهه اوتالو لطيف، شاهه ڪلاڪار آهي جو جدا جدا تجربن مان اُڪري اهو راڳ ٿو ڇيڙي جو
جهنڊ کڻي ٿو ميڙي.
سندس ڪلام ۾ ڪا ڪوتاهي ڪانهي،
سندس تند تنوار ۾ ڪابه گمراهي ڪانهي. آگاهي آهي اصلي، عقلي نه آهي راند، جي هجي ها
ته سموري سنڌ جو سرتاج ڇو سڏجي ها؟
غازي کپن جي ماضي کي دفن ڪن،
آئينده کي ڪفن ڏين، غواص کپن جي سپون سوڌين، موتي ديس کي آڇين. اڃان ته ماڻڪ پيتي
۾ بند آهن. شايد بند ئي رهن مگر جي اُت ئي پرزا ٿي پيو ته ملهه سندس پدما پري ٿي
پوندو!
تون حبيب، تون
طبيب، تون درد جو دارون،
دوا آهن دل کي تنهنجيون توارون،
ڪريان ٿي ڪارون، جئن ٻڪي ٻئنئون نه ٿئي.
(شاهه)دوا آهن دل کي تنهنجيون توارون،
ڪريان ٿي ڪارون، جئن ٻڪي ٻئنئون نه ٿئي.
No comments:
Post a Comment