ڊاڪٽر احسان دانش
شاهه لطيف جي ڪلام تي پنجابي
شاعريءَ جا اثر
شاهه سائين جي شاعريءَ جي
مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته سندس ڪلام تي عربي، فارسي ۽ هندي کان سواءِ ڏيهي ٻولين
مان پنجابيءَ جو گھرو اثر آهي. هن مضمون ۾ اسان شاهه جي انهن پنجابي متقدمين جو
ذڪر ڪندا سين جن جو سندس ڪلام تي چٽو اثر آهي. ڪتاب ”شاهه عبداللطيف ۽ پاڪستاني
ٻولين جا صوفي شاعر“ جي ليکڪن ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو ۽ طارق عزيز شيخ لکيو آهي ته ”رگ ويد ۾ ’سپت سنڌو‘ جي حوالي سان جن ستن درياهن جو ذڪر ملي
ٿو، انهن مان پنجن درياهن (چناب، جهلم، راوي، ستلج ۽ بياس) جي سرزمين کي پنجاب جو
نالو ڏنل آهي. جنهن جو پنهنجو ڪلچر ۽ پنهنجي ٻولي آهي. سنڌو درياهه جو تسلسل هئڻ
ڪري پنجابي ڪلچر ۽ ٻوليءَ جو سنڌي ڪلچر ۽ سنڌي ٻوليءَ سان پراڻو تعلق آهي، اهو ئي
سبب آهي جو هتان جي قومي ڪلاسيڪي شاعرن جي ڪلامن ۾ حيرت انگيز هڪ جهڙائي ملي ٿي.“
(1) پنجاب جيتوڻيڪ هن وقت پاڪستان جو هڪ صوبو آهي پر ان حقيقت کان به منهن موڙڻ
ممڪن ئي نه آهي ته پنجاب قديم سنڌ جو حصو رهيو آهي. تاريخ جا در کولڻ سان ان جا
ڪيئي ثبوت ملندا. سنڌ ڌارين جي حملن ۽ سياسي اثرن سبب صدين کان سڪڙجندي رهي
آهي، ورنه قديم سنڌ جون جاگرافيائي حدون ملتان کان ڪشمير تائين پکڙيل ڏسبيون. ان
طرح پنجاب قديم سنڌ جي ڀاڪر ۾ نظر ايندو. جڏهن اسين ڀٽائي جي سماجي فڪر واري شاعريءَ
توڙي سندس شاعريءَ جي مجموعي فلسفي تي ڏيهي متقدمين جي اثرن جي
ڳالهه ڪريون ٿا ته پنجاب کي به سنڌ ڏيهه جو حصو سمجھندي هي مطالعو پيش ڪيو پيو وڃي. هونءَ
به ساڳين جاگرافيائي حدن ۾ رهندي مختلف ٻولين ۽ ٻولين جي شاعرن جا هڪ ٻئي تي اثرَ
پوڻ هڪ فطري لقاءُ آهن. شاهه لطيف کي نه رڳو پنهنجي دور جي اهم پرڏيهي ٻولين جي
اهم شاعرن جي ڪلام جو ادراڪ هو پر پنهنجي آس پاس وارين پاڙيسري ٻولين جي شاعرن کي
پڻ غور سان پڙهيو هيو ۽ سندن ڪلام منجھان ڪي خاص نڪتا ڳولي پنهنجي شاعراڻي اظهار ۾
اهڙي نموني پيوست ڪيا جو فڪري هم خيالي باوجود اهي نڪتا اڄ تائين شاهه جي مخصوص لهجي
۽ ماحول سبب نڪور پيا لڳن.
شاهه لطيف پنجابي ٻوليءَ کان
سڌو سنئون متاثر نظر نه ٿو اچي، ڇوته سندس سموري ڪلام ۾ ڪنهن به جاءِ تي ڪا هڪ سٽ
به اهڙي ڪانه آهي، جيڪا پنجابي ٻوليءَ ۾ لکيل هجي. البته شاهه جو ڪلام پڙهندي مٿس
پنجابي زبان جي شاعرن جو اثر نمايان نظر اچي پيو. خاص طور بابا فريد، گرو نانڪ،
شاهه حسين، سلطان باهو ۽ بلهي شاهه پنجابي زبان جا اهڙا شاعر آهن جن کان اسان جو
سهڻو شاهه ڪافي متاثر ٿو ڏسجي. شاهه سائين انهن شاعرن جا ٻن حوالن سان اثر قبول
ڪيا آهن. پهريون بنيادي فڪري نڪتي جي حوالي سان. يعني ساڳئي نڪتي يا خيال کي ڌار ماحول ۽ تشبيهن سان بيان ڪرڻ ۽
ٻيو فڪري نڪتي ۽ بيان جي هڪ جهڙائي جي حوالي سان.
جنهن ۾ شاعريءَ جو سماجي فڪر پڻ شامل آهي. هيٺ پنجابي شاعرن سان
ڀٽائي جي شاعريءَ جو تقابلي مطالعو پيش ڪندي اهي ٻئي حوالا ڏنا ويندا.
بابا فريد گنج شڪر (1173 ــ
1266) پنجابي اساسي شاعريءَ جو وڏو نانءُ آهي. هن جو فڪر بيشڪ تصوف جي ٿنڀن تي
بيٺل آهي پر سندس اظهار مقامي سماجي حالتن ۽ روايتن سان ڳنڍيل نظر اچي ٿو. بابا فريد جا دوها نه رڳو پنجاب، پر
سموري ننڍي کنڊ ۾ مشهور آهن. فريد جي دوهن کان ڀٽائي به متاثر ٿو ڏسجي. بابا فريد فرمايو:
جو تَين مارن مُڪيان، تِنهان نه
مارن گھُم
آپـڙي گھـر جائيي، پير تِهان دي چُــــم*
آپـڙي گھـر جائيي، پير تِهان دي چُــــم*
(*جيڪڏهن
توکي ڪوئي مُڪون هڻي، ته کانئس پلئه نه ڪر، پر ان کي معاف ڪري ڇڏ ۽ صبر سان پنهنجي
گھر هليو وڃ. ڇوته ان جو وڏو اجر آهي.)
بابا فريد جو اهو دوهو امن
پسندي ۽ صلح جوئي جو مظهر آهي. ان رويي وسيلي سماج ۾ موجود انيڪ انتشارن کي ختم
ڪري سگھجي ٿو. شاهه لطيف انهيءَ امن، درگذر ۽ عدم تشدد واري پيغام کي وڌيڪ چٽو ڪري ’سُر يمن ڪلياڻ’ ۾ هن طرح پيش ڪيو آهي:
هو چونِ ئي، تون مَ چئه واتان
ورائي،
اڳ اڳرائي جو ڪري، خطا ســو کــائي،
اڳ اڳرائي جو ڪري، خطا ســو کــائي،
پاند ۾ پائي، ويو ڪيني وارو ڪين
ڪي. (سُر يمن ڪلياڻ، د 8)
انهيءَ ساڳي سماجي فڪر واري تسلسل ۾ بابا فريد جو هيٺيون دوهو به ڪمال جو آهي، جنهن ۾ شڪار ۽ شڪاريءَ جو ذڪر آهي:
سَر مين پنکي هيڪلا، ڦاسيوال
پچاس
اه تــن لهري گڍ ٿيا، سچي تيري آس*
اه تــن لهري گڍ ٿيا، سچي تيري آس*
(*’سنسار روپي‘ ڍنڍ ۾ ’جيو
روپي‘ پکي هڪڙو آهي ۽ ’وڪار روپي‘ ڦاسائيندڙ پنجاهه آهن. هي ’اُڃ روپي‘ من لهرن ۾
پيو لُڏي. تنهن ڪري ڌڻي هاڻي
تنهنجو ئي آسرو آهي.)
ڀٽائي،
فريد جي انهيءَ دوهي جي اثر هيٺ ’سُر ڪارايل‘ ۾ ڏنل بيت کي لفظن جو لباس هن طرح
پارايو آهي:
سَر ۾ پکي هيڪڙو، پاڙهيري
پنجاهه،
سـنــدي آس الله، لُــڏي لـهـرين
وچ ۾. (د 1)
تصوف جي فڪري ڌارا ۾ خود ۾
محبوب جي تلاش وارو موضوع حاوي نظر اچي ٿو، جنهن کي فريد سائين به ڏاڍي خوبصورت
نموني بيان ڪيو آهي:
فريدا! جنگل جنگل کيا بهوين، ون
کنڊا موڙين
وسـي رَب هيا ليئــي، جـنـگل ڪـيـا ڍونــڍيــــن*
وسـي رَب هيا ليئــي، جـنـگل ڪـيـا ڍونــڍيــــن*
(*اي
فريد! تون جهنگ ۽ ٻيلن ۾ ڇا پيو تلاش ڪرين، جڏهن ته رب ته تنهنجي اندر ۾ آهي. هرو
ڀرو ٻوٽن ۽ ڪنڊن کي چيڀاٽيندو ٿو وتين.)
شاهه لطيف ’سُر سسئي
آبري‘ ۾ ساڳي مفهوم وارو بيت چيو آهي:
وڃين ڇو وڻڪار، هت نه ڳولين هوت
کي،
لڪو ڪين لطيف چئي، ٻــاروچو ٻئي پـــار،
لڪو ڪين لطيف چئي، ٻــاروچو ٻئي پـــار،
نائي نيڻ نهار، تــــو
۾ ديرو دوست جــو. (د 3)
ساڳي فڪري وهڪري ۾ ڀٽائي جو
وڌيڪ سگھارو ۽ پائدار اظهار ملي ٿو. لاکيڻي لطيف فرمايو:
ووڙيم سڀ وٿاڻ، يار ڪارڻ جت جي،
’والله بِڪل شيءِ محيط‘، اي آرياڻيءَ اهڃاڻ،
’والله بِڪل شيءِ محيط‘، اي آرياڻيءَ اهڃاڻ،
سڀ ۾ پنهو پاڻ، ڪينهي ٻيو ٻروچ ري.
(سُر سسئي آبري، د 3)
هتي لطيف سائين ان ڳولا،
جستجو ۽ ووڙڻ کي هڪ سماجي قدر طور آندو آهي. يعني منزل جي حصول تائين جستجو جو
ڏَسُ ڏنل آهي. ان جستجو جي انتها تي پهچڻ کان پوءِ ماڻهوءَ کي هر قدم تي منزل جا
اهڃاڻ ظاهر ٿيندا آهن.
فارسي شاعرن ۾ عمر خيام ’مٽيءَ‘
جي موضوع تي شاندار رباعيون چيون آهن، جن ۾ هن مٽيءَ جي اهميت ۽ عظمت بيان ڪئي
آهي. صوفين ماڻهوءَ کي مٽيءَ جو رانديڪو ڄاڻايو آهي جنهن کي وري مٽيءَ ۾ ئي ملي
وڃڻو آهي. تنهن ڪري ماڻهوءَ کي مٽيءَ کان نفرت نه ٿي جڳائي. بابا فريد به مٽي جو
شانُ ۽ مانُ مٿاهون ڄاڻايو آهي.
فريدا خاڪ نه نندئي، خاڪ جيڊ نه
ڪوءِ
جيونديان پيران تلي، مويان اُپر هوءِ*
جيونديان پيران تلي، مويان اُپر هوءِ*
(*اي فريد! مٽيءَ کي نه نند،
ڇوته ان جيڏو وڏو ٻيو ڪونهي؛ اسان جي جيئري اسان جي پيرن هيٺان آهي، مُئي پڄاڻان
اسان جي مٿان ٿيندي.)
شاهه لطيف ’مٽيءَ جي جيئري پيرن
هيٺان ۽ مئي مٿان هجڻ‘ واري انهي بنيادي خيال کي اخذ ڪري ’سُر مومل راڻو‘ ۾ جيڪو
بيت ڏنو آهي، اهو نه رڳو فريد جي دوهي جو فڪري تسلسل آهي پر ان بيت ۾ ان بنيادي
خيال کي ڀٽائي ڪمال ڪشادي پڻ ڏني آهي.
جا ڀون پيرين مون، سا ڀون مٿي
سڄڻين،
ڌڱ لٽبا ڌوڙ ۾، اڀي ڏٺـا ســون،
ڌڱ لٽبا ڌوڙ ۾، اڀي ڏٺـا ســون،
ڏينهن مڙيئي ڏون، اُٿــي لوچ
لطيف چـئي. (د 7)
ان لوچ جي سوچ اصل ۾ ان
سماجي فڪر کي جلا بخشي ٿي، جيڪو ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جو ماحاصل آهي. فريد ۽ ڀٽائي جي فڪر ۾ مٽيءَ جي عظمت جي هڪ جهڙائي سان گڏ لطيف جيڪو لوچڻ جو سنيهو ڏنو آهي اهو بيت کي با مقصد بڻائي
ڇڏي ٿو. بابا فريد ۽ شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ اهڙي فڪري يڪسانيت جا ٻيا به ڪجھ مثال
ملن ٿا.
پنجابي
شاعرن مان گرونانڪ (1469 ــ 1538) هڪ اهڙو شاعر آهي، جيڪو هڪ ئي وقت هندو توڙي
مسلمانن لاءِ قابلِ احترام آهي. کيس نه رڳو پنجاب ۾ عقيدت ۽ احترام جي نگاهه سان
ڏٺو ويندو آهي، پر سنڌ جا ماڻهو جن جي خمير ۽ ضمير ۾ صوفي رنگ رچيل آهي پڻ گرو جي
فڪر جي لاٽ سان پنهنجي من جي انڌوڪار کي دور ڪن ٿا. ان ڪري گروگرنٿ کي به اسان وٽ
احترام جي نظر سان ڏٺو ويندو آهي. سنڌ ۽ پنجاب ۾ گرونانڪ جا پوئلڳ ”نانڪ پنٿي“
سڏائيندا آهن. گرو سنڌي ٻوليءَ کان ڀلي ڀت واقف هيو ۽ سندس سلوڪن جي ٻوليءَ تي
سنڌي ٻوليءَ جو اثر به نمايان نظر ايندو. ڀٽائي جي شاعري پڙهندي گرو نانڪ جا ڪي
سلوڪ ذهن تي تري اچن ٿا. جيئن:
گرو نانڪ : بـــادل
برسئه رُت آپڻي، ستگر بسئه نت
نانڪ! ڪارج سڦل ڪر، نرمل
جنئه چِت!*
(*بادل
پنهنجي مند تي وسن ٿا، پر ست گر (مرشد) سدائين پيو وسي. نانڪ تون پنهنجا ڪارج سڦل
ڪر، جو هو نرمل دلين جي ڄاڻ رکي ٿو.)
شاهه لطيف : ميـنـهن
منــدائتـا وسڻـا، ســـدا وسين تـــون،
جي گھر اچين مون، ته
ميريائي مانُ لهان.
گرو نانڪ : ليکا
ڪتيه نه ڇوٽيئه، کِن کِن ڀولن هـــار،
بخشڻهار بخش لئه،
نانڪ پار اتـــار*
(*ليکي سان ڇٽي نه سگھندس، مان
گھڙيءَ گھڙيءَ ڀُلون پيو ڪريان، اي بخشڻهار مونکي بخش ۽ پار لڳاءِ!)
شاهه لطيف: جيڪي منجھ جهان، سو
تاريءَ تڳي تنهنجي،
لُطف جي لطيف
چئي تو وٽ ڪمي ڪانه،
عدلَ
ڇٽان آن نه،
ڪو ڦيرو ڪج فضل جو. (سُر
سريراڳ، د 2)
گرونانڪ جي مٿين سلوڪن کي
پڙهندي اهو چڱيءَ پَرِ احساس ٿئي ٿو ته ڀٽائي سندس ڪلام مان فڪري روشني ورتي آهي،
پر شاهه لطيف جي بيتن کي غور سان پڙهڻ ۽ پُرجھڻ بعد محسوس ٿئي ٿو ته بنيادي نڪتي
جي هڪ جهڙائي باوجود لطيف جو لب ۽ لهجو نهايت انوکو آهي. ڀٽائي جي بيتن ۾ هڪ پاسي
ٻوليءَ جي حسناڪي آهي ته ٻي پاسي خيال جو ڦهلاءُ. مٿين ٻنهي بيتن ۾ ان ڪرافٽنگ کي محسوس ڪري سگھجي ٿو. هڪ طرف ”ميريائي مانُ
لهان“ جهڙا روح ۾ گھر ڪري ويندڙ لفظ آهن ته ٻي پاسي ”لُطف جي لطيف چئي، تو وٽ ڪمي
ڪانه“ جهڙي سٽ نه رڳو لفظي ترنم پيدا ڪيو آهي پر بيت جي فڪري عروج ڏانهن وڌڻ کان
اڳ هڪ لطيف اشارو به محسوس ٿئي ٿي. اهي خوبيون خود گرو نانڪ جي سلوڪن ۾ به اڻ لڀ
آهن.
پنجاب جي رومانوي لوڪ داستانن ۾
هير رانجھي جو داستان تمام گھڻو مشهور آهي. ان داستان کي خاص طور تي پنجابي شاعرن
وارث شاهه ۽ شاهه حسين پنهنجي ڪلام ۾ گھڻو
ڳايو آهي. ٻنهي شاعرن وٽ رانجھي لاءِ هيرَ جي جستجو جو نقطهءِ عروج
به هڪ جهڙو نظر ايندو. جيئن شاهه حسين فرمايو آهي:
ماهي ماهي ڪوڪدي، مين آپي
رانجھن هوئي
رانجھن رانجھن مين نو سڀ ڪوئي آکو، هير نه آکو ڪوئي
رانجھن رانجھن مين نو سڀ ڪوئي آکو، هير نه آکو ڪوئي
جهڙي ريت
پنجاب ۾ هير رانجھي جو داستان مقبول آهي ساڳيءَ ريت سنڌ ۾ وري سسئي پنهونءَ جي
داستان کي گھڻو ڳايو ويو آهي. شاهه لطيف ته پورا پنج سُر ان داستان جي حوالي ڪيا
آهن. جيئن هيرَ، رانجھي لاءِ سرگردان هئي تئين ئي سسئي پنهنجي پنهل لئه. جيئن
هيرَ، رانجھو رانجھو چوندي پاڻ ئي رانجھو بڻجي وئي، تئين سسئي به پنهون پنهون
پڪاريندي پاڻ ئي پنهون ٿي وئي. ڀٽائي سُر سسئي آبري ۾ فرمايو:
پيهي جان پاڻ ۾، ڪيم روح رهاڻ،
ته نه ڪو ڏونگر ڏيهه ۾، نڪـــا ڪيچن ڪاڻ،
ته نه ڪو ڏونگر ڏيهه ۾، نڪـــا ڪيچن ڪاڻ،
پنهون ٿيس پاڻ،
سسئي تــــان ســور هئا. (د 5)
شاهه حسين توڙي شاهه لطيف جي مٿين
سٽن ۾ الڳ الڳ داستان جي تذڪري باوجود جيڪا هم آهنگي آهي ان کي شعري اثر اندازيءَ
جي دائري کان ٻاهر نه ٿو ڪڍي سگھجي. شاهه حسين، ڀٽائي کان اڳ وارن اهڙن پنجابي
شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو جنهن جي شاعريءَ جي ڪجھ موضوعن کي شاهه لطيف اهڙي ته خوبصورت
نموني پنهنجو ڪيو آهي، جو شاهه حسين جي اثر کي به رد نه ڪري سگھبو ته ساڳي خيال ۾
لاکيڻي لطيف جي تخليقي جدت کان به انڪار ڪرڻ ناممڪن محسوس ٿيندو. شاهه حسين ۽ شاهه
لطيف جا اهڙا ڪجھ شعر ۽ سٽون هيٺ ڏجن ٿيون جن ۾ ڪٿي فڪري يڪ رنگي نظر ايندي ته
ڪٿي، موضوعي اثر.
شاهه حسين: باهر پاڪ اندر آلوده، ڪيا تون شيخ ڪهاوين
®®®®®®
شاهه لطيف: مُنهن ته موسى جهڙو، عادت ۾ ابليس. (سُر آسا، د 4)
شاهه حسين : سارا جڳ جان دا، سائين تيري ملن دي آس وو!
ميري
مراد ايهو سائيان، سدا رهان تيري پاس وو!
®®®®®®
شاهه لطيف : ٻـاروچا ٻاجھ گھڻي، آن ٿــي ڇُلان ڇپرين،
آءٌ پنهنجي پرينءَ سين
وينديس واڳ وڻي،
آن ٿي
ڇُلان ڇپرين. (سسئي آبري، د 7)
®®®®®®
شاهه حسين : ساجن رٺڙا جاندا
وي، مين بهلي آن وي لوڪا
®®®®®®
شاهه لطيف : ڍولا ڍيل مَ مون، ڪانڌ ڪميڻي آهيان (سُر ليلا چنيسر،
د 3)
سلطان باهو (1629 ــ 1690)
پنجابي شاعريءَ ۾ هڪ جدا مقام رکي ٿو. هن جي شاعريءَ جو نرالو انداز ئي سندس خاص
سڃاڻپ آهي. خاص طور سندس هر شعر ۽ مصرع ۾ ’هو‘ جو لفظ استعمال ٿيل آهي، ۽ انهي
انوکي اندازِ بيان سبب سندس حيثيت ٻين پنجابي شاعرن ۾ نمايان آهي. ڀٽائي کان اڳ
وارن پنجابي شاعرن ۾ باهو به اهڙو شاعر آهي، جنهن جا شاهه تي فڪري اثر نظر اچن ٿا.
سلطان باهو جي ڪلام ۾ اهڙا ڪيئي
شعر ملندا جن ۾ ’پڙهڻ جو ذڪر آهي‘. پر ان پڙهڻ جي پٺيان ڪٿي حافظن جي تڪبر جي
ڳالهه ڪيل آهي ته ڪٿي ملان جي وڏائيءَ جي. سندس چوڻ آهي ته ٺلها ڪتاب بغل ۾ وجھڻ
سان ڪو فائدو ٿيڻو ناهي. هن اهڙن عالمن جو ذڪر به ڪيو آهي جن هزارين ڪتاب پڙهيا
آهن پر کيس افسوس آهي جو هنن ڪڏهن عشق جو حرف نه پڙهيو آهي. اهڙي ريت اهڙن پڙهيلن
جو به ذڪر ڪيو آهي، جن علم ته حاصل ڪيو پر منجھن غرور پيدا ٿي ويو ۽ سندن عقل به
کسجي ويو. علم جي بنياد تي غرور ۽ تڪبر پيدا ٿيڻ هڪ منفي سماجي
قدر آهي. ظاهر آهي اهڙو علم جيڪو انسان ۾ اهڙيون خاميون پيدا ڪري
وجھي، پوءِ اهو ديني علم هجي يا دنوي ڪنهن ڪم جو نه ٿو رهي.
پڙهه پڙهه حافظ ڪرن تڪبر، ملان
ڪرن وڊائي هو.
گليان دي وچ ڦرن نماني، بغل ڪتابان چائي هو.
®®®®®®
گليان دي وچ ڦرن نماني، بغل ڪتابان چائي هو.
®®®®®®
پڙهه پڙهه علم هزار ڪتابان،
عالم هوئي ڀاري هو.
حرف اک عشق دا پڙهه نا جانن ڀُلي ڦرن وچاري هو.
®®®®®®
حرف اک عشق دا پڙهه نا جانن ڀُلي ڦرن وچاري هو.
®®®®®®
پڙهيا علم دوهي مغروري، عقل بهي
گيا تلوهان هو
شاهه لطيف به اهڙي پڙهائي کي
ننديو آهي. شاهه جو هيٺيون بيت پڙهڻ سان باهو جي انهي بنيادي خيال ڏانهن ڌيان وڃي
ٿو، جنهن جو مٿي تفصيلي ذڪر ڪيو آهي:
پڙهيو پيا پڙهن، ڪڙهن ڪين قلوب
۾،
پاڻان ڏوهه چڙهن، جي ورق ورائن
وترا. (سُر يمن ڪلياڻ، د 5)
شاهه سائين اهڙي پڙهائي کي چڱو
نه ٿو سمجھي، جيڪا ماڻهوءَ ۾ ڪبريائي ٿي پيدا ڪري. اهڙو پڙهيل ماڻهو جيڪو علم ته
رکي ٿو پر بي عمل آهي اهو ڀلي ثواب خاطر پڙهندو هجي پر جئين جئين ورق ورائي ٿو
تئين تئين مٿس ڏوهه چڙهندا وڃن ٿا. ان ڪري ڀٽائي پڙهڻ سان گڏ ڪڙهڻ تي زور ڏنو آهي.
۽ ڪڙهڻ مان مراد آهي: سمجھڻ، پرکڻ، پروڙڻ، هنئين سان هنڊائڻ. اهڙو پڙهڻ ڪنهن به
تصنع کان پاڪ هوندو آهي ۽ اهو ڪڙهڻ جو عمل ماڻهوءَ مان غرور، تڪبر ۽ وڏائي جهڙن ناڪاري سماجي قدرن ۽ روين
کي ختم ڪري ٿو.
اهڙي ريت باهو جي شاعريءَ مان
ٻيون به ڪجھ مصرعون ملن ٿيون، جن جو ڀٽائي جي شاعريءَ تي کڻي جيئن جو تئين اثر نه
به آهي پر خيال جي هڪ جهڙائي ۽ ويجھڙائي جو احساس ضرور ٿئي ٿو. جيئن:
سلطان باهو: مرن تهين اگي مر ري
جنهان، حق دي رمز پڇاتي هو
شاهه
لطيف: مرڻا اڳي جي مُئا، سي مري ٿين نه مات. (سُر
معذوري، د 4)
سلطان باهو: تيري جِهي چن،
ڪَئِي سَئُه چڙهندي
سانون سجنا ٻاجھ، هنيرا هو*
(* تو جهڙا اي چنڊ ڪيترا به
سَوَ چڙهي اچن، ته به اسان لاءِ سڄڻ کان سواءِ انڌيرو آهي.)
شاهه لطيف: سهسين سڄــن اڀري، چــوراسي چنڊن
باالله ري پرين، سڀ اونداهي ڀانئيان! (سُر کنڀات، د 1)
بلها شاهه (1680 ــ 1758)
پنجابي شاعرن منجھان ڀٽائي جي پيش رو ۽ اهم هم عصر شاعرن مان هڪ آهي. ڊاڪٽر ڪمال
ڄامڙو ۽ طارق عزيز شيخ لکيو آهي ”بلها شاهه ۽ شاهه لطيف هڪڙو ئي زمانو ڏٺو. حالتون
ساڳيون، ماحول ساڳيو ۽ روشون ساڳيون. مغلن جي حاڪميت دوران حاڪمن پنجاب ۽ سنڌ ۾
ساڳيو زبردستيءَ جو راڄ هلايو پئي. انهيءَ ڏاڍ ۽ جبر خلاف عام توڙي خاص ۾ بلهي
شاهه ۽ شاهه لطيف جهڙن ڏاهن ئي حق جو آواز اٿاريو پئي. جتي بلها شاهه پنهنجي ڪلام کي جدوجهد جي صورت ڏياري اُتي شاهه لطيف جو
ڪلام تحرڪ بڻجي هليو.“ انهي ڪري شاهه لطيف
۽ بلها شاهه جو سماجي فڪر وارو رند ۽ پنڌ به ساڳيو ئي معلوم ٿئي پر اندازِ بيان ۾ ڪجھ فرق
آهي، ان فرق باوجود ڪافي جڳهن تي خيال جي هڪ جهڙائي جو ڪرشمو نظر اچي ٿو. جيئن:
بلها شاهه: آپ اڪو ڪَئي لک گھر دا
مالڪ سڀ گھر گھر دا
جت ول ديکان، تت ول توهي
اڪ اڪ دا سنگ ڪـــردا*
(*تون ڪيترن لکن گھرن ۾ هڪ
آهين، هر گھر جو مالڪ آهين. جيڏاهن ٿو مڙي ڏسان، تيڏانهن تون ئي آهين، هڪ هڪ سان
ساڻ آهين.)
شاهه لطيف: اڪ قصر در لک، ڪوڙين ڪڻس ڳڙکيون،
جيڏانهن ڪريان پرک، تيڏانهن صاحب سامهون.
(سُر ڪلياڻ، د 1)
بر صغير
جا اڪثر صوفي وحدتِ ذات يا ذاتِ واحد جي يڪتائي جا قائل آهن. تصوف ۾ ان فلسفي کي
وحدت الوجود چيو وڃي ٿو. بلها شاهه به تصوف جي انهي فلسفي جو پوئلڳ آهي، تڏهن ئي
ته هن چيو ته:
ا ــ الله دل رتا ميرا
مينون ب دي خبر نه ڪائي
ب پڙهيا ڪجھ سمجھ نه آوي
الف دي لذت آئي
بلها شاهه کي الف اهڙي لذت ڏني
جو اڳتي ڪو اکر اچارڻ پسند ئي نه ڪيائين، تڏهن ئي ته چيائين ته الف کان اڳتي جڏهن ب پڙهيم ته ڪجھ سمجھ ۾ نه آيو. بلها
شاهه جي ڪلام ۾ انهي ’الف‘ جو مختلف جڳهن تي ورجاءُ نظر اچي ٿو. جيئن:
علم نه آوي وچ شمار
اڪو الف تري درڪار
علمون بس ڪرين او يار
يا
اڪ الف پڙهو ڇٽڪاره اي
شاهه لطيف به ’الف‘ کي ڳايو آهي
۽ بلها شاهه جي انهي فلسفي کي هن طرح اڳتي وڌايو آهي:
اکــر پڙهه الف جو، ورق سڀ وسار،
انــدر تون اُجار، پنا پڙهندين
ڪيترا. (سُر يمن ڪلياڻ، د 5)
شاهه لطيف جي ان بيت ۾ اندر جي اوجر تي زور آهي. يعني جيڪڏهن ڪوئي ماڻهو رڳو الف ئي
پڙهي ان جي راز کي پُرجھي وٺي ته ٻيو ڪو ورق ورائڻ جي ضرورت ئي ڪونهي پر شرط اهو
آهي ته ان شخص جو اندر اجرو هجي.
صوفين وٽ
پنهنجو پاڻ ۾ غرق ٿيڻ، يا خود ۾ خود کي وڃائڻ جو تصور نهايت معنى خيز آهي. اهو
ساڳيو تصور بلها شاهه وٽ به ملي ٿو ته ڀٽائي وٽ پڻ. ٻنهي شاعرن جو بنيادي نڪتو
ساڳيو آهي. يعني خودي کي ختم ڪري وحدت جي حقيقت کي سمجھڻ کپي.
بلها شاهه: اب هم ايسي گم
هوئي، پريم نگر ڪي شهر
اپني آپ ڪو سوڌ رهي هين، نه سر هاٿ نه پير
کوئي خودي اپنا پد چيتا، تب هوئي گل
خير
بلها شوه هي دوهي جهانين، ڪوئي نه
وسدا غير
®®®®®®
شاهه لطيف: سِرُ ڍونڍيان، ڌڙ نه
لهان، ڌڙُ ڍونڍيان سِرُ نــاهه،
هٿ ڪرايون آگريون،
ويا ڪپجي ڪانهه،
وحـــدت جــي وهــانءِ،
جي ويــا سي وڍيــا.
(سُر ڪلياڻ، د 1)
اهڙي ريت
ٻنهي شاعرن جي شاعريءَ ۾ هڪ جهڙائي جا ٻيا به ڪي مثال ملن ٿا، جن مان ڪجھ هتي پيش
ڪرڻ ضروري ٿو سمجھان.
بلها شاهه: احمد احد وچ فرق نه
بلهيا
رتي ڪـــو بهيت مروڙي دا
شاهه لطيف: احـــد احمـد پـاڻ
۾، وچان ميم فرق،
آهي مستغرق، عالم انهيءَ ڳالهه ۾. (سُر
يمن ڪلياڻ، د 5)
بلها شاهه: تون آئيون تي مين نا
آئي
گنج مخفي دي تين مرلي بجائي
آک الست گــواهي چــــاهي
اوٿــي قــالوا بلى سُنــائيــوئـــي
شاهه لطيف: الست بـــربـڪـــم،
جـــڏهن ڪــن پـيـوم،
قالــــوا بلى قلب سين، تڏهن تت چـيـوم،
تنهين وير ڪيوم، وچن ويڙهيچن سين. (سُر
مارئي، د 1)
بلها شاهه: وچ
غفلت جـــو تين دن جـــــالي
کت ڪي ڪڇ نه ليو سنبهالي
بــاهجــون گُــن شـــاهه اپني نالي
تيري ڪيونڪر هو
سي گت کڙي
شاهه لطيف: سي تو ويهي وڃائيا،
جي ڪتڻ سندا ڏينهن،
اَرٽ اوڏي نه
ٿئين، ڀوري! ڀــوري سيئن،
ڪانڌ کڻندينءَ ڪيئن، اڱــڻ عجيبن جــي.
(سُر
ڪاپائتي، د 1)
No comments:
Post a Comment