شاهه جو رسالو

Saturday, 12 November 2016

ڀٽائي، احساساتي سگهه جو ڪِيٽس کان به وڏو شاعر ــــ شبنم گل (Shabnam Gul)



شبنم گل

ڀٽائي، احساساتي سگهه جو ڪِيٽس کان به وڏو شاعر



جڏهن شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعري انگريز شاعرن جي شاعري سان ڀيٽيون ٿا ته شاهه سائين موضوع، گهرائي، ٻوليءَ جي نج پڻي ۽ صوفياڻي مزاج ۾ کانئن گهڻو مٿاهون نظر اچي ٿو. شاهه سائين احساساتي شاعر آهي، سندس شاعري ۾ منظر، آواز، فطرت جي موسيقي ۽ راڳ جي سونهن محسوس ٿئي ٿي. لفظن پڙهڻ سان ذهن ۾ ان منظر جي تصوير اچي وڃي ٿي. حسياتي شاعريءَ ۾ ادراڪي ڪيفيت نمايان طور ملي ٿي. انگريزي جي رومانوي شاعرن ۾ جان ڪيٽس اهو منفرد شاعر آهي، جنهن کي حسياتي شاعر سڏيو وڃي ٿو. هو احساس وسيلي زندگي، فطرت ۽ ڪائنات جي چرپر گهرائيءَ سان محسوس ڪري ٿو. ڪيٽس 1795ع ۾ انگلينڊ ۾ پيدا ٿيو، سندس والدين ننڍپڻ ۾ فوت ٿي ويا هئا. ان احساس محرومي جو اثر هن جي شخصيت تي سڄي ڄمار رهيو. ڪيٽس ٻن ڀائرن جارج ۽ ٽام جي گهڻو ويجهو هو. سندس لکيل نظمن Ode on Grecian Urn, Ode to Autumn  ۽ Ode to Nightingale تمام گهڻي شهرت ماڻي. سندس شاعريءَ جو عرصو محض پنجن سالن تائين محدود رهيو. ڀاءُ ٽام جي موت ۽ محبوبه فيني بران سان ناڪام عشق جي ڏک ڪيٽس جي شاعري لازوال بڻائي ڇڏي. کيس نوجواني ۾ تپ دق جي بيماري وڪوڙي ويئي. ڪيٽس جنهن طريقي سان غم سان رومانس ڪري ٿو، ان جو ذڪر ٻئي انگريزي شاعر وٽ نه ٿو ملي. توڙي جو هن جي همعصرن ورڊز وَرٿ، شيلي، بائرن، ڪولرج، رابرٽ برائوننگ ۽ ٽيني سَن خوبصورت نظم تخليق ڪيا آهن، پر ڪِيٽس واري تڙپ ۽ درد جي گهرائي ٻئي ڪنهن شاعر وٽ نه ٿي ملي.
Ode to Nightingale ۾ هو چوي ٿو ته:
My heart aches, and a drowsy numbness pains my sense,
As though of hemlock I had drunk
Or emptied some dull opiate to the drains,
One minute past, and Lethe–wards had sunk.

بلبل جو آواز ٻڌي هو وجد جي ڪيفيتن ۾ اچي ٿو، جتي درد جي انتها جو نشو کيس وڪوڙي وڃي ٿو. سندس حواس ننڊاکڙي اداسي ۾ ويڙهجي وڃن ٿا، جنهنڪري هو زندگيءَ جا ڏک وساري ٿو ڇڏي. شاهه سائين جي ڪلام ۾ جا بَجا ڏک جي ڪيفيت ملي ٿي، پر شاهه صاحب جي شاعري ڪِيٽس جي ذاتي غم واري ڪيفيت کان مٿانهين آهي. هر ذاتي ڏک جي اُپٽار ڪرڻ بدران، اجتماعي ڏک جي ڏور سان ٻڌل آهي، جيڪا کيس آفاقيت عطا ڪري ٿي.
مَنڌ پيئندي مون، ساڄَنُ سهي سڃاتو
پي پيالو عشق جو، سڀڪي سمجهيوسين
شاهه سائين وٽ ”منڌ“ يا مڌ، آگهي جي ڪيفيت آهي. ڪِيٽس کي درد جي انتها جو نشو، الهامي ڪيفيت ڏانهن وٺي وڃي ٿو، جتي نشي جي ڪيفيت اڻ ڄاڻائيءَ بدران کيس ذات جو ادراڪ عطا ڪري ٿي، جڏهن ته شاهه صاحب درد جي ڪيفيت کي مجاز بدران عشقِ حقيقي سان همڪنار ڪري ٿو. ڪِيٽس کي درد جي ڪيفيت ۾ فطرت جي سونهن منفرد ۽ دائمي محسوس ٿئي ٿي، غم سندس احساس جي سگهه وڌائي ٿو. هو حسياتي طور تي پاڻ کي وڌيڪ متحرڪ محسوس ڪري ٿو.نفسيات جي ٿيوري مطابق جيڪو ذهن منتشر ۽ بي چين آهي، اتي تخليق جو ٻج ڦٽي ٿو. درد ۽ تخليق هڪٻئي لاءِ لازم ملزوم آهن، غم هڪ دائمي ڪيفيت آهي، اها ڪيٽس جي احساساتي سگهه آهي ته هو هڪ گهاٽي ۽ اونداهين جهنگ ۾ بنا ڏسڻ جي محض خوشبوءِ محسوس ڪري ٻوٽن ۽ گلن جا نالا بڌائي سگهي ٿو.
I can not see what flowers are at my feet
Nor what soft incense hang upon the boughs
But is embalmed darkness, guess each seet
Where with the scasonable month endows.
 Ode to Nightingale مهڪندڙ اونداهي ڪيٽس جي وڻندڙ تشبيهه آهي. شاهه عبداللطيف سن 1102 هه، بمطابق 1689ع ۾ پيدا ٿيو. ٻنهي شاعرن وچ ۾ هڪ صديءَ جو فرق آهي، پر شاهه سائين جي شاعري زمان ۽ مڪان جي حدبندين کان  مٿانهين آهي. سندس اها وڏي خوبي آهي ته هن اشتعارا ۽ تشبيهون نه صرف فطرت جي مختلف رنگن مان جوڙيا آهن، بلڪه زندگيءَ جا رواجي منظر پڻ سندس توجهه جو مرڪز بڻيا آهن. ٻوليءَ جو نج پڻو سندس شاعريءَ جي اڻٽر سگهه آهي. احساس کي زندگي ۽ ڪائنات سان جوڙڻ جو فن فقط ڀٽائي ڄاڻي ٿو. اها احساساتي شاعري اکين سان گڏ سماعتن کي به ورسائي ٿي. شين جي تعلق کي مهارت سان بيان ڪرڻ شاعراڻي رمز آهي.
تارا، تِرَ ترو ڪڻيون، مٿن ڦلڙيون
کوءِ! سي راتڙيون، جي مون پرينءَ پڄاڻان پيئون
(جيئن رات جو ستارا چمڪن ٿا، ايئن محبوب جي  چهري تي تر جرڪن ٿا، اهڙي ڪا رات نه اچي، جڏهن وصل ناممڪن ٿي پوي). شاهه سائين جي شاعريءَ جو تت يا روح محبت آهي. اها محبت هڪ نيوڪلئس آهي، جنهن جي چوڌاري زندگي ڦري ٿي. شاهه سائين وٽ محبت، اڃ جو نه ختم ٿيندڙ صحرا آهي، نه اجهامندڙ ڄرَ آهي، جيڪا انسان کي هئڻ جو احساس ڏياري ٿي. جنهن اک ۾ محبت آهي، اتي ڪائناتي نور جرڪي ٿو. محبت جو درد الهامي ڪيفيتن جو پيش خيمو بڻجي ٿو. شاعري، بيخودي جو ٻيو روپ آهي، ديوانگي جو گداز آهي. شاهه جي شاعري سندس ذات جي روشنيءَ جو سچو پچو اظهار آهي. اڻ تڻ جي اها ڪيفيت سندس هن شعر مان صاف پسي سگهجي ٿي.
رهي اچي راتڙي، تن واڍوڙين وٽاءَ
جن کي سور سرير ۾، گهٽ منجهارا گهاءَ
لڪائي لوڪاءَ، پاڻهه ٻڌنِ پَٽيون.
شاهه صاحب لاءِ تڪليف ۽ پيڙا زندگيءَ جون اٽل حقيقتون آهن، جيڪي انسان لاءِ هڪ خزاني جيان قيمتي آهن. هو ڪيٽس جيان غم کان فرار جا ذريعا نه ٿو ڳولي. پر تڪليف ۾ راحت جي رمز ڳولي ٿو. ٻئي طرف ڪيٽس ذات جي ڏک جي گهرائيءَ ۾ وڃايل محسوس ٿئي ٿو. هن لاءِ ڏک هڪ ڪيفيت جو نالو آهي، اها ڪيفيت جيڪا کيس فطرت جي سونهن آڏو آڻي ٿي بيهاري. پيڙا جي ڪيفيت ۾ کيس فطرت جو  چهرو به لڙڪن سان ڀنل نظر اچي ٿو. غم جو غبار، جيڪو سندس ذهن تي ڇانيل آهي، ان ۾ زندگيءَ جو عڪس کيس لڙاٽيل نظر اچي ٿو. هن لاءِ خوشي، دائمي احساس نه آهي، پر غم هڪ مستقل ۽ دائمي ڪيفيت آهي. کيس غم هر خوشي جو تعاقب ڪندي نظر اچي ٿو.
Aye, in the very temple of delight
Veiled melancholy has her sovereign shrine.
ڪيٽس لاءِ نقاب ۾ ويڙهيل غم ۽ تنهائي زندگيءَ جي صحيح ترجماني ڪري ٿي، سندس چواڻي، جيڪو خوشيءَ جو مشاهدو ڪري ٿو، ان لاءِ غم کان بچڻ به ناممڪن آهي. اداسي خوبصورتي ۽ خوشيءَ سان گڏ رهي ٿي. جڏهن ته شاهه سائين وٽ خوشيءَ جو تصور غم سان آشنائي بعد پيدا ٿئي ٿو. هو ڪيٽس وانگر جدائي کي فقط جدائي نه ٿو سمجهي، پر  جدائي ۾ وصل جي رمز کي محسوس ڪري ٿو. ڪِيٽس جو غم فطرت ۽ ڪائنات سان هم آهنگ ٿي وڃي ٿو، پر شاهه سائين فطرت جي سونهن مان پنهنجي ڏک کي اتساهه بخشي ٿو. فطرت جي سونهن سندس احساس کي روشني بخشي ٿي، ڇو ته هو پنهنجي غم جو عڪس فطرت ۾ نه ٿو پسي، پر فطرت ۾ کيس پنهنجي محبوب جو عڪس ٿو نظر اچي، جيڪو هر نظاري ۾ موجود آهي، جنهن جي موجودگي کيس هر طرف محسوس ٿئي ٿي، ان ڪيفيت ۾ جدائي نظر جو دوکو محسوس ٿئي ٿي. ڪيٽس جي شاعريءَ ۾ خوشبوءَ جو ذڪر ملي ٿو، هر خوشبوءَ جو الڳ تاثر ۽ ذائقو آهي، ڪيٽس وٽ فطرت جو مشاهدو سندس اظهار کي وڌيڪ پر اثر بنائي ٿو.
Fast fading violets covered up in leaves
And mid May's eldest child
The coming musk Rose, Full of dewy wine
The murmurous haunts of flies on summer eve.
هن شعر ۾ ڪيٽس گرميءَ جي موسم جي مهڪندڙ شام جي تصوير ڪشي مهارت سان ڪري ٿو. تيزي سان مرجهائيندڙ پنن سان ڍڪيل بنفشي جا گل، شبنمي مڌ سان جرڪندڙ گل، انهن خوشبوئن ۽ جيتن جي مڌم آواز سان شام گونجي رهي آهي. ڪيٽس ڪنهن ماهر مصور جيان لفظن جا رنگ شاعريءَ جي ڪينوس تي چٽي ٿو. غم جي ذائقي ۾ ڀنل سندس احساس بند مکڙيءَ جيان پن پن تي ٽڙندي محسوس ٿئي ٿو. شاهه سائين جي شعرن ۾ به ٻوٽن ۽ خوشبوئن جو ذڪر ملي ٿو. جنهن ۾ فطرت جي سونهن جا سمورا رخ موجود آهن، فطرت شاهه سائين جي سوچ لاءِ فقط هڪ خوبصورت محور نه آهي، پر فطرت جو هر منظر، آواز ۽ انداز انسان جي زندگيءَ جي ترجماني ڪري ٿو. فطرت جي کيڙڻ، اُسرڻ ۽ راس ٿيڻ جي سموري عمل ۾ انسان جي زندگيءَ لاءِ هڪ پيغام ملي ٿو. فطرت ۾ جيڪا ٻڌي آهي ۽ اُسرڻ واري رمز ۾ جيڪا هم آهنگي آهي، شاهه سائين لاءِ اهو ئي فلسفهءِ حيات آهي،  ڀٽائيءَ جي خوشبوئن جي ذڪر ۾، انسان جي احساس سان لاڳاپيل ڪهاڻيون ملن ٿيون.
اُڀيون تَڙَ پوڄين، وَهُون وڻجارنِ جون
آڻيو اَکا ڏين، کَٿوري ، سمونڊ کي
صوفياڻي رنگ ۾ رچيل ڀٽائي جي شاعري جي احساساتي سگهه لامحدود آهي، جنهن کي ڪنهن هڪ خطي سان منسوب نه ٿو ڪري سگهجي، نه ئي اها شاعري انفرادي درد جي اُپٽار آهي. شاهه سائين پنهنجي دور جي حالتن جو مشاهدو، قومي شعور جي صورت ۾ بيان ڪيو آهي. ان دور جي انتشار جي تقاضا مطابق ڀٽائي غافل عوام ۽ ان وقت جي حڪمرانن کي امن، محبت ۽ ڀائيچاري جو پيغام ڏنو، ان ڪري ڪيٽس جي ذات جي دائري جي چوڌاري ڦرندڙ شاعري کان ڀٽائي جي ڪلام ۾ وسعت ۽ آفاقيت جي سگهه گهڻي مٿانهين آهي.


No comments:

Post a Comment