الطاف ملڪاڻي
پيغامِ لطيف جو سماجي تبديليءَ ۾ ڪردار
اڄ جي دنيا جن اهم مسئلن جو شڪار آهي،
اُهي آهن: وڌندڙ عالمي دهشتگردي، طبقاتي اڻ برابري، مذهبي بنياد پرستي، جهالت ۽
جنسي بي راهه روي، مثبت قومي ۽ ثقافتي قدرن جو خاتمو.
ڳوڙهي نظر سان جيڪڏهن مٿين مسئلن جي سببن
۽ نتيجن تي غور ڪبو ته اسان کي خبر پوندي ته انهن سمورن مسئلن جو بنياد وري اسان
کي هيٺيان ٽي مسئلا نظر ايندا: جيڪڏهن انهن بنيادي ٽن سببن کي دنيا مان ڌڪاري ڇڏجي
ته يقينن هن دنيا ۾ اتحاد انسانيت ۽ عالمي امن، جهڙا مثبت جذبا وڌي ويجهي سگهن ٿا
۽ هيءَ دنيا عالمي ڀائيچاري ۽ مساوات انسانيءَ سبب امن جو هڪ خوبصورت باغ بڻجي
سگهي ٿي، جنهن ۾ هر قوم پنهنجي ثقافت ۽ ڪلچر جا رنگ ۽ خوشبو وکيري محبت سان هن
ڌرتيءَ جي گولي کي واسي سگهي ٿي. اڄ جا بنيادي ٽي اهم مسئلا هيءَ آهن: (1) دولت ۽
طاقت جي حصول جي ڊوڙ. (2) اڻ سهپ ۽ غير جمهوري رويا. (3) عالمي طور فڪري ۽ نظرياتي
بحران.
(1) دولت ۽ طاقت جي حاصلات جي ڊوڙ:
اڄ فرد هجن يا ملڪ ۽ قومون، سڀ هن
سائنسي دور ۾ پنهنجي ذاتي سک ۽ ذاتي زندگيءَ کي سولو ۽ سنهنجو بنائڻ لاءِ دولت ۽
طاقت چاهن ٿا، ڇاڪاڻ ته نت نئين سائنسي ايجادن، انسان جي مادي ضرورتن کي وڌايو
آهي. سائنس هڪ پاسي انسان جي تمام وڏي خدمت ڪئي آهي ۽ انسان کي با سهولت زندگي
گذارڻ ۾ تمام گهڻي مدد ڪئي آهي ته، ساڳئي پاسي انسان جي اخلاقي قدرن کي پائمال به
ڪيو آهي. جيئن ته هن مختصر ڌرتيءَ جي گولي تي انساني آباديءَ جو بار ڏينهون ڏينهن
وڌي رهيو آهي ۽ زندگي گذارڻ جا فطري وسائل ڏينهون ڏينهن گهٽجي رهيا آهن. اڄ جو
انسان، قدرتي وسيلن جهڙوڪ پاڻي، تيل، گئس، روشني ۽ هوا تي به سائنس وسيلي حڪم
هلائڻ جي قابل ٿي رهيو آهي، سو اهي قدرتي شيون يعني هوا، پاڻي، روشني جيڪي هر
انسان جو ڪائناتي حق هئا ۽ کين مفت ۾ مهيا ٿي رهيا هئا، هاڻ انهن جو پئسن کان
سواءِ ملڻ مشڪل آهي ۽ مٿان وري مصيبت اها آهي ته اهي قومون جيڪي ترقي يافته ۽ دولت
مند آهن سي مظلوم ۽ غريب قومن جي ملڪن مٿان زوري قبضا ڪري انهن کان اهي قدرتي
وسيلا کسي رهيون آهن.
اهڙي طرح ملڪن ۽ قومن جي مفادپرستيءَ
واري جنگ جيان عام ماڻهو به طاقت ۽ دولت جي حاصلات چاهي پيو ۽ ڀل کڻي هن کي اهي
شيون هٿ ڪرڻ لاءِ پنهنجي ضمير کي مارڻو پوي يا ڪنهن ٻئي انسان جو گلو گهٽڻو پوي،
پر هو پنهنجي ذاتي زندگيءَ کي پرآسائش بنائڻ گهري ٿو ۽ انهيءَ طاقت ۽ دولت جي
حاصلات جي ڊوڙ انساني سماج ۾ هيٺيون خرابيون پيدا ڪيون آهن. طبقاتي اڻ برابري،
تشدد ۽ ڏاڍ جو استعمال مثبت، نظرياتي اصولن ۽ قدرن جو خاتمو وغيره، اهڙي طرح ٻيو
اهم بنيادي مسئلو.
(2) اڻ سهپ ۽ غير جمهوري
رويا:
هن دؤر جي سڀ کان اهم خرابي هيءَ آهي
ته انسان صاحب شعور ٿيڻ کان پوءِ يعني ته جڏهن انسان جهنگلن ۽ بيابانن ۾ ڀٽڪڻ واري
زندگي کي الوداع ڪري، جنهن کي شڪاري دور چئجي ٿو. مهذب پڻي ڏانهن ۽ شهري زندگيءَ
ڏانهن قدم وڌايو ته هن امن ۽ سڪون سان باهمي ڀائيچاري ۽ پيار پريم سان گڏ گهارڻ
لاءِ ڪجهه نظريا ۽ اصول تخليق ڪيا، پوءِ اهي نظريا ۽ اصول ڪڏهن مذهبن جو روپ وٺي
آيا ته ڪڏهن فلسفي ۽ ڏاهپ جي صورت ۾ ته، ڪڏهن وري اقتصادي ۽ سائنسي نظرين جي روپ ۾
ته، ڪڏهن وري منظم رياستي قانون جي شڪل ۾، پر هن دور ۾ جي بدقسمتي اها آهي ته
انسان جي جوڙيل انهن قديم قانونن جي بي عملي ۽ نظرياتي تنگ نظري سبب هاڻ اهي فڪر ۽
نظريا بجاءِ قومن، ملڪن ۽ ماڻهن ۾ گڏيل، سوچ، گڏيل عمل ۽ تعاون براءِ ترقيءَ سان
رهڻ جي صلاحيت پيدا ڪرڻ جي، نفاق، تعصب ۽ چٽا ڀيٽيءَ کي وڌائي رهيا آهن ۽ اڄ جو هر
گروهه، هر ٽولو ۽ هر مذهب اها دعويٰ ڪري ٿو ته مان سچو آهيان. باقي سڀ ڪوڙا آهن.
جڏهن ته حقيقت انهيءَ جي ابتڙ آهي. سمورا نظريا، فڪر، انسان جي ڀلائيءَ لاءِ آهن،
رڳو ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته انسان پاڻ ۾ سهپ ۽ جمهوري روين جي پاسداريءَ جو خيال
پيدا ڪري، سو جيڪڏهن عالمي طور اڻ سهپ ۽ غير جمهوري روين جو خاتمو آڻجي ته اتحاد
انساني، تعاون براءِ ترقي انسانيت ۽ عالمي امن جهڙا مقصد سولائيءَ سان ماڻي سگهجن
ٿا.
(3) عالمي طور فڪري ۽
نظرياتي بحران:
انساني تهذيب ۽ تاريخ جي ارتقا تي نظر
وجهبي ته ماڻهو شعور سنڀالڻ کان پوءِ ڏاڪي به ڏاڪي ترقي ڪئي آهي. هن ڌرتيءَ جي
سيني تي سڀ کان منظم ٿيندڙ گروهه انصاف ۽ مساوات انسانيءَ جي اصول تي پاڻ مان هڪ
سردار چونڊي ۽ ان کي ڪيل شڪار برابريءَ جي بنياد تي ورهائڻ جو اختيار ڏنائون ۽
ائين هن دنيا ۾ ڪجهه اصولن جو بنياد پيو ۽ اهڙي طرح انسان پنهنجي ضرورتن ۽ سهولتن
خاطر ويو اصول جوڙيندو، جيڪي اڳتي هلي منظم فڪر بڻجي پيا ۽ هن وقت تائين هيءَ دنيا
گهڻن خدائن جي مذهبي عقيدي کان وٺي هڪ خالق ڪائنات ۽ مادي سائنس جي تجرباتي طريقن
کان وٺي جدلياتي ماديت جي فڪر جا پڙاڏا ٻڌي چڪي آهي ۽ هن وقت تائين دنيا ۾ قبائلي،
جاگيردار، سرمائيداري ۽ سوشلسٽ دؤر اچي چڪا آهن. عالمي طور هيءَ دنيا ٻن وڏين
جنگين کي منهن ڏئي چڪي آهي ۽ هاڻ سرد جنگ جي خاتمي کان پوءِ نيو ورلڊ آرڊر جي نفاذ
بعد دنيا وري هڪ سپر پاور جي چنبي ۾ ڦاسڻ بعد ڪنهن اهڙي فڪر ۽ نظريي جي ڳولائو
آهي، جيڪو کين هڪ طاقت جي ذهني، اقتصادي ۽ نظرياتي غلاميءَ مان نجات ڏياري.
سو اسان جي سوچ موجب موجوده دور ۾
عالمي انقلابي تصوف جو فڪر ئي آهي، جيڪو مظلوم قومن ۽ مظلوم فردن ۽ غلام ملڪن کي
ڏاڍ جي چنبي مان آزاد ڪرائي سگهي ٿو. تصوف جيئن ته دنيا جي هر ملڪ ۽ هر قوم جي
مذهب ۾ موجود آهي ۽ تصوف جا عالمگير اصول ئي آهن، جيڪي سموري دنيا جي پورهيت دوست،
مظلوم دوست ۽ انسان دوست ماڻهن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏائي هڪ عالمگير تحريڪ بڻجي
عالمي انقلاب جو سبب بڻجي سگهن ٿا. عالمي انقلابي تصوف کي اسان پنهنجي عظيم ڪلچرل
فڪري ورثي سبب لطيف ازم جو نالو ڏيون ٿا ۽ سنڌ ئي اهو واحد خطو آهي، جتان هاڻ
عالمي انقلاب جو سج اڀرڻو آهي.
سو لطيف ازم ذريعي دنيا مان عالمي طور
فڪري ۽ نظرياتي بحران ختم ڪري اسان دنيا کي هڪ فڪر ۽ هڪ مشن سان ڳنڍي هن جهان کي
سک ۽ شانتي جو ننگر بنائي سگهون ٿا، ڇاڪاڻ ته اسان جو روحاني رهبر ۽ فڪري رهنما
لطيف سائين به اهوئي فرمائي ٿو ته:
نئون نياپو آئيو، راڻي وٽان رات،
لڌي سون لطيف چئي، ڪنان ڏاتر ڏات،
ڪانه پڇي ذات، جي آئيا سي اگهيا.
جيئن ته دنيا ۾ تصوف ٻن قسمن جو رهيو
آهي (1) راهبانه تصوف. (2) عملي انقلابي تصوف. اڪثر ڪري اسان آڏو راهبانه تصوف جو
مثال رهيو آهي، جنهن جو ڪلچر اوطاقون، اوتارا، چرس، ڀنگ ۽ سماج کان فراريت وغيره
آهي. اهڙي تصوف کي لطيف سائين هيئن چئي رد ڪيو آهي ته:
ڪونهي ات ڪوهيار، جت تو ڀوري! ڀانئيو،
پنڌم ڪر پهاڙ ڏي، وجود ئي وڻڪار.
يعني ته: اي ڀليل انسان تون خدا کي
ڳولڻ لاءِ جبلن ۾ ٿو وڃين، پر خدا اتي ڪونهي. هن جهان تي، پنهنجو پاڻ تي غور ۽ فڪر
ڪر، تون حقيقت کي ڄاڻي وٺندين.
سو لطيفي تصوف هن جهان ۾ رهندي
زندگيءَ جي عملي پاسي ڏانهن سڏيندي نظر اچي ٿو، جيئن لطيف سائين جي هيءَ سٽ آهي
ته:
”کٽين جي هارائين هنڌ تنهنجو هيءُ“
يعني: هتي ئي سڀ ڪجهه آهي، هن جهان ۾
سڀ ڪجهه ڪرڻو آهي، پر انهيءَ جي باوجود ڪجهه اڻ ڄاڻ انسان مذهب سان گڏ اسان کي
تصوف جي مخالفت ڪندي به نظر ايندا ۽ جيئن مذهب کي جواهر لال نهرو هندوستان جي عوام
لاءِ ”آفيم“ سڏيو هو ائين ئي تصوف کي به آفيم سمجهيو وڃي ٿو، پر اهو پاسو غلط آهي.
صوفين جي تعليم کي جيڪڏهن مختصر طور سهيڙيو وڃي ته انهيءَ جا بنيادي ٿنڀ هيءَ آهن: (1) عشق (2) خدمت خلق (3) تذڪيه نفس.
(1) عشق:
صوفي جي زندگيءَ جي ابتدا ۽ انتها عشق
۽ محبت آهي. هن جي نظر ۾ عشق عبادت به آهي ته رياضت به. عشق خدا به آهي ته خودي
به. انهن جو مرڻ جيئڻ بس محبت ئي آهي ۽ محبت جو اثر انسان تي سڀ کان پهرئين اهو
ٿئي ٿو ته، هن جي زندگيءَ ۾ معنويت پيدا ٿي پوي ٿي ۽ هو زندگيءَ جي مقصد کي سمجهڻ
شروع ڪري ٿو. ٻيو اثر اهو ٿئي ٿو ته هو هڪ عاشق جي حيثيت ۾ سماج جو ذميوار فرد
بڻجي پوي ٿو ۽ هو ڪڏهن به اهڙو ڪم نه ڪرڻ پسند ڪندو، جنهن سان سندس ڪردار ۽ اخلاق
تي ڪو حرف اچي ۽ هو محبوب جي نظر ۾ ڪري پوي يا محبوب ڏانهن مقصد ڏانهن ذميوار هجڻ
سبب هو پنهنجي اخلاقي درستگي طرف توجهه ڏئي ٿو. ٽيون اثر اهو ٿئي ٿو ته ان عاشق
(صوفيءَ) جي نظر ۾ پٿر ۽ سون برابر ٿي پون ٿا، يعني هن کي پنهنجي محبوب/ مقصد کان
سواءِ ٻي هر شيءِ بي قيمت/ اجائي لڳي ٿي. هو پنهنجي مقصد حيات محبوب جي وصال لاءِ
هر وقت جستجوءَ ۾ رهي ٿو، جنهن ڪري وٽس دنياوي اثر رسوخ، مال ۽ دولت جي ڪابه حيثيت
نه ٿي رهي. اهڙي طرح هو پنهنجي اعليٰ اخلاقي اصولن سبب سماج جو بهتر فرد بڻجي پوي
ٿو.
(2) خلق جي خدمت:
صوفين جي عملي زندگي تي نظر ڪبي ته
انهن پنهنجون زندگيون خدمت خلق لاءِ وقف ڪري ڇڏيون هيون. انهن لکين ماڻهن کي نفس
جي غلاميءَ مان ڪڍي اعليٰ اخلاق جي آزادي وٺي ڏني. صوفين ماڻهن کي زندگيءَ جي اصل
مقصد ۽ مفهوم کان واقف ڪيو، کين نفرت، تنگ نظري، تعصب ۽ ڪلفت جي جهان مان ڪڍي امن
آشتي ۽ محبت جي دنيا کان واقف ڪرايو، جيئن هڪ صوفيءَ جو قول آهي ته: ”جيڪڏهن ڪو
ماڻهو تنهنجي رستي ۾ ڪنڊا رکي ته تون ان جي راهه ۾ ڪنڊا نه پر گل پوک، ڇاڪاڻ ته
جيڪڏهن هڪ انسان ٻئي انسان جي رستي ۾ ڪنڊا رکڻ شروع ڪيا ته پوءِ ڪنڊن جي بدلي ۾
ڪنڊا رکندي سموري دنيا ڪنڊا بڻجي پوندي. ان لاءِ درويش جو اهو اصول ناهي. هڪ سچي
سالڪ کي نيڪ توڙي بد ٻنهي سان نيڪي ڪرڻ گهرجي.“
جيئن لطيف سائين فرمايو آهي ته:
چڱا ڪن چڱايون، مدايون مدن،
جو وَڙ جڙي جن سين، سو وڙ سيئي ڪن.
يعني ته سچ ۽ ڪوڙ جي جنگ ۾ اسان کي
هميشه چڱائي حق ۽ سچ جو رستو وٺڻ گهرجي، نه ڪي بري ۽ برائيءَ جو. سو اهڙي طرح هن
سماج ۾ خير ۽ چڱائيءَ جو پرچار ڪرڻ ئي حقيقي خدمت خلق آهي، برائيءَ جو رستو روڪڻ
ئي سڀ کان وڏي چڱائي آهي.
(3) تذڪيئه نفس (بهتر
اخلاقي قدر اپنائڻ)
صوفين وٽ سڀ کان پهريون اصول اهو آهي
ته ”نفس بالجهاد“ يعني خود تنقيدي، پهرئين پنهنجا عمل سڌاريو، پنهنجو احتساب ڪيو،
اعليٰ اخلاقي قدر اڳ ۾ پاڻ اپنايو ۽ پوءِ ٻين کي تلقين ۽ تبليغ ڪيو، جنهن ڪري
سمورن صوفين اڳ ۾ پاڻ علم حاصل ڪرڻ ۽ اندر اجارڻ جو سبق ڏنو آهي، سچن صوفين وٽ
تصوف هڪ مڪمل اخلاقي ضابطو آهي، انهيءَ ڪري دنيا جي سماجي تاريخ ۾ صوفين جي
ڪارنامن تي هڪ نظر وجهبي ته اهي هيٺئين طرح نظر ايندا.
(1) صوفين هر زماني ۾
مذهبي تعصب ۽ تفرقي بازيءَ خلاف پنهنجو آواز بلندو ڪيو آهي.
(2) صوفين اها تعليم
جيڪا عام طور مدرسن، مسجدن ۾ زباني طور ڏني وڃي ٿي، انهيءَ تي عمل ڪري ڏيکاريو.
(3) صوفين عدم تشدد ۽
اهنسا ذريعي انساني ٻڌي ۽ ايڪي جو پيغام ڏنو آهي.
(4) صوفين ظالم بادشاهن
۽ حڪمرانن خلاف نه رڳو بغاوت جو جهنڊو بلندو ڪيو، پر عملي جدوجهد به ڪئي.
(5) صوفين پنهنجي عمل
ذريعي انساني عظمت ۽ محبت جو درس ڏنو.
(6) جڏهن ظاهري عالمن
تشدد ۽ جهاد ذريعي فتوائون ڏئي مذهبي توسيع ۽ تبليغ جو پرچار شروع ڪيو ته صوفين
اندروني اصلاح ۽ تزڪيئه نفس تي زور ڏئي قوم کي اعتدال جي راهه ڏيکاري.
(7) صوفين هميشه
سرمائيداري جي مخالفت ڪري تقويٰ ۽ دولت جي ورهاست تي زور ڏنو.
(8) صوفين بادشاهن کي
انصاف ۽ اخلاق جي تعليم ڏني.
(9) جڏهن ملا، پنڊت،
پادري نفاق ۽ نفرتن جو ٻج ڇٽي رهيا هئا ته سمورن مذهبن جي صوفين گڏجي وحدانيت ۽
هيڪڙائي جو سبق ڏنو.
(10) عالمن ۽ فلسفين
ويهي ڪتاب لکيا، جن سماج کي ويهي منطقي دليلن ۾ مونجهايو، جڏهن ته صوفين اهڙا عملي
ماڻهو تيار ڪيا، جن انهن ڪتابن ۽ فلسفن جي ڀيٽ ۾ سماج اندر عملي انقلاب آندو.
اهڙي طرح جيڪڏهن تصوف جي سموري تاريخ
کي سهيڙي نتيجو ڪڍيو ته تصوف سچ پچ هڪ اهڙو منظم اعليٰ اخلاقي نظام نظر ايندو،
جنهن جي تعليمات تي عمل ڪري سماج ۾ اهڙو انقلاب برپا ڪري سگهجي ٿو، جنهن جي اچڻ
کان پوءِ انساني سماج مان تشدد، نفرت، نفاق، فرقي بازي، سرمائيداري ۽ هر قسم جي
جبر ۽ استحصال کي ختم ڪري دنيا ۾ اتحاد انساني، امن عالم ۽ تعاون براءِ ترقي
انسانيت جا مقصد پورا ٿي سگهن ٿا. ان کان سواءِ سنڌي قوم هڪ باعزت ۽ باوقار قوم طور
دنيا ۾ ڄاتي ۽ سڃاتي ويندي ۽ اُن سان گڏ اسان انفرادي سک ۽ سڪون ماڻي سگهون ٿا.
No comments:
Post a Comment