شاهه جو رسالو

Tuesday 31 October 2017

شاهه جي سوانح جا ٻه اهم پهلو ــــ غلام محمد لاکو (Ghulam Muhammad Lakho)







شاهه جي سوانح جا ٻه اهم پهلو


        حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سنڌ جو سدا حيات سرواڻ شاعر آهي. حقيقت ۾ ان قسم جي شاعرن کي ”ٻولين جا ٺاهيندڙ“ {The Makers Of Language} سڏيو ويو آهي. بلاشيـﮣ ساهه کان اڳ توڙي پوءِ، ٻيا به ڪافي ناليوار شاعر ٿي گذريا آهن جن کي پڻ سنڌي ادبي تاريخ ۾ پنهجي مستقل ۽ جدا گانه حيثيت حاصل آهي، تاهم لطيف کي اسان جي تهذيبي ۽ ادبي اتهاس ۾، انتهائي مٿانهين حيثيت ۽ مان مرتبو حاصل آهي. شاهه جو ڄمڻ ۽ شاعري ڪرڻ، سنڌي زبان جي مڪمل ٿيڻ {Prefection} جي علامت آهي. شاهه صاحب سنڌي زبان، ادب سماج ۽ جيوت جو نمائنده اهڃاڻ آهي. حضرت شاهه صاحب جي قدآور شخصيت ئي اڄ متحده سنڌ جي روشن علامت ۽ واحد سهارو آهي!
        شاهه صاحب متعلق سندس پنهنجي دور کان ڪري اسان جي زماني تائين، سوين هزارين صفحا لکيا ويا آهن. سندن سوانح ۽ جيوت بابت ڪيئي اديبن ۽ عالمن، پنهنجي پنهنجي جاکوڙ پڌري پئي ڪئي آهي. حقيقت ته هيءَ آهي جو شاهه صاحب تي جيترو به ڪم ٿيندو، اهو گهٽ ئي ليکبو. سنڌي، انگريزي، اردو فارسي ۽ جرمن ٻولين ۾ شارحن ۽ سوانح نگارن شاهه بابت متعدد ڪتاب پڌرا ڪيا آهن. جيتوڻيڪ شاهه صاحب جي مستند سوانح جو ڪم اڃا پري آهي، تاهم ان متعلق بنيادي مواد گڏ ڪرڻ جون ڀرپور ڪوششون جاري آهن.
        شاهه صاحب بابت لکيل ڪتابن ۽ ٻئي مواد جو اڀياس ڪندي، ڪيئي خال سامهون آيا آهن ۽ متعد سوال ذهن ۾ اڀريا آهن. اهڙن مسئلن جو تنقيدي ۽ تحقيقي طرح، تسلي بخش جواب ڳولڻ کان سواءِ، اسين پنهجي هن عظيم شاعر جي مڪمل ۽ ٺوس سوانح حيات لکڻ جهڙا نه ٿينداسين. لطيف جي سوانح پڙهندي، منهنجي ذهن ۾ هونئن ته ڪيئي سوال اڀريا آهن، پر في الحال ٻن نقطن جو ذڪر ڪرڻ گهران ٿو.
        (1) ته، شاهه صاحب ڳوٺ ”ڀئي پور“ هالا حويليءَ ۾ پيدا ٿيو،
(2) ته، شاهه صاحب جي ڄم ۽ وفات جا، صحيح صحيح سال، مهينا ۽ تاريخون هجري ۽ عيسوي ڪئلينڊر موجب!

        ڪجهه وقت ٿيو ته همعصر عالم محترم قريشي حامد علي خانائي، پهريئن سوال تي ڀرپور روشني وجهي، هڪ مقالو شايع ڪري چڪو آهي (1). جيتريقدر ٻئي سوال جو تعلق آهي ته، هيءُ مسئلو ڪنهن حد تائين حل هجڻ جي باوجود به (2) شعوري ۽ لاشعوري طرح، ڀٽائيءَ جي شاگردن نوٽ نه ڪيو آهي، ۽ ان متعلق ابتدا کان ڪري اڄ تائين غلط بيانيءَ کان ڪم ورتو پئي ويو آهي. هت اسين ٻئي نقطي جو مستند ۽ صحيح جواب ڳولڻ جي ڪوشش ڪنداسين.
اوائلي سوانح نگارن جي راءِ:
        سڀ کان اول هي ڏسبو ته حضرت شاهه صاحب جي ابتدائي سوانح نگارن، ان متعلق ڪهڙي راءِ قائم ڪئي آهي، ۽ اسان جي رهبري واسطي ڪهڙو مواد ڇڏيو اٿن؟
        (الف) مير علي شير قانع: شاهه صاحب جي سوانح نگاريءَ جو بنياد ٺٽي جي هن مثالي محقق رکيو. هن صاحب بپنهنجن ٽن ڪتابن: ”مقالات الشعراعه“، تحفته الڪرام“ ۽ ”معيار سالڪان طريقت“ ۾ ڀٽائيءَ جو سرسري احوال ڏنو آهي (3) مير صاهب جي تحرير جو خلاصو هن ريت آهي.
        ”شاهه عبداللطيف هڪ ولي هو. سندس ڪرامتون بي شمار آهن، جن جي بيان لاءِ ڌار دفتر گهرجي. جنهن ڏينهن شاهه صاحب فوت ٿيو، ان موقعي تي ڪيئي مريد سندس ڏک ۾ مري ويا. سندس مزار تي عاليشان گنبذ ٺهيل آهي. جيسلمير جي راجا درگاهه لاءِ هڪ نوبت عطا ڪئي آهي. سندس وفات تي شاعرن تاريخي شعر چيا، جن مان سال  1165هه نڪري ٿو.“ (4) هي اقتباس مقالات الشعراعه ۽ تحفته الڪرام تان کنيل آهن. مٿئين اقتباس ۾، مير علي شير نه ته شاهه جي ڄم جو سال تحرير ڪيو آهي ۽ نه وري سندس وفات جي تاريخ تحرير ڪيئ آهي. البته مقالات ۾، هن رجا شاعر جي هڪ ڊگهي شعر جون ٻه سٽون ڏينون آهن، جن مان شاهه صاحب جي وفاتجو سال 1125هه نڪري ٿو (5)
شاهه صاحب ذوالمواهب سيد عبداللطيف
انکه قطب وقت خود بوده ست از مردان حق
چون ز جام ارجعي مخمور نوش وصل شد
گفت ملهم غيب سال رحلتش رضوان حق (6)
            1165هه               
        مير عبدالحسين سانگي قدري اخلتال سان ساڳيو شعر ”لطائف لطيفي“ ۾ نوٽ ڪيو آهي ۽ شاعر جو نالو قاضي ابراهيم هالائي ٻڌائي ٿو. هي قطعو شاهه صاحب جي مقبري جي اتر ۾ موجود مسجد جي دروازي تي پڻ اڪريل آهي. مير علي شير جي هن قلمي ڪشالي مان صرف هن ڳالهه جي خبر پوي ٿي ته ڀٽائي صاحب سال 1125هه ۾ وفات ڪئي. ڏينهن، تاريخ ۽ مهينو ڪهڙو هو، يا وري اهو ته وفات وقت شاهه صاحب جي ڄمار ڪيتري هئي هي سڀ مسئلا لطيف جي پهرئين سوانح نگار حل طلب ڇڏيا آهن. سندس ڪتاب معيار سالڪان طريقت دستياب ڪونهي، ان ڪري چئي نه ٿو سگهجي ته مذڪوره ڪتاب ۾ شاهه صاحب بابت ڪهڙو مواد ڏنل آهي؟
        (ب) رچرڊ برٽن: شايد مير علي شير قانع کان پوءِ شاهه صاحب بابت مختصر احوال، وري مشهور انگريز مصنف رچرڊ برٽن ڏنو آهي. سندس ماخذ معيار سالڪان طريقت آهي برٽن موجب:
        ”ڀٽائي صاحب 1680ع ۾ ڄائو، ۽ 1161هه ۾ وفات ڪيئاين (7).
        (ت) فريئر صاحب: سنڌ جي ڪمشنر سر بارٽل فريئر جي نياڻي. سنڌ بابت ڪو ڪتاب لکڻ گهريو ٿي، جنهن ۾ ڀٽائيءَ بابت به نوٽ اچڻو هو. حڪم موجب سرڪاري ترجمان (؟)، شاهه صاحب جي سوانح تي هڪ نوٽ تيار ڪيو، جيڪو پوءِ قلمي صورت ۾، ڪمشنر لائبريري ڪراچيءَ ۾ محفوظ هو. هي نوٽ پوءِ انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري (جتان پوءِ وري ڊاڪٽر دائود پوٽي، سنڌيءَ  ۾ ترجمو ڪيو)، ڊبليو. سائودي سال 1970ع ۾ لنڊن مان ڪتابي شڪل ۾ شايع ڪيو. ان موجب:
        ”شاهه صاحب 1102هه/1690ع ۾ چائو، ۽ 1165هه/1751ع ۾ فوت ٿيو“ (8)
        نامعلوم سرڪاري ڪارندي ۽ سائودي صاحب جي هن محنت کي اسان جي اتهاس ۾ ٻيڻي اهيت حاصل آهي. هڪ ته شاهه صاحب جي سوانح تي هي پهريون پيپر هو، جو ڪتابي شڪل ۾ نروار ٿيو هو، ۽ ٻيو ته ان ۾ سنڌ جي هن مثالي برزگ جي حياتيءَ متعلق عيسوي ۽ هجري ڪئليندڙ ۾، پهرين شعوري مطابقت پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪيل ڏسجي ٿي.
        (ج) ڊاڪٽر ٽرمپ: نامور جرمن محقق ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ جڏهن رسالي جو پهريون ايڊيشن شايع ڪيو، تڏهن ان جي انگريزي پيش لفظ ۾، شاهه صاحب جي سوانح جو ذڪر ڪندي لکيو اٿس:
        ”هي اٽڪل روءِ 1680ع ۾ ڄائو، ۽ سن 1161هه ۾ هن دنيا مان لاڏاڻو ڪيائين“ (9).
        هن صاحب جو مدار رچرڊ برٽن تي هو، جنهن جو ذڪر مٿي اچي چڪو آهي.
        (ح) يوان ڏيارام گدو مل: شاهه صاحب جي ابتدائي سوانح نگارن ۾، ديوان ڏيارام گدو مل جو آخري اسم اچي ٿو. ان بعد ڀٽائيءَ تي مڪمل ڪتابن لکڻ جو زمانو شروع ٿيو. غالباَ ديوان صاحب پهريون عالم آهي، جنهن هت اٿاريل مسئلي ج افاديت سمجهي ۽ پنهجي تحرير ۾ ان تي بحث ڪيو، لکي ٿو:
        ”ڊاڪٽر ٽرمپ (جنهن جو ذريعو برٽن آهي)، ۽ اڻ ڇپيل      تذڪري[1]، جنهن جو ذڪر مٿي ڪيو ويو آهي، ۾ شاهه صاحب جي ڄم ۽ وفات جا مختلف سال ڏسجن ٿا،. پهريئن موجب لطيف سال 1680ع ۾ ڄائو، ۽ سن 1161هه ۾ فوت ٿيو. پوئين موجب هي بزرگ 1690ع ۾ ڄائو، ۽ وفات 1751ع/ 1165هه ۾ ڪيائين“ (10)
ديوان صاحب کي هنن ٻنهي راين سان اختلاف ڏسجي ٿو. سندس خيال آهي ته :
”مسجد تي لڳل قطعو نه ته 1161هه، ۽ نه وري 1165هه ڏيکاري ٿو، ان مان سن 1160هه نڪري ٿو. ڇو ته صحيح معنيٰ ۾ تاريخي شعر جي سٽ هن ريت آهي:
”گرديد محو عشق وجو لطيف مير.“
        ”ان سان گڏ مون کي معلوم ٿيو ته، شاهه صاحب 63 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪئي ۽ گڏوگڏ اڻ ڇپيل تذڪري (ڪشمنر لائبريري) مان گمان نڪري ٿو ته ڀٽائي گهوٽ سن 1097هه ۾ ڄائو........انڪري چئبو ته شاهه صاحب 1097هه ۾ ڄائو. ۽ وفات سن 1160هه ۾ ڪيائين“(11)
        ديوان صاحب جو تنقيدي اڀياس قابل تعريف آهي، ليڪن جنهن تاريخي شعر ذريعي 1160هه ڪڍيو اٿس، اهو هن ريت آهي.
گرديده محو عشق وجود لطيف مير.
        ۽ ان مان سال 1165هه نڪري ٿو، جيڪو ئي لطيف جي وفات جو سال آهي. رهيو سوال اڻ ڇپيل ذريعي جو (ڪمشنر وارو) اهو ته بلڪل چٽو آهي. جيئن ديوان صاحب ابتدا ۾ پاڻ حوالو ڏنو آهي يا وري جيئن اسان مٿي نقل ڪيو آهي. پوءِ خبر نه آهي ته شاهه صاحب جي هن شارح سن 1097هه ڪٿان آندو؟ ڏسجي ائين ٿو ته ديوان صاحب 1160هه موجب حساب ڪري 1097 هه وارو کورو هنيو آهي،جيڪو اندازي کان وڌيڪ نه سمجهڻ گهرجي.
ابتدائي مڪمل سوانح نگارن جي راءِ:
        ڏيارام گدو مل تي پهچي، ڀٽائي صاحب متعلق، مختصر ۽ سرسري خاڪن لکڻ جو دور پورو ٿيو. ان بعد حضرت شاهه صاحب بابت مڪمل ڪتابن لکڻ جو زمانو اچي ٿو. هت اسين صرف ٽن عالمن جو مطالعو پيش ڪنداسي، جن سڀ کان اول لطيف جي سوانح تي مڪمل ڪتاب تيار ڪيا.
        (الف) مرزا قليچ بيگ مرحوم: جهڙيءَ ريت مير علي شير قانع، شاهه صاحب جي سوانح نگاريءَ جو بنياد رکيو، ٺيڪ ان ريت مرزا صاحب پهريون ڪتابلکيل تيار ڪيو. بعد ۾ ٻين محققن به هن موضوع تي جدا جدا ڪتاب تيار ڪيا. ڏسجي ائين ٿو ته مرزا صاحب پهريون اهل قلم آهي، جنهن هي ٻڌايو ته شاهه صاحب 14_ صفر 1165هه تي وفات ڪئي، يعني ته مهينو ۽ سال هن عالم جي محنت سبب پڌرا ٿيا، جن تي ڀٽائي يگهوٽ رحلت فرمائي. مرزا صاحب، لطيف جي سوانح اول انگريزيءَ ۽ پوءِ سنڌي زبان ۾ تيار ڪئي. ڀٽائيءَ جي وفات ۽ ڄم جي سالن بابت، هو صاحب ٻنهي ڪتابن ۾ ڪافي الجهن ۾ ڏسجي ٿو. انگريزي ايڊيشن ۾ سندس راءِ آهي ته:
        ”شاهه ڀٽائي 1102هه/1688ع ۾ ڀئي پور ڳوٺ، تعلقي هالا ۾ ڄائو. پاڻ تاريخ 14 صفر 1165 هه برابر 1851ع تي ٽيهٺ سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين“ (16)
ساڳيو عالم، ساڳئي ڪتاب جي سنڌي ايديشن ۾ لکي ٿو:
”شاهه عبدلالطيف سال 1102هه/1689ع ۾ ڄائو... سندس وفات 1165هه يعني 1752ع ۾ صفر مهيني جي چوڏهين تاريخ تي ٿي“(13)
        پڙهندڙ ٿورو غور ڪندا ته هڪ ئي مصنف جي راءِ ۾، شاهه جي طبعي زندگيءَ جي زماني متعلق ڪيڏو نه چٽو فرق ڏسڻ ۾ ايندو!
        (ب) مير عبدالحسين سانگي: مير صاحب هن موضوع تي پنهنجو ڪتاب فارسي زبان ۾ تيار ڪيو. سائودي (ڪمشنر وارو ڪتابڙو) کان پوءِ، هي پهريون صاحب آهي، جنهن شاهه صاحب جي ڄم ۽ وفات وارن سالن جي، عيسوي ۽ هجري ڪئلينڊر موجب مطابقت پيدا ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي. ڪتاب جي متن ۾ سانگي مرحوم، صرف هجري سال ڏيڻ تي اڪتفا ڪئي آهي.
        ”سندن پيدائش ”ڀئي پور“ ۾، جيڪوکٽيياڻ ڳوٺ جي ويجهو آهي، سن 1120هه ۾ ٿي ۽ وفات 1165هه (متن ۾ 1204هه آهي، جيڪا ڪتابن جي غلطي ڏسجي ٿي) ۾ ٿي“ (14)
        ساڳئي ڪتاب ۾ جيڪي ضميما ڏنل آهن، انهن ۾ ڏاڍي سهڻي نموني ۾، عيسوي ۽ هجري ڪئلينڊر کي پيوست ڪيو ويو آهي.

No comments:

Post a Comment