ڊاڪٽر علي اڪبر اسير قريشي
شاهه جي سُر مارئي جو جائزو
قسمت قيد ڪياس، نه ته ڪير اچي هن ڪوٽ ۾،
”ونحن اقرب اليه من حبل الوريد“ وطن آئون ويندياس،
مارُن کي ملندياس، ڪوٺيون ڇڏي ڪڏهين.
”ونحن اقرب اليه من حبل الوريد“ وطن آئون ويندياس،
مارُن کي ملندياس، ڪوٺيون ڇڏي ڪڏهين.
سنڌ نه رڳو
پنهنجي قدامت ۽ بيهڪ کان مشهور آهي، پر سندس ڪنڊ ڪنڊ شاعرن، عالمن، اديبن، بزرگن،
درويشن ۽ صوفين سان مختلف وقتن تي سدائين سرشار پئي رهي آهي، اهڙو سلسلو اڻ کٽ ۽
جڳن کان هلندو پيو اچي، جيڪو سدائين جاري رهندو.
اهڙا سنڌ جا
سپوت ۽ سپورنج نه رڳو پنهنجي علم ۽ عمل، ڏاهپ ۽ سياڻپ سبب نمايان حيثيت جا مالڪ
آهن، پر سندن شيوو رهيو آهي ته انسان جھڙي اشرف المخلوقات جي اندر ۾ اعلى اخلاق ۽
گڻ پيدا ڪرڻ، جنهن سان انسانيت ۽ اشرف المخلوقات جو مليل لقب برقرار رهي سگھي.
اهڙن اعلى ڪردارن ۽ اعلى اخلاق پيدا ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ اڄ تائين جن به اهم شخصيتن جنم
ورتو آهي، تن ۾ شاعرن جي سرتاج، ڀلاري ڀٽ ڌڻي، ڀٽائي گھوٽ، لاکيڻي لال ۽ سدا حيات
شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو نالو سرفهرست آهي. ڀٽائي گھوٽ سان اسان جي والهانه
عقيدت ۽ محبت آهي، اسان وٽ سندس ڪلام موجود آهي، جنهن جي وسيلي سنڌ ۽ سنڌين جو هر
دور ۾ مان مٿاهون پئي رهيو آهي. اڄ تائين جيڪو ڀٽائي گھوٽ کي مقام حاصل ٿيو آهي،
سو مقام ڪنهن به ٻئي شاعر کي نه مليو آهي، سندس ڪلام ئي آهي، جنهن سبب اسان کي فخر
و ناز آهي ۽ رهندو.
ڀٽ جي گھوٽ
پنهنجي ڪلام وسيلي انسان جي اندر انسانيت جا اعلى گڻ ۽ اعلى اخلاق، حسن ۽ حق، عشق
۽ آشتي جي بهترين خوبين کي اعلى نموني اجاگر ڪيو آهي، جنهن جوڳ ڪو مثال ملڻ مشڪل
آهي، ان کان علاوه عشق ــ الاهي، عشقِ رسول، انسان دوستي ۽ حب الوطنيءَ جا انيڪ
جذبا جاڳائي ويو آهي، پر سندس ڪلام پاڪ خيالن، جوش ۽ جذبن ۽ عشق جي امنگن جي صحيح
صحيح ترجماني ۽ رهنمائي ڪري رهيو آهي ۽ ڪندو رهندو. سندس ڪلام ۾ پنهنجو پنهنجو مزو
۽ ميٺاج، خوبي، لذت، رنگ ۽ تاثير وغيره آهي، هر ڪو پنهنجي خيالن آهر سندس ڪلام مان
مزو ماڻيندو رهي ٿو.