تاج بلوچ
ڇا ڀٽائي قيد آهي؟
جديد دنيا ۾، معجزي جو تصور سيڪيولر سمجهيو وڃي ٿو الائي نه؟ جتي علم ۽ ادراڪ آهي. جتي فطرت جي ڪک مان، بي انت ڏاهن ماڻهن فڪري ڪسب سان انوکا اعجاز، عالم آڏو آشڪار ڪيا آهن، اهڙين دريافتن کي به مذهبيت کان پاسيرو ٿي معجزو ئي سمجهڻ گهرجي. هوئن به سيڪيولرزم کي لامذهبيت واري ڪنسيپٽ بدران، ‘دنياوي’ تصور طور هنڊائڻ سان پراڻي تجربن جي منظرنامي ۾، نون تجربن ڪرڻ جو ساهس ملي سگهي ٿو.
ڀٽائي به قدرت جو اهڙو ئي معجزو آهي- انساني ذهن جو
ويساهه ۾ نه ايندڙ ڪمال. اهڙو معجزو جنهن پنهنجي خطي (سنڌ) جي هڪ
هڪ ڪنڊ جو فطري عڪس ۽ آهنگ. معيشت، معاشرت، زبان، تهذيب ۽ ثقافت سميت باوقار سماجي زندگي گذارڻ
۽ اهڙي زندگيءَ کي تحفظ ڏيڻ ۽ سياسي طور تي بنيادي حقن جي حاصلات ۽ انهن جي
بچاءَ لاءِ دنيا جي قومن ۾ مٿو مٿي ڪري هلڻ جو ادراڪ بخشيو آهي.
لطيف سرڪار شعوري طور تي اونڌاهين ۾ غرق ٿيل سورهين
صديءَ کي، ايڪويهين صديءَ کان به اڳتي ايندڙ وڌيڪ ساڃاهوند صدين جي
ڪڇ وهٽ ڪئي آهي. فطري ۽ قديم سماجي ڄاڻ جي سهاري سان، هن ايندڙ ڪيترن ئي
دورن لاءِ انساني زندگي کي فلسفي، منطق ۽ دليل لاءِ اهڙي ٻولي عنايت ڪئي
آهي، جيڪا جديد لسانيات جي قبيلي ۾ سائينٽيفڪ
ٽرمنالاجيءَ لاءِ بنياد ۽ بيهڪ جو تُز ذريعو ۽ وسيلو آهي
.
آسمان ۽ ڌرتي، ستارن ۽ سيارن، علمي ۽ ادبي ڌارائن جي
ڳوڙهي فهم جو اُڀ ڇهندي هن جهڙي ريت انجو وستار ڪيو آهي، اهو في الحال
ڀٽائي جي نالي تي قائم ٿيل ادارن ۾ ويٺل منشين، پروف ريڊرن ۽ پٽ-سٽ تي
تڳندڙ سندس مؤلفن، شارحن ۽ مترجمن جي وس کان ٻاهر جي ڳالهه آهي.
ڀٽائي ڪڇ ۽ ڀُڄ ۾ آهي. لاڙ ۽ ڪوهستان ۾ آهي. اتر ۽
وچولي ۾ آهي. هارين ۽ نارين ۾ آهي. پٿر ڍوئيندڙ ۽ ڏٿ چونڊيندڙن ۾ آهي.
مال چاريندڙ ۽ هٿ جو پورهيو ڪندڙن ۾ آهي. ۽ دنيا جي عظيم علمي ۽ فڪري
خزانن ۽ انهن جي تلاش لاءِ ووڙيندڙن ۾ آهي. ڀٽائيؓ ڪلچر ڊپارٽمينٽ جي اڌ
اکري ملازمن کي ته وجهه ئي نه ٿو ڏي. ڇاڪاڻ ته ڪلچر ڊپارٽمينٽ ۾ ويٺل،
‘عالمن جو ٽولو’ پنهنجي هڪ پاسائين ۽ ‘مقتدر ڏاهپ’ جي مڳيءَ ۾ هن کان اڳ به
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ آغا سليم جي ذريعي رسالي جي ترتيب، تاليف، اردو ۽
انگريزي ترجمي جي صورت ۾ ڀٽائيءَ سائين جي روح ۽ ان جي عاشقن کي رنجائي
چڪو آهي. ۽ هاڻ سرڪار جي 266هين عرس مبارڪ جي موقعي تي فرينچ ٻولي ۾ لطيف سرڪار جو رسالو آڻي
رهيو آهي. ۽ گذريل عرس جي موقعي تي پيش ڪيل اڌ اکري ماڻهن جي سطحي مضمونن
کي پڻ ڪتابي صورت ۾ آڻي رهيو آهي.
لطيف سرڪار، طويل عرصي کان سرڪاري ادارن وٽ قيد آهي.
سندس نالي جي پويان قائم ڪيل سرڪاري کاتا، چيئرس ۽ ڪاميٽيون گهري
اونڌاهي پوکي رهيا آهن. ڪرپشن ۽ نيپوٽزم کي هٿي ڏيئي عوام جي پئسي جو زيان ڪري ڀٽائي جي روح کي
ڏکوئي رهيا آهن. اسان کي ڀٽائيؓ جي روح کي آزاد ڪرائڻو آهي.
جيئن هاڻي سنڌ جي ماڻهن پنهنجي ثقافت ۽ باوقار انساني
جياپي جي اڪيلي سهاري سنڌو دريا جي سڪي وڃڻ بابت اونو رکندي ٻڌي جو
اظهار ڪيو آهي، بلڪل اهڙيءَ ريت سنڌ جي ماڻهن کي ڀٽائيؓ جي دريافت لاءِ سچي
جذبي سان اٿڻو پوندو.
اسان کي جهرجهنگ، جبلن، بيابانن، دريائي ڪنارن، پٽن ۽
پوٺن تي وڃي، ڀٽائيؓ جي لافاني، پراسرار ۽ عظيم ڪلام ۽ ان جي معنويت
کي نروار ڪرڻو پوندو. سندس عميق ۽ گهري ڪلام جي سگنيفڪنسي کي نمايان ڪرڻ جي
شروعات، ڪوهستان جي عظيم نياڻي مانواري سانئڻ ج.ع.منگهاڻي صاحبه ڪري چڪي
آهي. هاڻي سنڌ ۽ هنڌ کي ان جو هٿ ونڊائڻ گهرجي ته جيئن ڀٽائيؓ جو مستند
رسالو ترتيب ڏئي سگهجي.
ڀٽائي جي ٻولي، فن ۽ فڪر جي دريافت اصل ۾ عظيم ۽
لافاني سنڌ جي دريافت آهي.
No comments:
Post a Comment