شاهه جو رسالو

Tuesday, 13 October 2026

شاهه لطيف جو مثالي انسان: هڪ فڪري مطالعو Shah Latif’s Ideal Human: An Intellectual Study ــ ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ahsan Danish)

ڊاڪٽر احسان دانش


شاهه لطيف جو مثالي انسان: هڪ فڪري مطالعو

 

Shah Latif’s Ideal Human: An Intellectual Study

Abstract

Shah Abdul Latif Bhittai is widely recognized as a poet of love, spirituality, humanism, and cultural consciousness. While considerable scholarly attention has been devoted to the mystical, social, and literary dimensions of his poetry, the concept of the “Ideal Human” embedded within his poetic vision has not been examined comprehensively as an independent intellectual construct. This paper argues that Shah Latif’s poetry presents a coherent and multifaceted conception of the ideal human being, which gradually unfolds throughout the Shah Jo Risalo, from Sur Kalyan to Sur Bilawal.

Drawing upon a close textual and interpretive reading of selected verses from various surs, this study explores how Shah Latif constructs his ideal human through diverse poetic forms, symbolic representations, occupational figures, and legendary characters such as Marui, Sasui, Sohni, and others. The study demonstrates that Latif’s ideal human transcends distinctions of gender, class, ethnicity, and religious identity, embodying universal values such as love, moral courage, and resistance against oppression, self-awareness, sacrifice, truthfulness, compassion, and unwavering commitment to human dignity.

The paper further examines this concept in relation to other influential notions of the perfect or superior human found in world thought, including Nietzsche’s Superman, Bergson’s ideal man, and Iqbal’s Mard-e-Momin. It argues that Shah Latif’s conception is broader in its humanistic scope and more deeply rooted in ethical and spiritual universality. Ultimately, the study concludes that the idea of the ideal human constitutes one of the central philosophical foundations of Shah Latif’s poetry and offers a timeless model for personal, social, and moral transformation.

Keywords: Shah Abdul Latif Bhittai, Ideal Human, Humanism, Shah Jo Risalo, Sindhi Literature, Sufism, Moral Philosophy, Human Dignity, Resistance, Self-Realization.

 

شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ بابت هيل تائين بيشمار تحقيقي ۽ تنقيدي مقالا لکيا ويا آهن، جن ۾ سندس تصوف، جماليات، لوڪ داستانن، سنڌي سماج، قومي شعور، عورتن جي ڪردارن، ٻوليءَ ۽ فڪر جي مختلف پهلوئن تي روشني وڌي وئي آهي. تنهن هوندي به شاهه لطيف جي ڪلام ۾ موجود ”آدرشي/ مثالي انسان“ جي تصور کي هڪ جامع ۽ مستقل فڪري نظام طور گهڻي تفصيل سان نه ڏٺو ويو آهي. عام طور تي شاهه جي سورمين، سورمن ۽ ٻين ڪردارن کي جدا جدا مطالعن جو موضوع بڻايو ويو آهي، پر انهن سڀني ڪردارن جي پويان ڪارفرما هڪ گڏيل انساني تصور تي گهٽ ڌيان ڏنو ويو آهي


.

هي مقالو انهيءَ بنيادي نڪتي کي سامهون آڻي ٿو ته شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ هڪ اهڙو آدرشي انسان موجود آهي، جيڪو مختلف سُرن، داستانن، علامتن ۽ ڪردارن جي وسيلي تدريجي طور تي اڀري سامهون اچي ٿو. اهو انسان ڪنهن هڪ جنس، مذهب، طبقي يا سماجي حيثيت تائين محدود ناهي، بلڪه انساني عظمت، آزادي، مزاحمت، عشق، سچائي، اخلاق، خودشناسي، قرباني ۽ انسان دوستي جهڙن آفاقي قدرن جو مجموعو آهي.

هن مقالي ۾ شاهه جي رسالي جي مختلف سُرن مان چونڊيل بيتن جي فڪري ۽ تنقيدي اڀياس ذريعي اهو واضح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته ڀٽائي پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪيئن هڪ اهڙي مثالي انسان جي تعمير ڪري ٿو، جيڪو روايتي سماجي قدرن کان مٿانهون، پر انسانيت جي اعلى اصولن سان وابسته آهي. مقالي ۾ شاهه جي هن تصور جو تقابلي جائزو پڻ پيش ڪيو ويو آهي، جيئن ان کي نطشي جي فوق البشر، برگسان جي انسانِ ڪامل ۽ اقبال جي مردِ مومن جهڙن تصورن جي تناظر ۾ وڌيڪ چٽي نموني سمجهي سگهجي

.

شاهه لطيف سنڌي سماج جو مسيحا شاعر آهي، هن جي ڪلام ۾ انسانن جي دائمي سورن ۽ دردن جو علاج آهي. ”لطيف سائين جو ڪلام رڳو سنڌ جي جاگرافيائي حدن جو نقشو پيش نه ٿو ڪري پر تاريخي تناظر ۾ سنڌ جي سياسي، سماجي، ثقافتي ۽ مذهبي تاريخ جا نقش به چٽي ٿو. ڀٽائي جي شاعري ۾ جڳهه جڳهه تي ڳوڙهو فڪر، فلسفو، احساس ۽ ادراڪ جلوه گر ٿئي ٿو. هن پنھنجي رسالي جي هر سٽ اجهل جذبن جي جولان ۽ احساسن جي تند سان اُڻي آهي، ان ڪري سندس ڪلام ۾ عجيب ڇِڪَ ۽ ڪشش آهي.“ (1) هن جي گھڻ رخي، گھڻ رنگي ۽ گھڻ موضوعاتي شاعريءَ تي گھڻي تحقيق جي ضرورت آهي.

شاهه لطيف جو سڄو سارو ڪلام غور سان پڙهبو ته معلوم ٿيندو ته هن وٽ هڪ آدرشي انسان جو تصور موجود آهي. اهو انسان سُر ڪلياڻ کان جُڙڻ شروع ٿئي ٿو ۽ سُر بلاول تائين وڃي مڪمل ٿئي ٿو. ان وچ ۾ مختلف سُرن ۾ اهو مثالي انسان اڀري اچي ٿو ۽ پنهنجو تعارف ڪرائي ٿو. ان انسان جو ڪو هڪ روپ ناهي، ڪو هڪ نالو، ڪا هڪ جنس ناهي، ان ۾ ڪو مخصوص هڪ گُڻ ناهي. اهو هر طرح سان گھڻ رخو ۽ ڦهليل آهي. ان ’آدرشي انسان‘ کي ڀٽائي پنهنجي فڪر، ادراڪ ۽ تخيل جي مٽيءَ مان ڳوهيو آهي.

فڪر، فلسفي، ادب ۽ آرٽ جي دنيا ۾ اسان کي اهڙا ڪيئي عظيم انسان ملندا جن مان هر هڪ وٽ هڪ انسانِ ڪامل يا آدرشي انسان جو تصور نظر ايندو. نطشي جي سپر مين ۽ برگسان جي انسانِ ڪامل کان وٺي علامه اقبال جي مرد مومن تائين اسان کي اهڙا ڪيئي مثال ملندا. انهيءَ طرح گوئٽي وري فائوسٽ ۾ هڪ آدرشي انسان جو تصور پيش ڪيو. هر ڪنهن جي ’مثالي انسان‘ ۾ پنهنجا پنهنجا گُڻ آهن پر شاهه لطيف جو آدرشي انسان اڻ ڳڻين ڳُڻن جو مالڪ آهي. اهو ئي سبب آهي جو هن جو ڪلام پڙهڻ سان معلوم ٿيندو ته هو هڪ نئين انسان جو تصور ڏئي ٿو. جامي چانڊيي جي اها راءِ وزنائتي آهي ته ”لطيف پنهنجن تصورن ۾ هڪ خاڪو ٺاهيو ته ماڻهو ڪيئن هجي، آئيڊيل انسان ڪيئن هجي ۽ پوءِ هن اهو انسان تصوراتي طور تخليق ڪري ڏنو. سسئي لطيف جو ٺاهيل انسان آهي، سهڻي لطيف جو تخليق ڪيل انسان آهي، مارئي لطيف جو تخليق ڪيل انسان آهي، اسان کي خبر نه آهي ته هو اصل ۾ به اهڙيون هيون يا نه؟“ (2) لطيف سائين جا اهي ۽ اهڙا ٻيا ڪردار جيڪي ڪن داستانن ۽ قصن سان سلهاڙيل آهن، گھڻو ڪري لطيف جي دور کان صديون اڳ ٿي گذريا آهن ۽ شاهه انهن کي اکين ڪونه پسيو هو. اسان انهن کي تصوراتي ڪردار ان ڪري به چئون ٿا ته اُهي نِج پج ائين هيا به الائي نه! پر لطيف انهن وسيلي هڪ آدرشي انسان تخليق ڪيو آهي. عظيم تخليقڪارَ جڏهن پنهنجي اردگرد ماڻهپي جو ڪالُ ۽ انسانيت جو زوال ڏسندا آهن، ته اُهي پنهنجي تصور جي اک کوليندا آهن. بقول حافظ شيرازي:

آدمِ خاکي بديں   عالم  نمي آيد بَدست،

عالمے ديگر بِبايد ساخت  از  نو  آدمے (3)

(هن مٽيءَ جي جهان ۾ ڪو ماڻهو نظر نٿو اچي. هڪ نئون جهان ٺاهڻ کپي ۽ ڪو نئون انسان ٺاهڻ کپي.)

شاهه لطيف جي رسالي ۾ اهو ’نئون انسان‘ اسان کي چئن صورتن ۾ نظر اچي ٿو.

پهريون ڪنهن به مخصوص ڪردار سان مخاطب ٿيڻ بدران شاهه سائين هڪڙا اصول ٻڌايا آهن، جن وسيلي هڪ انسان، انسانِ ڪامل جي درجي تي پهچي سگھي ٿو. جيئن:

ھو چُونَئِي تون مَ چَئھ، واتان وَرائي

اَڳِ اَڳرائِي جو ڪَري خطا سو کائي

پاند ۾ پائي، وِيو ڪيني وارو ڪِينَڪِي.

(سُر آسا، د 4)

هتي شاهه ڪنهن خاص ڪردار سان نه، پر هر انسان سان مخاطب ٿي اعلى اخلاقي رويو اختيار ڪرڻ جي تلقين ڪري ٿو.

ٻيو ڀٽائي غير انساني ڪردارن ۽ وِٿن جهڙوڪه جيتن، پکين ۽ جانورن کي اهڃاڻ ۽ علامت بڻائي ’مثالي انسان‘ جو تصور پيش ڪيو آهي. جيئن:

ھَنجَنِ سين ھيڪارَ، جي ڳَڻَ ڪري نِھارِئين؛

ٻَگهَنِ ساڻ ٻِيھارَ، ٻيلَھھ نھ ٻَڌِين ڪَڏھِين.

(سُر ڪارايل، د 1)

يا

پُڇُ پَتنگنِ کي، سندِيُون کامَڻَ خَبَرُون؛

آڻِيو وجهَنِ آڳَ ۾، جِيءُ پَنھنجو جي؛

جيري جنِين جي، لڳا نيزا نِينھَن جا!

(سُر يمن ڪلياڻ، د 3)

هتي هنج سچائي ۽ پاڪيزگيءَ جي، جڏهن ته پتنگ عشق ۾ قرباني ۽ پاڻ ارپڻ جي علامت بڻجي مثالي انسان جون وصفون اجاگر ڪن ٿا.

 

ٽيون اهڙن ڪردارن وسيلي ان تصور کي چٽو ڪيو آهي، جيڪي ڪنهن خاص ڪرت سبب نه، پر ڪنهن نه ڪنهن گُڻ، لڇڻ ۽ خوبي سبب يا ڪنهن مقبول داستان جي ڪري اڳواٽ ڄاتل سڃاتل آهن، جنهن ڪري سندن نالا يا ذاتيون به ورتل آهن، جيئن: سهڻي، مارئي، سسئي، تماچي، جکرو، لاکو، ابڙو، سپڙ وغيره. مثال طور سُر سهڻي ۾ ڀٽائي چوي ٿو:

جِئان وَهي تِئان واٽ، ڪپرو پڇن ڪوڙيون؛

جن کي سِڪَ ساهڙ جي، سي گهيڙ نه پڇن گهاٽ؛

جن کي عشق جي اُساٽ، سي واهڙ ڀانئين وکڙي.

(سُر سهڻي، د 4)

هتي سهڻي عزم، بي خوفي، مقصد سان وابستگي ۽ قربانيءَ جي جذبي جي علامت بڻجي شاهه جي مثالي انسان جو اعلى نمونو پيش ڪري ٿي.

اهڙيءَ طرح ’مثالي انسان‘ جي چوٿين صورت اسان کي شاهه لطيف جي اهڙن ڪردارن ۾ نظر اچي ٿي، جيڪي مختلف ڪِرتن سان لاڳاپيل آهن جيئن لوهار، ڪنڀار، ڪوري، وڻجارو، کاهوڙي، جوڳي وغيره. انهن ڪردارن مان ڪنهن جو به نالو ظاهر ناهي. مثال طور لوهار بابت چوي ٿو:

ڪَٽُ ڪَڙهي، لوھُ ٻَري، ڌُوڌا جِتِ ڌَڳَنِ

مَتَرڪَنِ مُنھَ ڪَڍِئا، سانداڻِيُون سَنڪَنِ

اَڄُ پُڻِ آڳَڙِيَنِ، ميڙو آھي مَچَ تي.

(سُر يمن ڪلياڻ، د 4)

هتي لوهار رڳو هڪ پيشي وارو ڪردار نه، پر انسان جي باطني تربيت ۽ مسلسل رياضت جي علامت آهي. جيئن لوهه باهه ۽ مترڪن جي ڌڪن سان ڪَٽُ لاهي ڪارآمد بڻجي ٿو، تيئن شاهه جي نظر ۾ مثالي انسان به آزمائشن، محنت ۽ اندروني رياضت مان گذري پنهنجي ڪمال کي پهچي ٿو

منهنجي مطالعي ۽ تحقيق مطابق ڏاهن ۽ ڏاتيارن جي ڏيهه ۾ شايد شاهه لطيف واحد شاعر آهي، جنهن پنهنجي شاعريءَ ۾ ’آئيڊيل انسان‘ جو ايڏو وسيع ۽ گھرو تصور پيش ڪيو آهي.

گرامي صاحب مطابق ”نطشي جي نظر ۾ ”نيپولين“ جهڙو شرابي، بدمست، آوارو، رنگين مزاج، خوني ۽ جنگجو ماڻهو ”فوق البشر“ آهي، ۽ برگسان ويچارو زمان ۽ مڪان جي واديءَ ۾ گم ۽ غرق آهي. ان جي افڪار مان نطشي پنهنجو ”فوق البشر“ بونا پارٽ کي بنايو آهي!... اقبال جو انسانِ ڪامل، گستاخ ۽ بيباڪ، شوخ ۽ شنگ، دريده دهن ۽ زبان دراز آهي. هو الله سان هم ڪلام ٿئي ٿو، پر آداب ڪلام کان جاهل! هو الله تي چوٽون ٿو هڻي ۽ ٽوڪون ٿو ڪري.

زيانِ آدمِ خاکي زياں تيرا هے يا ميرا؟

ٻئي هنڌ:

اپنا گريباں چاک، يا دامنِ يزداں چاک!

پر شاهه انسانِ ڪامل لاءِ چوي ٿو:

جکري جهڙو جوان، جڙيو ڪين جهان ۾،

مهڙ مڙني مرسلين، سرس سندس شان،

تنهن آگي جا احسان، جنهن هادي ميڙيم ههڙو.

شاهه جي بشرِ ڪامل جا اوصاف نطشي ۽ اقبال جي فوق البشر جي وصفن سان ڀيٽيو.

آديسين ادب، آهي اکڙين ۾،

نسب تن جو ناهه ڪو، نڪو تن حسب،

سامين کي سڀين پرين، روح ۾ آهي رب،

ريءَ لانگوٽيءَ لب، پاڇي رکن نه پاڻ لئي! (4)

ان ڪري اسان شاهه لطيف جي ’مثالي انسان‘ جي تصور کي وسيع نظر سان ڏسون ٿا. اقبال جو ’تصورِ مردِ مومن‘ بنيادي طور هڪ مردِ مسلم جو تصور آهي، يعني هڪ ڪامل مسلمان ۽ صاحبِ ايمان، سو مردِ مومن جي پنهنجي اهميت آهي پر لطيف سائين جو آدرشي انسان رڳو مردِ مومن ناهي پر اهو ’انسانِ ڪامل‘ آهي، جنهن ۾ سڀني مذهبن جو روح ۽ فلسفن جو تتُ موجود آهي، ان ڪري ڀٽائي جو آدرشي انسان، انسانيت جي اعلى مقام تي فائز آهي.

شاهه لطيف جو روح سنڌ سان رَليل هُيو. هن پنهنجي سڄي ڪلام ۾ سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت جو جوهر اوتيو آهي. هن جي تخليق جو سرچشمو سنڌ آهي ۽ سنڌ ئي هن جي عشق جو محور آهي، جي ائين نه هجي ها ته هو سنڌ جي هاري ناري، پورهيت، ڪمي ڪاسبي ۽ مسڪينن جو ذڪر نه ڪري ها، هو پنهنجون اڪثر سورميون ۽ سورما انهيءَ طبقي مان نه چونڊي ها. هن جي اظهار جي ٻولي سنڌي ۽ هن جي شاعريءَ جي زمين سنڌ آهي، تنهن ڪري هو اُتان ئي ڪردار چونڊي ٿو ۽ علامتون ۽ اهڃاڻ بڻائي ٿو. ان مان اها ڳالهه سمجھڻ به ڏُکي ناهي ته تاريخ جي تناظر ۾ سنڌ جو ماڻهو جتي جبر ۽ ڏاڍ جي گھاڻي ۾ پيسبو رهيو آهي اُتي هيءَ ڌرتي ماڻهپي جي اعلى منزلن تي رسيل اهڙن عظيم ڪردارن کي به جنم ڏيندي رهي آهي، جن کي شاهه لطيف انسانِ ڪامل جو درجو ڏئي ٿو.

شاهه سائين پنهنجي سڄي ڪلام ۾ عام ۽ خاص انسان ۾ فرق سندن سماجي رتبي سبب نه ٿو ڪري پر هن وٽ انساني عظمت ۽ اهميت جا معيار الڳ آهن. هن وٽ اهڙو انسان قابلِ قبول نه آهي جيڪو غلامي کي قبول ڪري ٿو ۽ کيس پنهنجن زنجيرن سان پيار ٿي وڃي ٿو. هن وٽ اهو ماڻهو مانائتو آهي جيڪو قيد ۽ بند جي صعوبتن ۽ مصيبتن ۾ جڪڙل هجڻ باوجود جھيڙيندو رهي ۽ مزاحمت جو رستو اختيار ڪري، ان جو هڪ مثال مارئي آهي. جيڪا چوي ٿي:

تيلُ نَه لائِيان تنهنجو، مُون مارُوءَ جو مَنِ،
ڪَرِيان ٻِي نه ڪَنِ، آهَر اُنَهِينءَ آهِيان.

(سُر مارئي، د 3)

 

پَٽُ نَه پَرَهِيان، سُومَرا! جانڪِيتان جِيان،
آئُون ڪيئن لوئِي لاهِيان، ڪارَڻِ ٻِنِ ڏينهان،
جانسِين ٿِي جِيان، ڪانڌُ نه ڪَندِيَسِ ڪو ٻِيو.

(سُر مارئي، د 3)

شاهه لطيف جي ڪلام جو کوڙ سارو حصو اهڙو آهي، جنهن ۾ هن ڪنهن مخصوص داستان جي ڪنهن مخصوص ڪردار سان مخاطب ٿيڻ يا سندس ڪردار ۾ پيهجي ڪو پيغام ڏيڻ بدران ضمير متڪلم ۾ ڳالهايو آهي ۽ ان طرح پنهنجي شاعريءَ جي مثالي ڪردار ۽ آدرشي انسان کي اڀاريو آهي. جيئن سُر ڪلياڻ ۾ فرمائي ٿو:

سُورِيءَ سَڏُ ٿِيو، ڪا هَلَندِي جيڏِيُون؟

وَڃَڻُ تَنِ پِيو، نالو نيِنهُن ڳِنَهنِ جي.

(سُر ڪلياڻ، د 2)

اهو بيت ڪنهن به رومانوي يا نيم ڪلاسيڪل داستان جي پس منظر ۾ چيل نه آهي پر ان ۾ ڀٽائي پاڻ پنهنجن لفظن ۾ اوچي ڳاٽ جيئڻ جو هڪ اصول ٻڌائي ٿو. عشق انسان کي رچائي پچائي ريٽو ڪري ڇڏي ٿو. عشق جو سفر سولو ۽ سهنجو ناهي، ان لاءِ سِرَ جون سٽون ڏيڻيون پونديون آهن. عظيم مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ موت معمولي شيءِ آهي. اهڙو موت انسان کي امرتا بخشي ڇڏيندو آهي. ان ڪري لطيف سوري تي سينگارجڻ کي اعزاز سمجھي ٿو ۽ ٻين کي به ان راهه جو پانڌي ٿيڻ لاءِ دعوت ڏئي ٿو، پر ان رند تي پنڌ ڪرڻ هر ڪنهن جي وَسَ جي ڳالهه ناهي. تڏهن ئي ته چيائين ته:

سُوري آهِه سينگارُ، اَڳِهِين عاشِقَنِ جو،

مُڙَڻُ موٽَڻُ ميهَڻو، ٿِيا نظاري نِروارُ،

ڪُسَڻَ جو قَرارُ اَصِلِ عاشقن کي.

(سُر ڪلياڻ، د 2)

يا

سُورِيءَ چڙهڻُ، سيڄَ پَسڻُ، اِيُ ڪَمُ عاشِقَنِ،

پاهُون ڪين پسن، سائو هلن سامهان.

(سُر ڪلياڻ، د 2)

سوال آهي ته اهي ڪهڙا عاشق آهن، جيڪي سوري کي سيڄ ۽ سينگار سمجھن ٿا، جيڪي تختهءِ دار تان موٽڻ کي مهڻو ڄاڻن ٿا ۽ جن کي ڪُسڻ ۾ قرار پيو اچي. ظاهر آهي اهو ڪن معمولي ماڻهن جو ڪم ناهي. ڀٽائي جو عاشق ڀلا معمولي ڪيئن ٿو ٿي سگھي! شاهه عاشقن جو امام آهي، ان ڪري کيس پتو آهي ته عشق جي راهه ۾ ڪاوا اُڀا هوندا آهن، اتي پير پٿون ٿيندا آهن ۽ سِرَ ڌڙن کان ڌارَ ڪرڻ لاءِ هر وقت تيار رهبو آهي. پر شاهه جي عشق کي ڪنهن محدود معنى ۾ نه ڏسڻ کپي، ان عشق کي زندگيءَ جي هر پهلوءَ ۽ سماج سان جوڙڻ جي ضرورت آهي. عظيم منزلن ۽ مقصدن کي ماڻڻ لاءِ غير معمولي انسانَ جان جي قرباني کي معمولي ڳالهه سمجھندا آهن. شاهه جو ’عاشق‘ هڪ اهڙو ئي غير معمولي ۽ ’مثالي انسان‘ آهي. هي اهڙو عاشق آهي جيڪو عشق جي شرابَ جي رڳو سَڌَ نه ٿو ڪري پر زهر کي امرت ڪري پي وڃي ٿو.

سَڌَڙِيا سَرِي جُون، ڪُهُه پَچارُون ڪَنّ؟

جُهه ڪاتَ ڪَلاڙَنِ ڪڍيا، ته موٽِيو پوءِ وَڃَنِ،

پِڪون سي پِيَئَنِ، سِرَ جَنِين جا سَٽِ ۾.

(سُر ڪلياڻ، د 2)

 

عاشق زهر پياڪَ، وِههُ پسيو وِهُسَن گھڻو،

ڪڙي ۽ قاتل جا، هميشه هيراڪَ،

لَڳيَنِ لَئون لطيفُ چي، فنا ڪيا فِراقَ،

توڙي چڪن چاڪَ، ته په آههَ نه سلن عام کي.

(سُر ڪلياڻ، د 2)

شاهه لطيف جو تصور ۽ تخيل، هن جو فڪر ۽ فلسفو، هن جي ڏات ۽ ڏاهپ جو جهان بلڪل نرالو آهي، ان ڪري هن پنهنجي شاعريءَ ۾ جيڪو تصوراتي انسان ٺاهيو آهي اهو به عام ماڻهو کان منفرد ۽ الڳ آهي. شاهه لطيف جي سڄي فلاسافي ابتاڻ جي فلسفي تي آڌاريل آهي. ان ڪري هو پنهنجي آدرشي انسان کي لوڪ جهڙو نه ٿو ڏسڻ چاهي. ان ڪري چوي ٿو ته:

اَکِ اُلِـٽِي ڌارِ، وَنءُ اُلبِتو عامَ سين؛
جي لَهِوارو لوڪُ وَهي، تُون اُوچو وَھُ اوڀارِ؛
مَنجھان نُوچَ نِهارِ، پُرُ پُٺِيرو پِرِينءَ ڏي.

(سُر آسا، د 2)

اها الٽي اک ۽ اوچو وهڻ، دنيا سان ٽڪراءُ ۽ روايت شڪني جو عملي مثال آهي. عام ماڻهو آسانين جي تلاش ۾ هوندو آهي، اهو مصلحت پسند ۽ سمجھوتو ڪندڙ هوندو آهي پر ڀٽائي جو آئيڊيل انسان شين ۽ لقائن کي ان طرح نه ٿو ڏسي، هو انهيءَ ڪري غير روايتي آهي جو هو سماج جي مخالف ڌارا ۾ هلڻ جو حوصلو رکي ٿو، هن وٽ سوسائٽي جي مدي خارج نظام لاءِ هڪ بغاوت آهي، انهيءَ ڪري هو لهوارو وهڻ بدران اوچو ٿو وڃي. اوچائي بلند خيالي ۽ فڪر جي پرواز جي نشاني به آهي.

ڀٽائي جو ’مثالي انسان‘ هر طرح سان مختلف آهي. هو سور مان سرور حاصل ڪري ٿو. دُکُ هن لاءِ دَيا آهي. هو تڪليفن مان رستو ڪڍي ٿو، کيس مصيبت مِٺي ٿي لڳي. هن لاءِ سور ئي صحت آهي. ”درد جنھن ۾ پنھنجي لذت ۽ لطف آهي. سور، جنھن ۾ پنھنجو ساءُ، سرور ۽ سونھن آهي. درد جي سونھن جو احساس ڀٽائي جي ڪردارن مان معلوم ڪجي جيڪي دک کي دوا سمجهن ٿا. سور کي سونھون ڄاڻين ٿا، درد کي دڳ ۽ رنج کي رهنما بڻائين ٿا.“ (5) عام ماڻهو دُک کان دور رهڻ پسند ڪندو، ڪڏهن به تڪليفن کي ڳلي نه لڳائيندو، سگھو ۽ صحتمند رهڻ چاهيندو آهي پر شاهه جو انسانِ ڪامل اهڙن عام انسانن کان مختلف ۽ منفرد آهي. ڇوته اهو سور جو سبق ٿو پڙهي.

جَنِ کي دور درد جو، سَبَقُ سُورَ پڙهَنِ،

فِڪرَ ڦَرهِي هَٿَ ۾، ماٺِ مُطالعو ڪَنِ

پَنو سو پڙهن، جنهن ۾ پَسَنِ پرينءَ کي.

(يمن ڪلياڻ، د 5)

اهو ڪهڙو پرين آهي، جيڪو پنن ۾ پسي سگھجي؟ اهي ڪهڙا پنا آهن جن ۾ پرين لڪل آهي؟ اها ڪهڙي فڪر جي ڦرهي آهي؟ ۽ ماٺ جي مطالعي مان ڇا مراد آهي؟ هي ڪهڙا ڳُجھ ۽ ڳجھارتون آهن؟ انهن سڀني سوالن جا جواب اسان تڏهن ئي ڳولي سگھندا سين جڏهن پاڻ شاهه جي شاعريءَ جي روايتي تشريحن مان ٻاهر نڪرندا سين. سچ اهو آهي ته ڀٽائي جو ڪلام گھڻ رخو ۽ گھڻ معنوي آهي، جنهن کي ڪنهن هڪ نڪتهءِ نگاهه کان ڏسڻ نه جڳائي. شاهه سخي آهي ان ڪري هن اهڙو ڪلام چيو آهي جيڪو فڪري طور وسيع ۽ گھرو آهي، تنهن ڪري ان جي تشريح جا کوڙ سارا امڪان نظر اچن ٿا. مان ڊاڪٽر فهميده حسين جي ان ڳالهه سان سهمت آهيان ته ”شاهه لطيف ۾ ايتري ته همه گيري آهي، گهرائي توڙي وسعت آهي جو سندس ڪلام مان مختلف معنائون ڪڍي سگهجن ٿيون ۽ هر ڪو پنهنجي ذهني سطح، لاڙي، تربيت ۽ مطالعي مطابق سندس بيتن جي شرح ڪري ٿو. ڪڏهن سندس بلڪل سماجي معروضي حالتن جي عڪاس بيتن مان روحاني (Spiritual) ۽ مابعدالطبعياتي (Metaphysical) معنائون ڪڍيون وينديون آهن ته ڪڏهن مجاز کي حقيقت ڄاڻايو ويندو آهي. ٻئي طرف ٻيءَ ڌر وارا سنڌ جي تاريخ ۾ صوفين جي سلسلي ۽ تصوف جي روايت کي سراسر وساري سندس خالص صوفيانه ڪلام ۾ به پيا مادي ۽ مجازي معنائون تلاش ڪندا.“ (6) اها ڳالهه بلڪل سچ آهي، پر ڀٽائي جا ڪيترائي بيت گھڻ رخا ۽ وسيع آهن، جيئن سندس مٿيون بيت آهي. منهنجي خيال ۾ اهو بيت انهن مثالي انسانن بابت آهي. جيڪي سدائين سورَ کي پيا سارين يعني هر ڏکيائيءَ کي مُنهن ڏيڻ لاءِ تيار آهن ۽ ماٺ ميٺ ۾ فڪر جي ساگر اندر غوطه زن ٿين ٿا ۽ پوءِ پنهنجي ماڳ ۽ منزل جنهن لاءِ ڀٽائي ”پرين“ جو لفظ استعمال ڪيو آهي، کي پَسڻ لاءِ جستجو ڪندا رهن ٿا. مان سمجھان ٿو ته پرين ڪو مجسم وجود ناهي پر منزل جو نالو آهي، جيئن سهڻي جي منزل ساهڙُ ۽ سسئي جي پنهون هيو، اِهي بيشڪ سندن محبوب هيا پر ڀٽائي انهن جي وسيلي تڪليفن مان گذري منزل ماڻڻ جي اهميت کي اُجاگر ڪيو آهي. شاهه جي ڪلام جو اهو تمثيلي انداز سندس آرٽ جي هڪ اهم خوبي آهي. لطيف سائين پنهنجي هيٺين بيت ۾ ٻڌائي ٿو ته منزل ۽ ماڳ جي حصول جي تڙپَ ڇا آهي ان جو اندازو انهن کي هرگز نه هوندو جيڪي سَگھا ۽ صحتمند آهن، يعني جن ڪڏهن دُک ۽ تڪليف جي لذت نه ماڻي آهي.

سَگهن سُڌِ نه سور جي، ٿا رُنڪنِ رنجوري،

پيا آهن پٽ ۾ مٿن ماموري،

لڳين لَنؤُ، لطيفُ چي، سدا جي سُوري،

پرتِ جَنِ پورِي، تَنِ رويو وِهامي راتَڙِي.

(يمن ڪلياڻ، د 1)

شاهه لطيف سنڌي سماج جو بهترين عڪاس ۽ نقاش شاعر آهي. هن جڏهن سماج اندر ڀرندڙ قدرن، انساني روين جي تبديلي ۽ اخلاقي ڏيوالپڻي کي محسوس ڪيو ته چيو:

آدِمِيُنِ اِخلاصُ، مَٽائي ماٺو ڪَيو؛
هاڻِ کائي سَڀُڪو، سَندو ما
ڻهُوءَ ماسُ؛
دِلبَرَ! هِنَ دُنيا ۾، وَڃِي رَهندو واسُ؛
ٻئي سَڀُ لوڪَ لِباسُ، ڪو هِڪَدِلِ هُوندو هيڪِڙو.

(سُر بروو سنڌي، د 3)

جڏهن سماج مان خلوص ۽ محبت ختم ٿي وڃي ۽ ماڻهو ماڻهو جو ماسُ کائڻ لاءِ آتو هجي، دوکي ۽ دولاب، خود غرضي ۽ انا جهڙيون بيماريون عام ٿي وڃن ته اهڙو سماج هڪ وحشي سماج جو ڏيک ڏيندو پر ڀٽائي اهڙي سماج مان به نااميد ناهي، ڇوته کيس پڪ آهي ته ڪو آهي، جو تبديلي پسند، ترقي پسند ۽ انسان دوست آهي، اهو نيڪ، پُرخلوص ۽ روشن خيال انسان ئي اصل ۾ ڀٽائي جو ’آدرشي انسان‘ آهي.

شاهه لطيف پنهنجي ”انسانِ ڪامل“ جون جيڪي خوبيون ۽ گُڻ ٻڌائي ٿو، انهن مان ڪجھ سُر يمن ڪلياڻ جي هن مشهور بيت ۾ موجود آهن:

هُو چُوِنِئي، تون مَ چَئو، واتان وَرائي،

اَڳِ اَڳرائِي جو ڪري، خطا سو کائي،

پاندَ ۾ پائي، وِيو ڪِيني وارو ڪِينَ ڪِين.

(سُر يمن ڪلياڻ، د 8)

         هتي ”چوڻ“ واري کي ”نه چوڻ“ يعني ظالم جو ظلم برداشت ڪرڻ، بظاهر انساني ڪمزوري معلوم ٿئي ٿي. اڄ جي دنيا اهڙي انسان کي ڪمزور ۽ گيدي چوندي. اڄوڪو دور ته سِرَ جو جواب پٿر سان ڏيڻ وارن کي ئي درست سمجھي ٿو ته پوءِ ڀٽائي اهڙو ڏسُ ڇوٿو ڏئي؟ ان جو جواب به بيت ۾ ئي موجود آهي. پهريون جيڪو اڳرائي ڪندو، يعني هروڀرو هٿ چراند ڪندو سو خطا کائيندو، حالانڪه موجوده زماني ۾ دنيا جون سموريون وڏيون طاقتون پاڻ کان هيڻن تي حملا آور ٿي کين نقصان پهچائن ٿيون ۽ ڪوئي به سندن وارُ ونگو نه ٿوڪري سگهي پر ڀٽائي وٽ ان سٽ جو هڪ اخلاقي پهلو آهي، جنهن جي پٺيان صدين جو وزڊم موجود آهي. آخري سٽ ۾ لطيف سائين اڳرائي ڪندڙ جي بد نيتي ۽ حسد کي واضح ڪندي چوي ٿو ته اڳرائي اهو ڪندو جنهن جي من ۾ ڪينو ۽ ڪدورت هوندي. شاهه جي مثالي انسان وٽ نه ڪينو آهي نه حسد، نه هو ڪڏهن اڳرائي ٿو ڪري ۽ نه ئي هو خطا ٿو کائي. اهي ان انسان جا اخلاقي گُڻَ آهن، جن جون پاڙون اصل ۾ مسيحي فڪر ۾ موجود آهن. شاهه جو آدرشي انسان اڳرائي ته نه ٿو ڪري پر اهو ڊڄڻو ۽ گيدي به نه آهي اهو ته سورهين ۽ سرويچن جي سٿ جو اڳواڻ آهي، جيڪو وقت اچڻ تي هڪ جوڌي جُنگ ۽ هڪ ارڏي ۽ اڙٻنگ انسان جي روپ ۾ به نظر اچي ٿو. اهو جڏهن ميدانِ رزم ۾ پير پائي ٿو ته دل جا سمورا وسوسا ۽ خوف ختم ڪري، جنگجو جھونجھارن، بانڪن بهادرن ۽ ويرن وانگر دشمن سان ويڙاهند ڪري ٿو، هو بيخوف ٿي پنهنجي هٿ مان ڍالَ اڇلي، تکي ترار سان دشمن تي وارُ ڪري کيس ماري مات ڏي ٿو.

سُورِهَه! مَرِين سوڀَ کي، ته دِلِ جا وَھمَ وِسارِ؛
ھَـڻُ ڀـالا، وِڙِ
ههُ ڀاڪُرين، آڏِي ڍالَ مَ ڍارِ؛
مَٿان تيغَ تَرارِ، مارِ ته مَتارو ٿِـئين.

(ڪيڏارو، د 5)

         شاهه لطيف جي مثالي انسان ۾ انيڪ گُڻ موجود آهن. اهڙا گُڻ جيڪي رڳو ڪنهن آدرشي انسان ۾ ئي موجود هوندا آهن. ڀٽائي چوي ٿو:

چَڱنِ ساڻُ چَڱائِيُون، ايئن سَڀَڪو هوءِ،

تو جيئن ڪَري نه ڪوءِ، بُڇَنِ ساڻُ ڀَلائِيون.

(سريراڳ، د 4)

         اهو ”تو“ اصل ۾ اهو ’مثالي انسان‘ آهي، جيڪو ٻين کان مختلف ۽ نمايان آهي. جيڪو بڇڙن سان به ڀلايون ڪري ٿو. مان سمجھان ٿو ته اهو ڪنهن به انسان جي اخلاق جو معراج آهي. لطيف سائين ڪنهن به اعلا ۽ ’مثالي انسان‘ جي پرک جو معيار هن طرح ٻڌائي ٿو:

چَڱا ڪَنِ چَڱائِيُون مَٺائِيون مَٺَنِ،

جو وَڙُ جُڙي جَنِ سين، سو وَڙُ سيِئي ڪَنِ.

(سريراڳ، د 4)

         اهو ئي هڪ ڪارگر اصول آهي، جنهن سان چڱن ۽ مَٺن کي سڃاڻي سگھجي ٿو. ڀٽائي چوي ٿو ته آدرشي انسان اهو آهي، جيڪو ’سچ‘ کي سُڃاڻي ٿو. اهڙي ماڻهو کي لطيف ’پارس جو پارکو‘ ڄاڻائي ٿو.

جي نَه سُڃاڻَنِ سَچَ کي، ويهُه مَ تِنِي وَٽِ،

اَمُلهه کي اَڌَ ڪَري، پاڻان هَڻَندا پَٽِ،

وَڃِي مُهرَ تِنِي وَٽِ مَٽ، جي پارَکُو پارِسَ جا.

(سريراڳ، د 4)

جن وٽ سچ جي سڃاڻپ نه هوندي آهي، اُهي اڻڄاڻ املهه کي به اڌو اڌ ڪري ڇڏيندا آهن. هونءَ املهه جي لفظي معنى ته ”بي بها“ آهي پر ”سُر سريراڳ“ ۾ شاهه سائين انهن سچن موتين کي املهه ڪوٺيو آهي، جيڪي سمنڊ جي پاتال مان ملندا آهن. اُهي ”املهه“ اصل ۾ سچ جي علامت آهن. ان آفاقي سچ جي سڃاڻ هر ڪنهن کي نه هوندي آهي، اهڙا ڪي خاص ماڻهو هوندا آهن، ۽ اهڙن ئي ماڻهن مان شاهه جو مثالي انسان جنم وٺي ٿو.

شاهه لطيف جي تخليق ڪيل ’مثالي انسان‘ ۾ موت کي مات ڏيڻ جي سگھ موجود آهي:

مَرَڻان اَڳي جي مُئا، سي مَرِي ٿِيَنِ نه ماتُ.
ھوندا سي حَياتُ، جِئَڻان اَڳي جي جِئا.

(سُر معذروي، د 4)

يا

مَرِي، جِيُ؛ ته ماڻـئِين، جانِبَ جو جَمالُ؛
ٿِئين ھُوندَ حَلالُ، جي پَندِ اِھائِي پارِئين.

(سُر معذروي، د 4)

       مرڻ کان اڳ موت جي لذت محسوس ڪرڻ ۽ جنم کان اڳ جيئڻ جو مزو ماڻڻ ڪنهن معمولي ماڻهوءَ جو ڪم ناهي. اهڙو ماڻهو امرتا جي اتاهين منزل ماڻي وٺندو آهي. لطيف جو آدرشي انسان امر آهي، جيڪو موت ۽ حيات جي سرحدن جو پابند ناهي، ڀٽائي ان کي جيئڻ جو هڪ اهڙو اصول ٻڌائي ڇڏيو آهي، جنهن سان ماڻهو امرتا حاصل ڪري سگھي ٿو. ڀٽائي چوي ٿو ته:

جان جِئَين تان جَلُ، ڪانهي جاءِ جَلَڻَ ري ؛
تَتِيءَ ٿَڌِيءَ هَلُ، ڪانهي ويلَ وِهَڻَ جي.

(سُر حسيني، د 5)

ڀٽائي جو آئيڊيل ماڻهو جيون جو هر پل جلندو رهي ٿو ۽ هلندو رهي ٿو. اهو ”جلڻ“ ۽ ”هلڻ“ تحرڪ جون نشانيون آهن ۽ تحرڪ ئي زندگيءَ جو اهڃاڻ آهي. شاهه جو مثالي انسان سندس ئي ڏسيل ڏَسَ جي گَسَ تي هلي ٿو:

نهائينءَ کان نينهن، سِکُ، منهنجا سُپرين

سَڙي سارو ڏينهن، ٻهر ٻاڦ نه نڪري.

(سُر رپَ، د 2)

شاهه لطيف جتي خودي ۽ پاڻ پڻي کي ناپسند ڪيو آهي اُتي وٽس خود شناسي ۽ خود آگاهي جو فلسفو پڻ ملي ٿو. تصوف جي فڪر ۾ ”پاڻ سڃاڻڻ“ جي وڏي اهميت آهي. اهو ”خودي“ جو فلسفو جنهن کي سچل سائين مستي ۽ بيباڪي، جوش ۽ جلال جي رنگ ۾ رچي ”انا الحق“ جي صدا ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. اها ئي خودي ۽ خود شناسي ڀٽائي وٽ جمال جو ويس اوڍي اچي ٿي.

"مُون" مُونهِين ۾ سَپَجي، مُون کي "مُون" جُڳاءِ،
مُونهين مَنجھان "مُون" ٿِئي
، مُونهين جي ساڃاءِ،
ڪُڇَڻ ڪانهي جاءِ، ڪيڏانهن ڪريان پنڌڙو.

(سُر سارنگ، د 4)

خودي جي اها منزل انسان ۾ خود اعتمادي پيدا ڪري ٿي. شاهه سائين جي آئيڊيل انسان کي پنهنجي عظمت جي ساڃاهه آهي، پر هو سڀ ڪجھ سمجھي به ڪجھ نه ٿو ڪُڇي، اهو ڪجھ نه ڪُڇي به سڀ ڪجھ ڪڇڻ وارو فلسفو ڀٽائي جي سڄي شاعريءَ ۾ موجود آهي.

نتيجو

هن مطالعي مان اهو نتيجو سامهون اچي ٿو ته شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ ”مثالي انسان“ جو تصور هڪ مرڪزي فڪري حيثيت رکي ٿو. شاهه جي مختلف سُرن، داستانن، علامتن ۽ ڪردارن جو گهرو مطالعو ٻڌائي ٿو ته سندس شاعري رڳو عشق، تصوف يا لوڪ داستانن جي بيان تائين محدود ناهي، پر اها هڪ اهڙي اعلى انساني شخصيت جي تعمير پڻ ڪري ٿي، جيڪا زندگيءَ جي اعلى اخلاقي، روحاني، سماجي ۽ فڪري قدرن جي نمائندگي ڪري ٿي.

شاهه جو مثالي انسان عشق جي راهه جو مسافر، سچ جو پارکو، ظلم خلاف مزاحمت ڪندڙ، قرباني لاءِ تيار، انسان دوست، بي لوث، خود شناس ۽ باعمل انسان آهي. اهو انسان روايتن جو انڌو پوئلڳ نه پر پنهنجي فڪر ۽ بصيرت جي بنياد تي زندگيءَ جو رستو چونڊيندڙ آهي. اهو سور کي سرور ۾ بدلائي ٿو، مصيبتن کي پنهنجي تربيت جو ذريعو بڻائي ٿو ۽ ذاتي مفاد کان مٿانهون ٿي اجتماعي ڀلائيءَ بابت سوچي ٿو.

هن تحقيق مان اهو پڻ واضح ٿئي ٿو ته شاهه لطيف جو مثالي انسان ڪنهن مخصوص مذهبي، نسلي، صنفي يا طبقاتي سڃاڻپ جو پابند ناهي. اهو هڪ آفاقي ۽ همه گير انساني تصور آهي، جنهن ۾ مختلف مذهبي ۽ فڪري روايتن جا اعلى انساني قدر جذب ٿيل آهن. ان لحاظ کان شاهه جو مثالي انسان نطشي جي فوق البشر، برگسان جي انسانِ ڪامل ۽ اقبال جي مردِ مومن کان وڌيڪ وسيع ۽ انسانيت آميز تصور طور سامهون اچي ٿو.

مختصر طور چئجي ته شاهه لطيف جي شاعريءَ جو بنيادي مقصد رڳو حسنِ بيان يا روحاني واردات جو اظهار نه، پر هڪ اهڙي انسان جي تخليق آهي، جيڪو پنهنجي ڪردار، عمل، فڪر ۽ اخلاق جي ذريعي انسانيت جي اعلى منزلن تائين پهچي سگهي. شاهه جو اهو مثالي انسان اڄ به انساني سماج لاءِ هڪ روشن فڪري ۽ اخلاقي ماڊل جي حيثيت رکي ٿو.

 

حوالا

 

1.      دانش احسان ڊاڪٽر، ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ درد جو فلسفو“ پيڪاڪ پبلشرس ڪراچي، 2021، ص 37

2.      چانڊيو جامي ”ادب، سياست ۽ سنڌي سماج“ سي پي سي ايس، 2008ع، ص 71

3.      قاضي سجاد حسين مولانا ”ديوانِ حافظ“ اسلامي کتب خانه لاهور، ص 412

4.      ميمڻ فضل الرحمان ”شاهه جو فڪر ۽ فلسفو“ (مقالو ”پيهي جان پاڻ ۾“ غلام محمد موالانا گرامي) سنڌيڪا اڪيڊمي، 2017، ص 122

5.      دانش احسان ڊاڪٽر، ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ درد جو فلسفو“ پيڪاڪ پبلشرس ڪراچي، 2021، ص 109

6.      فھميده حسين ڊاڪٽر ”شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ“ شاھ لطيف ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز ڀٽ شاھ 1993ع، ص 240

 

(هن مقالي ۾ شاهه جا بيت غلام محمد شاهواڻي واري مرتب ڪيل ”شاهه جو رسالو“ مان اخذ ڪيا ويا آهن.)


No comments:

Post a Comment