فقير نظير لغاري
لطيف لڄپال ۽ اسان جون لاپرواهيون
سُونهاري
سنڌ جي سُورهيه سپوت ۽ ”لدني علم“ جي روشن مُناري صوفي اولياءالله ۽ آفاقي شاعر شاهه
عبداللطيف ڀٽائيءَ کي فقيري رندي رمز سندس وڏڙن کان مليل هُئي. وقت جا
وڏا وڏا مذهبي اسڪالر ۽ شريعت جا صاحب پڻ ڀٽائي سائينءَ کي جتي انساني
اصلاح ۽ فلاح لاءِ آخري آسماني ڪتاب قرآن مجيد جو عرق نوش ڪيل هو، اُتي
شاهه عبدالڪريم بُلڙيءَ واري جو فڪر، پيغام ۽ ڪلام ورثي ۾ مليل هو، جڏهن
ته لطيف گهوٽ وٽ مولانا روميءَ جي مثنوي به مطالعاتي خيال سان گڏ هُئي.
ڀٽائي سائين هڪ اعليٰ معيار جي منظوم مصور هُئڻ سان گڏ انساني حقن، آزادين ۽
احترام جي پڻ کُليل ڳالهه ڪئي آهي. فرقيپرست مذهبي تنگ نظري، ”مان“ ۽
”آڪڙ“ کي رد ڪيو اٿس. روزي ۽ نماز کي چڱو عمل قرار ڏيندي اهو ڪو ٻيو ”فهم“
ڏَسيو اٿس جيڪو پرينءَ کي پسائي. ان اعليٰ فهمي ادراڪ جي منزل ۽ مرتبت
ڪهڙي ٿي سگهي ٿي؟ غالبن ٽن صدين کان عالم، فاضل، علمي اڪابر پنهنجي پنهنجي
علمي گنجائش ۽ ماپي آهر پنهنجي اهليت جو مظاهرو ۽ تشريح ڪندا آيا آهن.
تاريخي حوالا ۽ سينه بَسينه عِلمي تسلسل مان به چڱيءَ طرح پروُڙ پوي ٿي ته
شاهه لطيف دين اسلامَ ۾ انسان کي ڏنل آزادين جو کليل ۽ بي ڊپي انداز ۾
اظهار ڪيو آهي، پر ”ڪُجهه“ مذهبي اڪابرن ۽ اسڪالرن (تڏهوڪن توڙي اڄوڪن) آفاقي صُوفي درويش
ڀٽائيءَ جي ڪلام کي سمجهڻ، روح جي نظر سان ڏسڻ بدران شاعريءَ جي ڪن حصن کي ڪُفر
جي دائري ۾ هجڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، جيڪا حقيقت بدران چِٽي تنگ نظري ۽ هڪ
آفاقي صُوفيءَ جي ڪلام ۽ سندس ”لدني علم“ کي نه سمجهڻ جي شاهدي آهي. جيڪو
عالم فاضل شاهه لطيف کي ڪُفر جي دائري ۾ بيهاري اهو پاڻ ڇا هوندو؟ دين ۾
جيڪي قاعدا ۽ ضابطا طئه ڪيل آهن، انهن موجب رهڻي ڪهڻي ئي اصل صراط مستقيم
يا سڌي راهه آهي، جنهن سان پرينءَ کي پسي سگهجي ٿو. شاهه لطيف کي هڪ صُوفي
خيال سمجهي سگهي ٿو ٻيو ساڻس سچو عشق ڪرڻ وارو، باقي اکرن جي آڙ وٺندڙ ۽
هڪ دم ۾ شاهه جا پنج ڏهه بيت پڙهڻ وارو تڪڙ ۾ لطيف سائينءَ جي فڪر کي پروڙي
نه سگهندو. پاڻ فرمائي ٿو ته:
اکر پڙهه الف جو، ورق سڀ وسار،
اندر تون اُجار، پنا پڙهندين ڪيترا