ڊاڪٽر احسان دانش
شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ هڪ اهم سماجي قدر
سُجاڳي
قدرن جو تعلق انسان جي ذاتي عمل، احساس ۽ اخلاق سان به آهي ته سماجي ۽ ثقافتي
سرگرمين، ريتن، رسمن ۽ رواجن سان پڻ. ڪجھ قدرَ مذهب، عقيدي، تهذيب ۽ تمدن جي دائري
۾ اچن ٿا ته ڪي وري ادب ۽ اخلاق جو احاطو ڪن ٿا. مجموعي طور سمورن قدرن جو تعلق
فردَ سان ئي هوندو آهي. انهن قدرن ۾ انسان جي سوچ، فڪر، عمل، جذبو، احساس، تصور،
تخيل، خواهش وغيره شامل آهن. ”سماج پنهنجي سماجي قدرن جي
پاسباني ان ڪري ڪندو آهي جو سماج جي بقا جو دارو مدار گھڻي حد تائين انهن ئي قدرن
جي تحفظ تي هوندو آهي.“(1) ان ۾
ڪو شڪ نه آهي ته هڪ شاعر جنهن سماج ۾ پيدا ٿئي ٿو، ان سماج ۾ مروج قدرن کان ضرور
متاثر ٿئي ٿو پر هو پنهنجي سوسائٽي جي خراب قدرن کي وڏي واڪي خراب چوي ٿو ۽ انهن
کي اکيون ٻوٽي قبول نه ٿو ڪري، نه رڳو ايترو پر هو پنهنجي سماج جي اعلى قدرن کي
ٽٽندو ۽ ڀرندو ڏسي انهن کي نئين سر جيئارڻ جا جتن به ڪندو آهي. تنهن ڪري شيلي (Shelley) بلڪل صحيح چيو آهي ته ”شاعري
هڪ اهڙو آئينو آهي، جيڪو مسخ ٿيل شين ۾ نئين سر حسن پيدا ڪندو آهي.“ (2) شاعر جي انهي تخليقي قوت سبب ڪنهن به سماج ۾ پنهنجي
وڃايل قدرن کي نئين سِر ڳولڻ جي آرزو پيدا ٿيندي آهي. پر جڏهن اسين عالمي قدرن جي ڳالھه ڪندا سين ته هڪ شاعر کي پنهنجي سماج ۾ مروج قدرن
کان مٿاهون ٿي سوچڻو پوندو. شيلي (Shelley) پنهنجي
مضمون Defence of Poetry ۾ صحيح لکيو
آهي ته ”هڪ شاعر لاءِ اهو واجب ناهي ته هو پنهنجا ذاتي تصور نيڪي ۽ بدي کي، جيڪي
عام طور سندس ملڪ ۽ زماني جا تصور هوندا آهن، پنهنجين تخليقن ۾ سمائي ڇڏي، ڇو ته
سندس تخليقون سندس ملڪ ۽ زماني کان ماورا هونديون آهن.“ (3) يعني شاعر پنهنجي شاعريءَ ۾ پنهنجا تصور مڙهڻ بدران
اهڙو خيال پيش ڪري جيڪو سڀني کي پنهنجو لڳي ۽ زمان ۽ مڪان جي حدن کي اورانڱي سگھڻ
جي سگھ رکندو هجي ۽ اهڙن سماجي قدرن کي
پنهنجي شاعريءَ جو حاصل بڻائي جن کي سڄي دنيا اهميت جي نگاھ سان ڏسندي هجي. ان حوالي سان اسان کي سنڌي زبان ۾ جيڪي شاعر نظر
اچن ٿا انهن ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو مقام سڀني کان مٿاهون آهي.
ڀٽائي پنهنجي شاعريءَ ۾ اعلى
مثبت سماجي قدرن کي جيئارڻ جا جتن ڪيا آهن ۽ منفي سماجي قدرن کي ننديو آهي. هن
پنهنجي شاعريءَ لاءِ جيڪي داستان چونڊيا آهن، سي سمورا سنڌي سماج سان تعلق رکن ٿا،
انهن داستانن جا ڪي ڪردار هيڻا آهن ته ڪي سگهارا ۽ انهن سمورن ڪردارن وسيلي شاھ
سائين طبقاتي نظام توڙي سماجي ۽ اخلاقي قدرن کي واضح ڪيو آهي.
سُجاڳي هڪ مثبت سماجي قدر آهي. جن سماجن ۾ اهو قدر رائج
هوندو آهي انهن تي ڪي ڌاريون ۽ غاصب قومون حمله آور ۽ حاوي ٿي نه سگھنديون آهن.
بيدار قوم هميشه دشمن جي وارَ کان بچيل رهندي آهي. ان سُجاڳي ۽ بيداري سبب سماج ۾
شعور جون ڏياٽيون روشن ٿينديون آهن. غفلت، سستي ۽ ڪاهلي سماج کي اڏوهي وانگر
انداران ئي اندران کائي کوکلو ڪري ڇڏيندي آهي ۽ بيداري، حوصلي ۽ ولولي جو نالو
آهي. سماجي تبديليءَ لاءِ سُجاڳي هڪ اهم قدر آهي.
ڀٽائي جي شاعري ان اعلى قدر سان ڀريل آهي. شاهه سائين پنهنجي رسالي جي ڪيترن ئي
سُرن ۾ ان قدر کي ڪٿي انفرادي طور ته ڪٿي وري اجتماعي حوالي سان اجاگر ڪيو آهي.
شاهه پنهنجي دور جي سماجي حالتن کي ڏسندي ان قدر کي پنهنجي شاعريءَ ۾ اڀاريو آهي.
اهو ستل قوم کي ڌونڌاڙي اٿارڻ جو وقت هيو، نڀاڳي ننڊ کي نيڻن مان اکيڙڻ جي ويل هئي
۽ سستي ۽ ڪاهلي کي پاڙان پٽڻ جا پل هيا. اهي غفلت جو گھيرو ٽوڙڻ جا لمحا هيا. تنهن
ڪري لطيف پنهنجي سڄي رسالي ۾ سجاڳي ۽ بيداري جو درس ڏئي ٿو. اهوئي درس ۽ اهو ئي
پيغام ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جي سماجي ڪارج کي ظاهر ڪري ٿو. ”لطيف ستلن کي جھنجھوڙي
جاڳائي ٿو ۽ ڪانئرن، سُستن، ٿڪلن ۽ ننڊ ــ نهوڙيلن کي ڌونڌاڙي اٿاري ٿو. کين
پنهنجي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ اتساهي ٿو ۽ منزل ماڻڻ لاءِ مسلسل محنت ۽ جدوجهد کي
جاري رکڻ جو تاڪيد ٿو ڪري، جنهن ۾ رتيءَ ماتر به غفلت برداشت نٿو ڪري.“ (4) ”شاهه لطيف وٽ
سُجاڳيءَ جو وڏو درجو آهي. سماجي تبديلين آڻڻ ۽ تاريخ کي اڳتي وڌائڻ جو پهريون
ڏاڪو سُجاڳي آهي. شاهه لطيف فقط انهن کي ئي دوست ٿو سمجھي، جيڪي جوانيءَ جون
راتيون به جاڳي گذارين ٿا.“ (5) سجاڳي جي سنيهي جي حوالي سان شاهه جو سُر سريراڳ، سُر ڪوهياري، سُر کاهوڙي، سُر رامڪلي ۽ سُر ڏهر
خاص اهميت جا حامل آهن.
سُر سريراڳ شاهه جو
پاڻيءَ وارو سُر آهي، جنهن ۾ سمنڊ ۽ سامونڊي سفر جا احوال آهن. وڻجارن جي مصيبتن جو مذڪور
آهي. ڀٽائي هن سُرَ جي پس منظر ۾ سماج جي ان طبقي کي بيدار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي،
جيڪو پنهنجي مٿان سُستي ۽ ڪاهليءَ جي چادر تاڻي پنهنجي آس پاس جي سمورن خطرن کان بي خبر بڻجي
سُتو پيو آهي. اهو طبقو يا ته ڊنل آهي يا وري ڪمزور. اهڙا ڪاهل ۽ ڪمزور انسان سماج
جي خرابين کي ختم نه ٿا ڪري سگھن.