اياز عالم ابڙو
گنج
لطيف جا
شاهه جي راڳائي ۽ رسالي جي
حافظ، تمر فقير جي لکيل گنج بابت ڪيترن ئي ماخدن ۾ حوالا ملن ٿا. ان حوالي سان ان
گنج بابت علامه دائود پوٽو مرحوم لکي ٿو، ”تمر فقير وارو ”گنج“ اڏيري لعل جي
ساداتن وٽ سالن جا سال محفوظ رهيو. خود سيد گل محمد شاهه جي قضيي تائين هٿيڪو هو،
پر پوءِ پونئيرن جي غفلت سبب اُڏوهيءَ جو کاڄ ٿي ويو. سيد محمد صالح شاهه
اُڏيرائيءَ جي معرفت، پڇا ڪئي وئي پر پتو ڪونه پيو. مولانا دين محمد وفائي، مرحوم
تمر واري گنج بابت ڄاڻايو ته: تمر واري نسخي تان سُرن جي ترتيب موجب ٻه نسخا تيار
ڪرايا ويا، جن مان هڪ ڀٽائيءَ جي درگاهه تي رهيو ۽ ٻيو درگاهه ڪريميءَ تي رکيو
ويو، جنهن کي بُلڙيءَ وارو نسخو به چون ٿا.
شاهه جي ڪلام جو کاهوڙي
(مرحوم) فقير امداد سرائي، لکي ٿو ته،
”شاهه سائينءَ جا ڪئين قلمي رسالا ۽ گنج ميسر ٻڌجن ٿا، پر انهن ۾ سڀ کان مستند
قلمي رسالو يا گنج اهو ليکبو، جنهن جي تحريري صحت ۽ ترتيب، صحيح ۽ سالم هجي. اصل
گنج (جيڪو تمر فقير جو لکيل آهي) سو هندوستان ۾ آهي. سنڌ ۾ جيڪي به گنج آهن، انهن
مان سڀ کان ڀلوڙ گنج ڪريم پوٽن وٽ سانڍيل آهي. (جيڪو حالانڪه مڪمل ناهي پر صحت ۾
مَلوڪ آهي) فقير امداد سِرائيءَ جي ان راءِ بابت رسالي جي کاهوڙي ۽ محقق ڀُٽي سليم
لطيفيءَ جو چوڻ آهي ته: ”لطيف سائينءَ جي وصال کانپوءِ تمر فقير هندوستان جي گجرات
واري علائقي ۾ رهائش اختيار ڪئي. جنهن اتي ”شاهه جو گنج“ سهيڙي لکيو، جنهن جي
کوجنا ۾ هتان (سنڌ مان) فقير امداد سرائي ٻه ڀيرا پاڻ سان گڏ فقير رمضان جتَ، حاجي
خميسي چانڊئي ۽ فقير جمن مڱڻهار کي ساڻ وٺي هندوستان ويو....“