الطاف اثيم
ڀٽائيءَ جو مشاهدو ۽ ”پرين پسڻ“ وارو فهم
سنڌ جي عظيم سدا حيات صوفي
شاعر ۽ دانشور شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ چيو هو ته، ”پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي، ڪيا آگم
اکڙين“. سيني ۾ سڄڻن لاءِ سِڪ سوائي ٿي ويس ته سندس نماڻا نيڻ ڀرجي آيا پر وصل
سندس وس ۾ نه هو، تنهنڪري پاڻ کي سمجهائيندي چيو هئاسين ته، ”اهو ڪو ٻيو فهم، جنهن
سان پسجي پرينءَ کي“. سو جانب جو جمال پسڻ خاطر پنهنجي شعور جو شهباز لامڪاني
اڏائيندو رهيو. هڪ ڏينهن کيس اندر مان آواز آيو ته، ”پهرئين وڃائڻ پاڻ، پسڻ پوءِ
پرينءَ جو.“ نفيس جذبن ۽ ڪومل دل جي مالڪ مها ڪوي پنهنجي حياتيءَ جا سڄا سارا ۶۳ سال انهيءَ ڳُجهه جي ڳولا ۾ ٿر، بر، بحر، واهڻ وستيون، جهنگ ۽ جبل
جهاڳيندو، قدرت جي ڪارسازيءَ کي باريڪ نگاهن سان نهاريندو ۽ مشاهدو ماڻيندو رهيو ۽
ان نتيجي تي رسيو ته:
آگم اِيءُ نه انگ، جهڙو پسڻ پرينءَ جو،
سيڻن رَيءَ سيد چئي، روح نه رچن رنگ.