ماهتاب منور عباسي
ڀٽائي ــ نفسيات جو ماهر
ڀٽائي (رح) کي ماهر نفسيات بيان ڪرڻ کان اڳ اهو سمجهائڻ ضروري آهي ته نفسيات چئبو ڇاکي آهي؟ ”انسان جو خودپسنديءَ ۽ خودنمائيءَ جو شڪار ٿيڻ، پنهنجو پاڻ کي گهٽ ۽ وڌ سمجهڻ. انسان جي فطري خواهش ته هو ڪنهن کي چاهي ۽ ڪو هن کي چاهي. عشق جو مسئلو، ان جي ابتدا ۽ عشق ۾ فراق ۽ وصال ٻئي لازم ۽ ملزم شيون آهن. انسان جو وحشي ۽ ساڳئي وقت نرم دل ٿيڻ. نفرت ۽ پيار جو مادو. نفسيات انسان جي زندگيءَ جي هر موڙ ۽ ساهه جي هر حرڪت ۾ نمايان ٿيڻ. عورتن ۽ مردن جا هڪ ٻئي سان لاڳاپا. همدردي ۽ پيار جو شديد احساس. اهي سڀ نفسيات جا مظهر آهن، نفسيات ڇا آهي؟ ان جا سڀئي ۽ هر هڪ مظهر نه سمجهي سگهبا آهن ۽ نه سمجهايا ويندا آهن، پر انهن جو احساس هر انسان جي دل جي هر حرڪت ۽ ڌڙڪڻ ۾ موجود هوندو آهي.
عمر مارئيءَ جي داستان ۾ ايترو غم ۽ ايترو اثر ڇو آهي؟ مومل. راڻي جي عشق ۾ ڇو اڙجي پئي؟ سسئي ۽ پنهون ڇو هڪ ٻئي سان ساري زندگي گذارڻ جو قسم کاڌو؟ ڄام تماچي ڇو صرف نوريءَ تي ئي ايترو مهربان ٿيو؟ سسئي پنهون، عمر مارئي، مومل راڻو، نوري ڄام تماچي، سهڻي ميهار ۽ ليلا چنيسر جا ڪردار ڇو شاه صاحب چونڊيا؟ جيڪڏهن مٿين سوالن تي گهڙي کن غور ڪيو ويندو ته هر باشعور انسان کي هڪڙو ئي جواب ملندو ۽ اهو صرف هيءُ ته (ڀٽائي رح) شاعر هجڻ سان گڏ و گڏ هڪ ماهر نفسيات به هو.
ڀٽائي (رح) جي هر شعر ۾ حقيقت جو ائين ته رنگ ڀريل آهي جو ٻڌندڙ ۽ پڙهندڙ هر شعر ۾ پنهنجي دل جو آواز صاف طرح ٻڌي ۽ محسوس ڪري سگهي ٿو. ڀٽائي (رح) پنهنجي ڪلام ۾ انساني زندگيءَ جي هر موڙ تي ان خاص سماج جي، جنهن جي هر پيداوار ترجماني ڪئي آهي.
هر هڪ شاعر، مفڪر ۽ اديب ان سماج ۾ رهندڙ انسانن جي جذبات ۽ احساسات جي ترجماني ۽ عڪاسي ڪري ٿو ۽ جيڪي ڪي هو لکي ٿو يا چوي ٿو ان متعلق ان کي موضوع به ان سماج مان چونڊڻا ٿا پون ۽ ان کي موضوع ايستائين نه ملي سگهندا، جيستائين هو نفسياتي طور انسانن جي مجموعي حرڪتن ۽ احساسن جي پرک نه لهندو هجي.
ڀٽائي (رح) به پنهنجي وقت جي، جن موضوعن کي مختلف ڪردارن جي رنگ ۾ پيش ڪيو آهي، اهي بلڪل نفسياتي آهن، جنهن معنيٰ ۽ حالتن ۾ سنڌ جي واديءَ جي عوام جي ترجماني ڪئي آهي. دنيا جي مشهور ماهر – نفسيات ”ينگ“ جو مقولو آهي ته ”ماهر نفسيات“ لاءِ اهو ضروري آهي ته هو عوام جي فطرت جو ترجمان هجي ۽ انهيءَ لاءِ اهو به ضروري آهي ته هن جي پرورش اهڙي ماحول ۾ ٿي هجي، جنهن سان هن جي زندگيءَ جو هڪ وڏو حصو عام ماڻهن جي صحبت ۾ گذريو هجي“. انهي نظريه کي سامهون رکندي جڏهين اسين ڀٽائيءَ جي ڪلام ڏانهن نظر ورايون ٿا ته اسانکي اهو محسوس ٿئي ٿو ته ڀٽائي (رح) عام ماڻهن جي جذبات ۽ فطرت جي جيڪا ترجماني ڪئي آهي؛ تنهن مان صاف ظاهر آهي ته هو هڪ عوامي شاعر کان علاوه ماهر نفسيات به هو. اها ڳالهه ڀٽائي جي ڪلام ۾ چٽيءَ طرح سان واضح ٿيل آهي ته ڀٽائي (رح) عشق ۽ محبت جي هرهڪ ۽ سڀني داستانن ۾ ”پيار سان ڪنهن به رشتي کي منسلڪ ڪونه ڪيو آهي،“ ڇاڪاڻ ته ان جي خيال موجب ”پيار ۽ محبت سان ڪنهن به رشتي جو تعلق پيدا ڪرڻ خود پيار جي توهين ڪرڻي آهي.“