محمد ابراهيم جويو
شاهه لطيف: سنڌ جو روح ــ سنڌ جو ساهه!
هونءَ ته هر
ماڻهو پنهنجي وطن سان ۽ ان جي هر ڪنهن شيءِ سان اٿاهه محبت ڪندو آهي. ائين شاعر به
ماڻهو آهي، جيڪو ماڻهن وچ ۾ ئي رهي ٿو ۽ ٻين وانگي هو پڻ پنهنجي
وطن سان ۽ ان
جي هر شيءِ، اهڃاڻ، نشان توڻي لقاءَ سان اڻ مئي محبت ڪري ٿو. ان هوندي به، هڪ عام
ماڻهوءَ ۽ هڪ شاعر ۾ فرق ضرور هوندو آهي. شاعر کي پنهنجيءَ حب الوطنيءَ
جي بنهه سهڻي،
اثرائتي ۽ من موهيندڙ انداز
۾ اظهار ڪرڻ جي سگهه مليل آهي، جنهن کي شاعراڻي ڏات چئبو آهي. گهڻي ڀاڱي دنيا
جا وڏا شاعر پنهنجي وطن سان پنهنجي حب ۽ اُنس جو اظهار ڪندا آيا آهن. دنيا
جي عظيم شاعرن منجهان ڪو به هڪڙو اهڙو ناهي، جنهن پنهنجي وطن جي وڏائيءَ
۽ عظمت جا گيت نه ڳايا هجن ۽ ان کي پنهنجو شاعراڻو خراج تحسين پيش نه ڪيو
هجي. لطيف به انهن شاعرن منجهان هڪ آهي، هن پنهنجي ديس کي نهايت
نماڻي، نهٺي ۽ لطيف انداز ۾ خراج تحسين پيش ڪيو آهي:
سائينم سدائين ڪرين، مٿي سنڌ سُڪارَ،
دوست مٺا دلدارَ، عالمَ سڀ آباد ڪرين!



