شاهه جو رسالو

Monday, 27 October 2014

شاهه لطيف: سنڌ جو روح ــ سنڌ جو ساهه! - محمد ابراهيم جويو (Muhammad Ibrahib Joyo)



محمد ابراهيم جويو
 
شاهه لطيف: سنڌ جو روح ــ سنڌ جو ساهه!
هونءَ ته هر ماڻهو پنهنجي وطن سان ۽ ان جي هر ڪنهن شيءِ سان اٿاهه محبت ڪندو آهي. ائين شاعر به ماڻهو آهي، جيڪو ماڻهن وچ ۾ ئي رهي ٿو ۽ ٻين وانگي هو پڻ پنهنجي وطن سان ۽ ان جي هر شيءِ، اهڃاڻ، نشان توڻي لقاءَ سان اڻ مئي محبت ڪري ٿو. ان هوندي به، هڪ عام ماڻهوءَ ۽ هڪ شاعر ۾ فرق ضرور هوندو آهي. شاعر کي پنهنجيءَ حب الوطنيءَ جي بنهه سهڻي، اثرائتي ۽ من موهيندڙ انداز ۾ اظهار ڪرڻ جي سگهه مليل آهي، جنهن کي شاعراڻي ڏات چئبو آهي. گهڻي ڀاڱي دنيا جا وڏا شاعر پنهنجي وطن سان پنهنجي حب ۽ اُنس جو اظهار ڪندا آيا آهن. دنيا جي عظيم شاعرن منجهان ڪو به هڪڙو اهڙو ناهي، جنهن پنهنجي وطن جي وڏائيءَ ۽ عظمت جا گيت نه ڳايا هجن ۽ ان کي پنهنجو شاعراڻو خراج تحسين پيش نه ڪيو هجي. لطيف به انهن شاعرن منجهان هڪ آهي، هن پنهنجي ديس کي نهايت نماڻي، نهٺي ۽ لطيف انداز ۾ خراج تحسين پيش ڪيو آهي:
سائينم سدائين ڪرين، مٿي سنڌ سُڪارَ،
دوست مٺا دلدارَ، عالمَ سڀ آباد ڪرين!

Sunday, 26 October 2014

افلاطون جو فلسفو ۽ شاهه لطيف جي شاعري ــ حسين ڪپري (Hussain Kapri)



حسين ڪپري

       افلاطون جو فلسفو ۽ شاهه لطيف جي شاعري



شاهه لطيف جو رسالو پڙهو يا افلاطون جا ڊائلاگ!  حيرتن  جو هڪ جهان آهي جنهن  ۾ پڙهندڙ وڃائجو وڃي.   لطيف  فلسفي کان گريزان آهي ۽  افلاطون  شاعري جي مخالفت ڪري ٿو! فلاسافي جي معنيٰ آهي ڏاهپ سان پيار  ۽ لطيف چوي ٿو” الا ڏاهي مَ ٿيان!“ يعني هو   فلاسافي کان پاسو ڏيئي پري مٽي وڃڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. مگر تڏهن به افلاطون جي  فلسفي ۾ جيڪا شاعري آهي ۽ لطيف جي شاعريءَ ۾ جيڪو فلسفو آهي، سو لِڪائي نٿو لِڪي. حقيقت اها آهي ته  ٻنهي جي  انهن کان سواءِ سري به نٿي! هي محبت-نفرت  وارو تعلق  اصل ۾ ٻنهي اعليٰ دماغن جي شاعري ۽ فلسفي سان  پيار جي ڪهاڻي آهي!
سندن شخصيتن ۾ زبردست تضاد هو. افلاطون جيڪو شروع ۾ شاعر ٿيڻ آيو هو، سو ويهن سالن جي ڄمار ۾ پنهنجي استاد سقراط جي اثر هيٺ اچي شاعريءَ جو مخالف بنجي ويو ۽ پنهنجو اظهار نثر ۾ ڪرڻ لڳو. مگر انهيءَ نثر ۾ جا شاعري آهي، تنهن جي بي مثال خوبصورتي  موهي وجهي ٿي! تقريبن ساڳي ڄمار ۾ لطيف تي به فلسفي جو اثر ٿيو جڏهن  هو جوڳين ۽ سامين سان اچي گڏيو، جيڪي پنهنجي دور جا وڏا فلاسافر هئا. انهن جو اثر   هن تي باقاعده نظر اچي ٿو. هن جيڪا شاعري ڪئي، انهيءَ ۾ فلسفي جو  اڻ لکو رنگ بلڪل ائين محسوس ٿيندو آهي، جيئن سج لهڻ کان ڪجهه لمحا پوءِ رات به هوندي آهي ۽ ڏينهن به!  جيئن ٻنهي وقتن  جو ملڻ ٿئي ٿو، بلڪل ائين لطيف وٽ شاعري ۽ فلسفو به ملن ٿا پر ڪجهه گهڙين لاءِ!

Saturday, 25 October 2014

لطيف ڪلرج، هيمنگوي -- ڊاڪٽر بدرالدين اڄڻ (DR. Badar Ujan)



ڊاڪٽر بدرالدين اڄڻ
لطيف ڪلرج، هيمنگوي
 (سامونڊي فلسفي جا ٽي شاهڪار)



سنڌي ٻولي ۽ علم ادب پنهنجي قدامت، فصاحت، سلاست، جدت ۽ فلسفي جي نقطه نگاهه کان ايترو ئي وسيع ۽ اعلى، اتم ۽ آفاقي آهي، جيترو دنيا جون ٻوليون ۽ انهن جو علم ادب آهي. آفاقي ادب اهو چيو ويندو آهي، جيڪو هر دور ۾ زندهه هجي ۽ ان دور جي حالتن جي ترجماني ڪندو هجي. سنڌي ادب جي حوالي سان اسان شهنشاهه لطيف جي ٻن سُرن، هر هڪ سُر سريراڳ ۽ سامونڊيءَ کي عالمي ادب جي ٻن شاهڪارن هر هڪ : سموئل ٽيلر ڪالرج جي جڳ مشهور نظم ”پوڙهو ملاح (Ancient Mariner)  ۽ ارنيسٽ هيمنگوي جي ناول سمنڊ ۽ پوڙهو ماڻهو Old Man and the Sea جو تقابلي جائزو پيس ڪنداسين ۽ اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته شاهه لطيف جا فقط ٻه سُر انگريزي ادب جي ٻن شاهڪارن کا گھڻو مٿي آهن. فرق صرف اهو آهي ته اهي انگريزيءَ ۾ آهن ۽ تڏهن دنيا ۾ مشهور ٿي ويا آهن. پر اسان جي آفاقي شاعر کي اسان انگريزي ٻوليءَ ۾ نه آندو آهي، تنهنڪري ٻي دنيا وارا ان کان اڻ واقف آهن. 

Thursday, 8 May 2014

Shah Abdul Latif Bhittai -- Poet, Philosopher, Mystic, Saint



Shah Abdul Latif Bhittai

Poet, Philosopher, Mystic, Saint



Shah Abdul Latif Bhittai (also referred to by the honorifics Lakhino Latif, Latif Ghot, Bhittai, and Bhitt Jo Shah) (1689 – 1752) was a Sindhi Sufi scholar, mystic, saint, poet, and musician. He is widely considered to be one of the greatest poets of the Sindhi language. His collected poems were assembled in the compilation Shah Jo Risalo, which exists in numerous versions and has been translated to English, Urdu, and other languages. His work frequently has been compared to that of Rūmī: Seyyed Hossein Nasr, Professor of Islamic studies at George Washington University, described Shah Latif as a “direct emanation Rūmī’s spirituality in the Indian world.”*Ref
He settled in the town of Bhit Shah in Matiari, Pakistan where his shrine is located. The major themes of his poetry include Unity of God, love for Prophet, religious tolerance and humanistic values.
Shah Abdul Latif Bhittai was born in 1689 in Hala Haveli’s village Sui-Qandar located near Hyderabad, Pakistan. Shah Abdul Latif was son of Syed Habibullah and grandson of Syed Abdul Quddus Shah.

Thursday, 1 May 2014

اچو ته ڀٽائيءَ کي دريافت ڪريون -- ثناءُ الله عتيق چنجڻي (Sanaullah Atiq Chinjni)



ثناءُ الله عتيق چنجڻي
اچو ته ڀٽائيءَ کي دريافت ڪريون


سترهين صديءَ عيسويءَ  ۾ ٻاروتڻ جا ڏينهن گهاري ڀٽائيءَ جڏهن ارڙهين صديءَ ۾ سمجھه ۽ شعور جا ڏيئا ٻاريا، تڏهن يورپ فطرتي لقائن ۾ دلچسپي وٺندي اوائلي جديديت ۽ سائنسي انقلاب وارو پيڙهه جو پٿر اڃا مس رکيو هو. مجموعي طور تي يورپ ۾ سجاڳيءَ واري تحريڪ سبب فلاسافي جي موضوعن ۽ سائنسي ڄاڻ جي لاءِ يورپ ۾ ڪشادي جڳهه پيدا ٿي چڪي هئي. ساڳي طرح، اهڙين حالتن اندر سنڌ مغلن جي قبضي هيٺ پنهنجي بقا جي جنگ وڙهي رهي هئي. سنڌ جو قومي ۽ تاريخي تصور ڌُنڌلائجي چڪو هو. سنڌي ٻولي فارسيءَ جي غلبي هيٺ دٻجي چڪي هئي. سنڌ جون مهذب روايتون پنهنجي ڌرتيءَ تي لاوارث بڻجي چڪيون هيون. درٻاري سازشن جو ڄار سنڌ جي صدين جي ورثي کي ڪوريئڙي جيان جڪڙي چڪو هو. مسلسل شورشن ۽ فسادن واري اهڙي دور (1689ع) ۾ سنڌ اندر ترقيءَ ۽ سجاڳيءَ جو تصور هڪ خواب مثل هو، تڏهن  سنڌ کي هڪ اهڙي مدبر جي ضرورت هئي، جيڪو سنڌ جي حالتن کي ترقي ۽ تبديليءَ ڏانهن وٺي اچي.  ڀٽائي اهڙي لافاني ڪردار طور جنم ورتو، جنهن سنڌ جي ابدي ورثي کي غلاميءَ کان نجات ڏياريندي امر ڪري ڇڏيو.