محمد ابراهيم جويو
شاهه لطيف: سنڌ جو روح ــ سنڌ جو ساهه!
هونءَ ته هر
ماڻهو پنهنجي وطن سان ۽ ان جي هر ڪنهن شيءِ سان اٿاهه محبت ڪندو آهي. ائين شاعر به
ماڻهو آهي، جيڪو ماڻهن وچ ۾ ئي رهي ٿو ۽ ٻين وانگي هو پڻ پنهنجي
وطن سان ۽ ان
جي هر شيءِ، اهڃاڻ، نشان توڻي لقاءَ سان اڻ مئي محبت ڪري ٿو. ان هوندي به، هڪ عام
ماڻهوءَ ۽ هڪ شاعر ۾ فرق ضرور هوندو آهي. شاعر کي پنهنجيءَ حب الوطنيءَ
جي بنهه سهڻي،
اثرائتي ۽ من موهيندڙ انداز
۾ اظهار ڪرڻ جي سگهه مليل آهي، جنهن کي شاعراڻي ڏات چئبو آهي. گهڻي ڀاڱي دنيا
جا وڏا شاعر پنهنجي وطن سان پنهنجي حب ۽ اُنس جو اظهار ڪندا آيا آهن. دنيا
جي عظيم شاعرن منجهان ڪو به هڪڙو اهڙو ناهي، جنهن پنهنجي وطن جي وڏائيءَ
۽ عظمت جا گيت نه ڳايا هجن ۽ ان کي پنهنجو شاعراڻو خراج تحسين پيش نه ڪيو
هجي. لطيف به انهن شاعرن منجهان هڪ آهي، هن پنهنجي ديس کي نهايت
نماڻي، نهٺي ۽ لطيف انداز ۾ خراج تحسين پيش ڪيو آهي:
سائينم سدائين ڪرين، مٿي سنڌ سُڪارَ،
دوست مٺا دلدارَ، عالمَ سڀ آباد ڪرين!
”عالم
سڀ آباد ڪرين“ واري تيرنهن
ماترائي پڇاڙ ڪي اَڌُ سٽ ۾ ’عالم’ لفظ ڌيان لهڻي. جي ’عالمَ‘ لفظ- لام
مٿان زبر
ڏيئي پڙهبو ته ان جو مطلب ٿيندو ته: گهڻيون دنيائون، پر جي لام مٿان
پيش ڏيئي ان
کي ’عالمُ‘، پڙهبو ته ان جو
مطلب ٿيندو: هڪ دنيا. جيڪڏهن لفظ ’عالم‘ واحد صيغي ۾ آهي ته
چئبو ته لطيف
پنهنجي وطن کي عالم يعني دنيا ٿو سمجهي، ائين ئي ٻين دنيائن يا عالمن جو ذڪر ٿو
ڪري، جيئن ترڪيءَ جي دنيا، چين جي دنيا، افغانستان جي دنيا ۽ ٻيون دنيائون،
تهڙيءَ ريت سُنڌ جي دنيا، پر جيڪڏهن جمع صيغي ۾ آهي ته به سڄي عالم ۾ پنهنجي وطن
جي ممتاز ۽ منفرد حيثيت کي مڃي ٿو: ”مٿي سنڌ سڪار“. مٿي
لطيف جي هڪ ڊگهي بيت
جون رڳي ٻه مصرعون ڏنيون ويون آهن، جيڪا ڳالهه پاڻ ڪريون پيا، ان کي سمجهڻ لاءِ ضروري آهي
ته سڄو بيت پڙهجي:
موٽي مانڊاڻ جي، واري ڪيائين وارَ،
وڄون وسڻ آئيون، چوڏس ۽ چؤڌارَ،
ڪي آئيون اِستنبول تي، ڪي مٽيون مغرب پارَ،
ڪي چِمڪن چين تي، ڪي لهن سمرقندين سارَ،
ڪي رَمي ويون رومَ تي، ڪي ڪابِل ڪي قنڌارَ،
ڪي دهلي، ڪي دکن، ڪي گُڙن مٿي گرنارَ،
ڪن جُنبي جيسلمير تان، ڏنا بيڪانير بُڪارَ،
ڪنهين ڀُڄ ڀڄائيو، ڪَنهين ڍَٽ مٿي ڍارَ،
ڪَنهين اچي امرڪوٽ تان، وسايا ولهارَ،
سائينم سدائين ڪرين، مٿي سنڌ سُڪارَ،
دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين!
مٿي جن جن به
ملڪن يا ڏيهن يا ماڳن جو ذڪر آيل آهي، اهي سڀ ’هڪ ڌرتي يا ارضياتي دائري‘ ۾
شامل سمجهجن، ان صورت ۾ به لطيف پنهنجي وطن پاڪ، سرزمين سنڌ کي هڪ
قائم بالذات
ڄاڻي ٿو ۽ ان کي هڪ مستقل ارضياتي الڳ وجود قرار ڏيئي ٿو، ۽ جيڪڏهن سڀني ملڪن يا
ڏيهن کي ڌار ڌار عالم سمجهي ٿو ته تڏهن به هُو پنهنجي وطن کي به هڪ عالم، هڪ دنيا
قرار ڏئي ٿو. جيڪڏهن سر سارنگ ۾ ڏنل مختلف بيتن مان چونڊ ڪري، انهن
کي هڪ جاءِ
تي آڻبو ته ڄاڻي سگهبو ته لطيف
پنهنجي وطن لاءِ هڪ سُرود، اڃا به، هڪ قصيدو لکيو آهي. اهڙو قصيدو جيڪو وطن
جي خوشيءَ ۽ خوشحاليءَ جي منظرن سان ڀرپور آهي. پوءِ اچو ته
انهن بيتن
کي گڏائي، هڪ جاءِ تي آڻي پڙهون:
مُند ٿِي منڊل وڄيا، ڪي اوهيڙن اوڪَ،
ڇاڇر ٿي ڇَنن ۾، مينهُون چرن موڪَ،
سَرهيون ٿيون سنگهاريون، پويو پائين طوقَ،
ميها، چڀڙ، ڦنگيون، جت ٿين سڀئي ٿوڪَ،
لَٿا مٿان لوڪَ، ڏولائي جا ڏينهڙا.
موٽي مانڊاڻ جي، ڀَري ڪيائين ڀيڄَ،
وڄون وسڻ آئيون، سارنگُ چڙهيو سيڄَ،
نُوريون تَنهن نوازيون، ڏيئي ڏوڻا ڏيڄَ،
ٻجَ کڻي پَٽِ هليا، هاري منجهان هيڄ،
راضي منجهان ريڄَ، عالمَ سڀ آباد ٿيو.
----
موٽي مانڊاڻ جي، جُڙي ڪيائين جوڙَ،
وڄون وسڻ آئيون، ٻَهه ٻَهه ڪري ٻوڙَ،
اُنن جا عالمَ ۾، کَرن اندر کوڙَ،
سارنگَ لاٿي سوڙَ، ساندهه سُهائو ٿيو.
----
موٽي مانڊاڻ، جا، ڀَري ڪيائون ڀَر،
وڄون وسڻ آئيون، ڪوڏان کڻي ڪَرَ،
مينهون پاڻمراديون، ٿڌا چرن ٿَر،
ساري اچيو سامهيون، ڏِين سَنجهي کير سڄرَ،
ساڻ وانڍيَن وَرَ، پَريون پَرچڻ جون ڪيون.
----
حڪم ٿيو بادل کي ته سارنگ ساٺ ڪجن،
وڄون وسڻ آئيون، ٽهه ٽهه مينهن ٽِمن،
جن مهانگو لهي ميڙيو، سي ٿا هٿ هڻن،
پنجن منجهان پندرهن ٿيا، ائين ٿا ورق ورن،
ڏڪاريا ڏيهه مان شَل موذي سڀ مرن،
وري وڏيءَ وَسَ جون، ڪيون ڳالهيون ڳنوارن،
سيد چوي سڀن، آهه توههَ تنهنجي آسرو.
لطيف
پنهنجن بيتن ۾ پنهنجي وطن کي
الڳ الڳ نالا ڏنا آهن: ”سنڌ“ نالو اڳيئي اچي چڪو، ان کان پوءِ
”سنڌڙي“، ’جوءِ‘، ”ڀونءِ“، ”ساڻيهه“، ”ڏيهه، ’ملڪ‘ ۽ پڻ ”وطن“ سڏيو آهي.
پنهنجن ديس واسين کي ”لوڪ“، ”سيڻ“، ”سنگهار“، ۽ ”ولهار“ وغيره چيو آهي. ان
مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته سندس وطن ۽ وطن واسين سان ڪيتري ته گهري محبت ۽
ڪيترو ته اَپار
لڳاءُ آهي ۽ هن وطن جي زرخيزي
۽ وطن واسين جي خوشحاليءَ جا ڪهڙا نه حسين چِٽَ چِٽيا آهن: ”مينهون موڪ چرن“،
”ميها، چڀڙ، ڦنگيون ٿوڪ هجن“، ”سڄر کير جون ماٽيون“- مطلب ته هر پاسي
خوشحالي ئي
خوشحالي هجي. اهو سڀ آهي، پر لطيف کي ڏولائي جي ڏينهنِ جو به گهڻو
فڪر آهي. هو چاهي
ٿو، ته سندس ديس جي ڳچيءَ ۾ آزاديءَ جي مالا هجي. هن ڄاتو ٿي ته آزاديءَ کان وڌيڪ ٻيو
آدرش نٿو ٿي سگهي، ان ئي اَمل وٿ وسيلي سندس قائم بالذات ۽ مستقل وطن
سنڌ برقرار
رهي سگهي ٿي، ان ئي احساس سبب
هُو غلاميءَ جهڙي غلاظت کان پري ٿيڻ کي ترجيح ڏئي ٿو:
الا! ائن مَ هوءِ، جئن آءٌ مران بند ۾،
جسو زنجيرن ۾، راتو ڏينهان روءِ،
پهريان وڃان لوءِ، پوءِ مر پڄنم ڏينهڙا.
----
سنهيءَ سئيءَ سبيو، مون مارو سين ساهه،
ويٺي ساريان سومرا، گولاڙا ۽ گاهه،
هِنئون منهنجو هُت ٿيو، هِت مِٽي ۽ ماههُ
پکن منجهه پساهه، قالب آهي ڪوٽ ۾.
جڏهن
ديس آزاد هوندو ته پوءِ ديس واسي ڪيئن گذاريندا، ان جو ڏس به اسان جي هن عظيم شاعر ڏنو
آهي:
نڪا جهل نه پلَ، نڪو رائو ڏيهه ۾،
آڻيو وجهن آهُرين، روڙيو رتا گُل،
مارو پاڻ اَمل، مليرونِ مرڪڻو.
انهيءَ
بيت جو مطلب آهي ته، امنَ،
انصاف ۽ مشترڪه ڀلائيءَ خاطر ”قومن جي وچ ۾ برابري“ ۽ هر قسم جي ”روڪ ۽
قبضي جو
خاتمو“. سڀني لاءِ ”محبت ۽ رزق“ جي
آزاد ۽ هڪَ اکيائي. شاهه جو رسالو (”رسالو“ معنيٰ
”پيغام“) اسان کي ”تابوت جي
پيتيءَ جي اندر خاص بيرم“ جو ڪم ڏيئي سگهي ٿو، ۽ اسين جيڪي اُن تابوت جي
پيتيءَ ۾ اندر بند آهيون، جيڪڏهن اڳي ئي موت اسان تي غالب پئجي نه چڪو
آهي، ته اسان کي هيءُ بيرم تابوت جي ڍڪڻ کي کولڻَ لائق بنائي سگهي ٿو، ۽
اسين ڪفن ڦاڙي موت جي اُن تابوت مان ٻاهر اچي سگهون ٿا. ۽ اِهو، يعني شاهه
جو رسالو،
تابوت جي پيتيءَ ۾ اسان جي لاءِ ”ساهه کڻڻ جي ڳڙکِي“ به
آهي، ته جيئن اسين بيرم
کي دٻائي ۽ ڪفن کي ڦاڙي ٻاهر اچي، آزاد هوا تائين رسون، ۽ موقعي جو فائدو وٺون، ۽
پنهنجي جيئري رهڻ جو حق ماڻي سگهون ۽ اندر تابوت جي بند پيتيءَ ۾ ٻوساٽجي
مري نه وڃون.
اِنهيءَ ڪري، اچو ته گهٽ
۾ گهٽ اسين پاڻ پنهنجي لاءِ هميشه اِهو ياد رکون ته سنڌي، اسان جي مادري
زبان، اُها ٻولي، جنهن ۾ شاهه جو آدرشي آواز اسان لاءِ اُهو ”بيرم“ آهي، ۽ شاهه جو اسان کي هِڪ
قوم طور خود- چڪاسيءَ ۽ خود شناسي جو پيغام ۽ صلاحَ اسان لاءِ”ساهه کڻڻ جي ڳڙکي“
آهي. اچو ته پنهنجي ڌرتيءَ ۽ پنهنجي ٻوليءَ جي فدائيت جي
بنياد تي اسين متحد ٿيون، ۽ اتحاد ۾ پنهنجي قوت دريافت ڪري، قومن جي وچ ۾ برابريءَ
جي درجي لاءِ جدوجهد ڪريون-ڌرتيءَ تي حيات سڌار صورتحالَ پيدا ڪرڻ لاءِ جيڪا هر
قسم جي روڪ ۽ قبضي کان آجي هجي، ۽
جنهن ۾ سڀني لاءِ محبت ۽ رزق هجي منصفانه ۽
گهرج سارو، برابري هجي.
پاڻ
اسان کي چيو اٿن ته:
سُتا اٿي جاڳ، ننڊ نه ڪجي ايتري،
سلطاني سهاڳ، ننڊون ڪندي نه ملي!
اچو ته پنهنجي
هاديءَ ۽ پنهنجي محسن جو اِهو پيغام اَڄ سَرلين ڪَنين ٻُڌون ۽ هينئين سان لايون،
۽ ڏور ستارن تي نظر رکي، پنهنجي مقصد جي امل نعمت ماڻڻ لاءِ، عمل
۽ قربانيءَ
جي راهه تي، پنهنجي قافلي سان گڏجي ۽ قطارجي اڳتي وڌون.
ڇِڄ مَ قطاران، ساٿ چڙهندو لَڪئين،
مَڇَڻ ٿِئين پُئان، وڳَ واٽَ ئي نه لهين!
شال
اسان کان اِها ڳالهه نه وسري
ته شاههُ-سنڌ جو ساههُ، سنڌ جو روح، عالمي شاعر، پر وري به اسان جو
پنهنجو شاعر،
پنهنجي سڄي فڪر ۽ سڄي اُتساهه سان،
دنيا ۾ اسان جي حال ۽ اسان جي آئيندي جي پوري خير ۽ برڪتَ ۽ سڄيءَ نيڪيءَ جو
طالب آهي، ۽ اسان کان ئي خواهشمند آهي ته اسين پاڻ اُن لاءِ عملي طرح
ڇا ٿا ڪريون. هو سچ پچ پنهنجي رسالي جي هر سُرود جي هر داستان ۾ اسان مان
هر هڪ کان ۽ پڻ سڄيءَ اسان جي قوم ۽ سڄي اسان جي معاشري کان اِهو ئي سوال
ڪري ٿو. هاڻي، اِهو اسان جو معاملو آهي ته اِن ڳالهه جو اسان وٽ ڇا جواب آهي.
وندر جي وڃن، سي مَر ٻڌن سندرا،
ٻيون ڪوهه ٻڌن، ڇوڙي جي ڇڏينديون!
--
وِهين ۽ ويلا ڪرين، پڇين ٿي پانڌي،
هارِي هيڪاندِي، ڪنهن پر ٿيندينءَ هوت سين؟
جيئي
لطيف، جيئي لطيف جي سنڌ، جيئي لطيف جو سنڌي عوام!
No comments:
Post a Comment