شاهه جو رسالو

Monday 27 October 2014

افلاطون جو فلسفو ۽ شاهه لطيف جي شاعري ــ حسين ڪپري (Hussain Kapri)




حسين ڪپري
افلاطون جو فلسفو ۽ شاهه لطيف جي شاعري



شاهه لطيف جو رسالو پڙهو يا افلاطون جا ڊائلاگ!  حيرتن  جو هڪ جهان آهي جنهن  ۾ پڙهندڙ وڃائجو وڃي.   لطيف  فلسفي کان گريزان آهي ۽  افلاطون  شاعري جي مخالفت ڪري ٿو! فلاسافي جي معنيٰ آهي ڏاهپ سان پيار  ۽ لطيف چوي ٿو” الا ڏاهي مَ ٿيان!“ يعني هو   فلاسافي کان پاسو ڏيئي پري مٽي وڃڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. مگر تڏهن به افلاطون جي  فلسفي ۾ جيڪا شاعري آهي ۽ لطيف جي شاعريءَ ۾ جيڪو فلسفو آهي، سو لِڪائي نٿو لِڪي. حقيقت اها آهي ته  ٻنهي جي  انهن کان سواءِ سري به نٿي! هي محبت-نفرت  وارو تعلق  اصل ۾ ٻنهي اعليٰ دماغن جي شاعري ۽ فلسفي سان  پيار جي ڪهاڻي آهي!
سندن شخصيتن ۾ زبردست تضاد هو. افلاطون جيڪو شروع ۾ شاعر ٿيڻ آيو هو، سو ويهن سالن جي ڄمار ۾ پنهنجي استاد سقراط جي اثر هيٺ اچي شاعريءَ جو مخالف بنجي ويو ۽ پنهنجو اظهار نثر ۾ ڪرڻ لڳو. مگر انهيءَ نثر ۾ جا شاعري آهي، تنهن جي بي مثال خوبصورتي  موهي وجهي ٿي! تقريبن ساڳي ڄمار ۾ لطيف تي به فلسفي جو اثر ٿيو جڏهن  هو جوڳين ۽ سامين سان اچي گڏيو، جيڪي پنهنجي دور جا وڏا فلاسافر هئا. انهن جو اثر   هن تي باقاعده نظر اچي ٿو. هن جيڪا شاعري ڪئي، انهيءَ ۾ فلسفي جو  اڻ لکو رنگ بلڪل ائين محسوس ٿيندو آهي، جيئن سج لهڻ کان ڪجهه لمحا پوءِ رات به هوندي آهي ۽ ڏينهن به!  جيئن ٻنهي وقتن  جو ملڻ ٿئي ٿو، بلڪل ائين لطيف وٽ شاعري ۽ فلسفو به ملن ٿا پر ڪجهه گهڙين لاءِ!


جلاوطنيءَ جي اها ئي سزا افلاطون شاعرن لاءِ تجويز ڪئي هئي (جيتوڻيڪ ان جا سبب ٻيا هئا). سزا جي هڪجهڙائي  صرف هڪ اتفاق هو يا لطيف افلاطون کي پڙهيو هو؟  هالا حويلي ۽ ايٿنس جي وچ ۾ هزارن ميلن ۽ هزارن سالن جو فاصلو آهي، انهيءَ ڪري  پڪ سان ڪجهه نه ٿو چئي  سگهجي. ان دور  ۾ افلاطون جي يوناني شاهڪارن جا عربي ترجمي وارا ڪتاب موجود هئا پر ان جا ڪي به نسخا سنڌ مان نه مليا آهن. نه صرف اهو پر ٻيو به ڪو اهڙو قديم  شاهڪار  به هٿ نه آيو آهي!  ان زماني جي دنيا ۾ سنڌ الائي ڪٿي هئي!
جيتوڻيڪ هو هڪ شاعر هو  پر تڏهن به  فلسفي سان پنهنجي محبت کي لڪائي نه سگهيو، ڇو ته هو ان کي مقدس سمجهندو هو. تڏهن ئي ته هن جي واتان نڪري ويو، ”جي ٿا بيت ڀانئيو، سي آيتون آهين“.   پنهنجي سڀ کان واضح فلاسافيڪل سر رامڪليءَ ۽ کاهوڙيءَ ۾ هن پنهنجي دل کولي رکي آهي. جوڳين ۽ سامين  سان هلندي،  هن تي يوگ ۽  ويدانيت جي فلسفي جو اثر پيو.  هن جيڪي سبق سکيا، تن جي ذريعي سندس تصور جون اڏامون  ڪائنات جي امڪاني وسعتن ۽ لامحدوديت جون حدون پار  ڪري ويون. سندس بيتن کي جهونگاريندي بار بار هڪ احساس ٿئي ٿو  ته جي هو شاعر نه هجي ها ته پڪ سان فلاسافر هجي ها!
جتي عرش نه اڀ ڪو، زمين ناهي ذرو،
نڪو چاڙهائو چنڊ جو، نڪو سج سرو،
اتي آديسين جو، لڳو دنگ درو،
پري پين پرو، ناٿ ڏٺائون ناهه ۾!
جنهن فلاسافر جي گودڙيءَ ۾ خيالن جا اهڙا موتي هئا، سو  شاعر  جو روپ ڇو وٺيو ويٺو هو، ان جا ٻه سبب هئا.  هڪ  اهو   ته، کيس خبر هئي ته فلسفي کي ڪي بنهه ذهين ماڻهو پڙهندا آهن، جن جو تعداد تمام ٿورو هوندو آهي. سنڌ ۾  نثر لکڻ پڙهڻ جو رواج ڪونه هو، جڏهن ته شاعري هر عام خاص جي ٻولي هوندي آهي. هن پنهنجو پيغام وڌ کان وڌ ماڻهن تائين پهچائڻ لاءِ شاعريءَ جي چونڊ ڪئي.   هونئن به مشرق ۾ آفاقي فلسفي جي نظرين کي شاعريءَ ۾ بيان ڪرڻ جي روايت پراڻي رهي آهي. مثنوي مولانا روم، مقدس گيتا، بائبل ۽ ٻيا ڪتاب انهيءَ جو ثبوت آهن.  ٻيو سبب اهو هو ته  هن  منصور حلاج ۽ سقراط  وغيرهه  جهڙي فلاسافرن جي  ڀيانڪ انجام بابت ٻڌو هوندو، پر سرمد واري  واقعي مٿس گهرو اثر ڇڏيو هوندو! هڪ دفعو اورنگزيب نماز پڙهڻ لاءِ جامع مسجد پئي ويو ته هن جي رستي تي ويٺل بي لباس سرمد تي   نظر پئجي وئي.  هن  فلاسافر کي  سرزنش ڪندي عرياني لڪائڻ لاءِ چيو. سرمد پاسي ۾ پيل ڪمبل ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته، مون کي هن سان ڍڪي ڇڏ. بادشاهه جڏهن ڪمبل کنيو ته، هڪ روايت موجب، انهيءَ مان انهن سڀني ماڻهن جون  سسيون نڪرڻ لڳيون، جن کي هن تخت تي قبضو ڪرڻ لاءِ ماريو هو! ”آئون تنهنجا گناهه لڪايان يا پنهنجي اگهاڙپ؟“ سرمد چيو.  شهنشاهه باهه ٿي ويو. هن اهو  ڪيس پنهنجي چيف قاضي ملا قويءَ ڏانهن موڪليو، جنهن کيس موت جي سزا ڏني!
 اهو واقعو ويجهڙائي ۾ ٿيو هو. لطيف کي ان جي تفصيلن جي باريڪيءَ سان خبر هوندي!  کيس خبر هئي ته هو پنهنجي وقت کان اڳي جو فلاسافر هو! ماڻهو سندس فلاسافي ٻڌي ڪو نه سگهندا. هي ڳالهيون هنن کان هضم ٿي نه سگهنديون ۽ ان جو شديد رد عمل ٿيندو!
حقيقت هن حال جي، ظاهر ڪريان ذري،
لڳي ماٺ مروئن کي، ڏونگر پون ڏري،
وڃن وڻ ٻري، اوڀڙ اڀري ڪي نه ڪي.
نه ٻڌائي سگهڻ واري بيوسيءَ جي شڪايت ڪندي هن لکيو: ”ڳالهيون ڪرڻ نه جهڙيون، سلڻ نه جهڙيون.“ کيس انديشو هو ته ماڻهو سندس شاعريءَ جو غلط مطلب وٺندا. اڄ لڳ ڀڳ ٽي سئو سال گذري وڃڻ کان پوءِ ڏسون ٿا ته  سندس سڀ انديشا درست ثابت ٿيا.   هو  هڪ اهڙو سيلاني  فلاسافر هو، جنهن کي سندس شارح سمجهي نه سگهيا. سندس  شاعريءَ جون غلط معنائون ڪڍڻ ۾ ان زماني جي مروج رواجن ۽ لاڙن جو جو به وڏو عمل دخل هو. اڳي ائين هوندو هو جو سڌي ڳالهه ڪرڻ لاءِ به ڏکيو، ڊگهو  ۽ منجهائيندڙ طريقو اختيار ڪيو ويندو هو. نام نهاد پارکو پنهنجي علم جو  رعب وجهڻ خاطر ائين ڪندا هئا!  اهڙن شعر نما ڳجهارتن سان اسان جي شاعرن جا ديوان ڀريا پيا آهن. لطيف به پنهنجي نقادن جي انهيءَ مشڪل روي جو شڪار ٿيو. جي لطيف جي شاعري ۽ ان جي پڙهندڙن جي وچ منجهان سگهڙ، پارکو، نقاد ۽ شمس العلماء نڪري وڃن ته سڀني کي سندس ڪلام سولائيءَ سان ائين سمجهه ۾ اچي ويندو، جيئن اڻ پڙهيل ماڻهن کي سمجهه ۾ ايندو آهي!    
حقيقت ۾ هن جهڙي نموني سنڌي ٻوليءَ ۾ اظهار جي ممڪنات کي  نيون معنائون ۽ بنهه نوان لامحدود خيال  عطا ڪيا، تنهن مان پتو پوي ٿو ته کيس ٻوليءَ جي انهيءَ فلسفي جي خبر هئي   ته  ڪنهن به ٻوليءَ جون  محدود حدون خيال کي به محدود ڪريو ڇڏين! انهيءَ ڪري هن شعوري طرح سنڌيءَ کي وسيع ڪيو!
ٻنهي وڏن ماڻهن جي   زندگيءَ تي مٿاڇري نظر  وجهي ڏسبو ته لطيف فلسفو ڇڏي شاعريءَ جي چونڊ انهيءَ ڪري ڪئي ته  هو گهايل هو. مگر  افلاطون جا فلسفي ۾ ڦاسڻ جا سبب ٻيا هئا!  جيتوڻيڪ هو شاعريءَ تان هٿ کڻي ويو  هو  پر تڏهن به ان مان جند ڇڏائي نه سگهيو.  هن شاعري ۽ شاعرن خلاف لکيو ۽ اهڙو لکيو، جو اڄ هزارين سال گذري وڃڻ کان پوءِ به ماڻهو انهيءَ جو جواب ڏيئي رهيا آهن. صاف ظاهر آهي ته اڃا تائين خاطر خواهه جواب نه ملي سگهيو آهي. نفسياتي حساب سان ڏسجي ته اهو  رد عمل وارو رويو خود شاعريءَ جي ڪمال جو عڪس نظر اچي ٿو!
 لطيف کي به سوين سال گذري ويا پر سندس  شاعريءَ ۾ انساني ڪيفيتن جي فلسفيانه تشريحن ۽ معنائن جو  انت نٿو اچي! شاعريءَ کان وڌيڪ سندس زندگيءَ تي فلسفي جو اثر هو، جنهن کيس وقار سان جيئڻ سيکاريو.  کيس خبر هئي ته انساني هٻڇ،  اڊنبر  ۽  دٻدٻي جو ڪو به ڇيهه ڪونهي ۽ انجي حاصلات لاءِ ماڻهو ذلتن جي آخري حدن تائين به ڪِري سگهي ٿو! تنهنڪري هن پنهنجون ضرورتون   محدود ڪري ڇڏيون، مگر ان جي باوجود  به دنياوي خوشيون پاڻ تي حرام ڪو نه ڪيون، ڇو ته  وٽس خوشگوار  زندگيءَ جو  واضح تصور هو.   اهڙي زندگيءَ ۾  توازن رکڻ لاءِ  هن ”پيهي جا پاڻ ۾، ڪيم روح رهاڻ...“ جهڙا شعر لکيا، جنهن جو   مطلب آهي ته ماڻهو پنهنجي احساسن ۽ جذبات کي سمجهي ۽ پنهنجي ضمير  اڳيان جوابدار طور پيش ٿئي. ضمير انسان جي اندر ۾ ويٺل اهو قاضي آهي، جيڪو  غلطين جي پڪڙ پڇا ڪري ٿو ۽ ماڻهوءَ کي اخلاقي ضابطن تي هلائي ٿو. ان جي ڪري اندر ۾ جهاتي پائي پنهنجو پاڻ سڃاڻڻ   وارو عمل شروع ٿئي ٿو، جيڪو انساني حياتيءَ جي بي بقا  ۽ محدود هئڻ جو شديد احساس ڏياري   زندگيءَ کي ڪا معنيٰ ڏيڻ لاءِ اڀاري ٿو. 
جيترا دليل فلسفي جي برتريءَ جا آهن، اوترا ئي سبب شاعريءَ جي دلڪشيءَ جا به آهن. ٻنهي جي افاديت ۽ ضرورت هميشه کان رهندي پئي اچي ۽ ايندڙ زمانن ۾ به رهندي.

No comments:

Post a Comment