رياض عمراڻي
شاهه لطيف جي ڪلام ۾
مهذب سماج جي اڏاوت جو فلسفو
هلو هلو
ڪورئين، نازڪ جنين نينهن،
ڳنڍين
سارو ڏينهن، ڇنڻ مور نه سکيا.
دنيا اندر، وڌندڙ بدامني، قتل
غارت جي ڪري امن سخت متاثر ٿي رهيو آهي، هر هڪ دل جُهري پيئي آهي ۽ هر اک پاڻيءَ
جي بدران رت ڳاڙي رهي آهي. امن ۽ پيار جي بهار واري رُت، تي پِيلا ۽ ڳاڙها گلاب
سرجي رهيا آهن. موتيي جا اڇا گُل به ڪنهن مذهب جي امن ڀريي پيغام جي عڪاسي ڪري
رهيا آهن.
خالقِ ڪائنات انسان کي سمجهائڻ
لاءِ آسمان جو رنگ ئي نيرو ۽ آسماني رکي ڇڏيو آهي.
سڄي دنيا، آسماني ۽ اڇو رنگ
امن، آشنا ۽ ڀائيچاري جي نشاني طور سڃاتا وڃن ٿا. مهذب، بااخلاق، سڌريل ۽ ترقي
يافته قومن ۾ اڇو ڪبوتر به امن جي نشاني طور فضا ۾ اڏاريو ويندو آهي. حضرت شاهه
عبداللطيف ڀٽائي رحه پنهنجي ڪلام ۾، ڪونج پکين جي پيار، پريت، گڏيل سفر واري
جدوجهد کي هن طرح سان پيش ڪيو آهي.
وڳر
ڪيو وتن، پرت نه ڇنن پاڻ ۾،
پسو
پکيئڙن، ماڻهان ميٺ گهڻو.
امن جي اوسيئڙي کي، ڏيهه ۽
پرڏيهه ۾ عام ڪرڻ جي لاءِ دوستن کي اپيل ڪندس ته رات جي وقت تي ڪونجن جو آسمان
ڏانهن جدوجهد وارو سفر ضرور ڏسن ۽ ضرور سمجهن. ڪُونجون سدائين قطار ۾ هڪٻئي سان گڏ
ٿي سفر ڪنديون آهن، جيڪر سفر جي ٿڪاوٽ کان ڪا ڪونج ٿڪجي آسمان کان هيٺ اچي ڪرندي
آهي ته ساٿياڻيون ڪونجون ان هنڌ تي پيون ڦيرا ڏينديون آهن. حالانڪه معمولي پکي،
ڪونج جي ڀلا ڪهڙي ته مدد ڪري سگهندو پر ائين نه آهي. ساٿياڻي جي طلب، تات منجهن
ضروري آهي. من ڪا ڪونج بچي پوي، ڪنهن شڪاري جي ور چڙهي نه وڃي. اڄ جي دؤر ۾ ڪونج
جي پيغام کي سمجهڻ جي سخت ضرورت آهي. هت روز بروز، ڪيترائي ڪونڌر ڪُسجي رهيا آهن،
ته ڀيڻن ۽ مائرن کي ڪاري ڪري، غلط رسمن کي فوقيت ڏيندي قتل ڪيو ويندو آهي. اسان وٽ
مذهبي ڪٽرپڻي، ذاتي اناپرستيءَ جي ڪري به ڪيترائي ماڻهو قتل ڪيا وڃن ٿا. ڪڏهن ڪڏهن
خودڪش حملا ڪري، انسانيت جو رت وهايو ويندو آهي، جنهن کي هر هڪ مڪتب فڪر جو انسان
دوست ماڻهو نندي رهيو آهي.
اڄ جي سماج ۾ هر هڪ انسان جڏهن
پنهنجي گهران پنهنجي نيڪ مقصدن جي حاصلات لاءِ نڪرندو آهي ته کيس اِها خبر نه
پوندي آهي ته واپس گهر ورندو به يا نه. هن درندي صفت انسانن کي ڀلا ڪير
سمجهائيندو؟ ته هڪ انسان جو بي گناهه قتل پوري انسانيت جو قتل هوندو آهي، هڪ
ماڻهوءَ جي قتل سان سڄو گهر، اوڙو پاڙو، متاثر ٿي ويندو آهي، ان کان سواءِ قاتل حقيقي
مالڪ جي درٻار ۾ هڪ عظيم گناهگار طور پيش ٿئي ٿو. ان يقين سان ته کيس سزا ضرور
ايندي ۽ ملڻ به گهرجي. اِها عدل ۽ انصاف جي تقاضا آهي.
اهڙي ظالم سماجي هٿن تي ڳڻجندڙ
چند ڏوهاري ڀلا قانون جي گرفت کان ڏاڍا آهن ڇا؟ هن سماج جا انسان دوست ماڻهو ساڻن
سوشل بائيڪاٽ ڇو نٿا ڪن؟ ڪني مڇي تلاءُ کان نڪتل چڱي هوندي آهي، گهٽ ۾ گهٽ سڄو
تلاءُ خراب ته ڪونه ٿيندو. هڪ ڪينسر شده، آڱر کي وڍي ڪڍي ڇڏجي ته بهتر آهي. ممڪن
آهي ته هڪ هٿ بچي پوي. غلط معاشري جي غلط ماڻهن جي صحبت کان جيترو ماڻهو پري رهندو
اوترو ئي بهتر آهي. چڱن ماڻهن جي صحبت ۽ دوستي اسان کي سڌاري ۽ سنواريندي رهندي
آهي. اهو ڀلا ڪيئن ٿي سگهي ٿو، اچو ته مرشد جو ڪلام پڙهون:
هو
چونئي، تون مَ چئو، واتئون ورائي،
اڳ
اڳرائي جو ڪري خطا سو کائي،
پانڌ
۾ پائي، ويو ڪيني وارو ڪينڪي.
نوڙت، نهٺائي، نيازمندي،
اُڪير، دوستي جو هڪ اعليٰ ظرف انسان جي نشاني هوندي آهي. هو جتي به هوندو آهي اتي
ضرور ميلا مچائيندو آهي. هو اهڙو درياهه آهي جيڪو اُڃارن جي اُڃ اُجهائيندو آهي.
ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي جو پاڻ بُک ۽ اڃ ۾ رهي به پنهنجي ساٿي کي ڪڏهن به
بُکيو ۽ اُڃيو نه رکندو آهي. اها صفت وقت جي ولين جي رهي آهي.
حضرت انسان جيڪڏهن پنهنجي وجود
۽ اندر ۾ انسانيت جي پروڙ، سُڌِ ۽ ساڃاهه رکندڙ آهي ته پوءِ هو ڪڏهن به خدا جي
مخلوق جو دشمن ٿي نه سگهندو، بلڪه هو محبت، امن، اُڪير ۽ ڀائيچاري جو هڪ سفير آهي.
هو سدائين محبتن جا محل، دلين جي دروازن، اکين ۾ دوستن لاءِ جايون ئي جوڙيندو
رهندو، جيئن مرشد لطيف فرمايو آهي ته:
محبتي
ميڙي، ڳوٺ ٻڌجي هيڪڙو،
تنين
جي ويڙهي، راجا ريجهي آيو.
نفسا نفسي، خودپرستي، لالچ،
لوڀ انسان کي ماڻهپي مان ڪڍي ڇڏيو آهي. محبت، ڀائيچاري ۽ امن جي بحالي ۾ جيڪو به
فرد منافقاڻو عمل ۽ طريقو هلي، منهن ۽ زبان جو ڪيترو به مٺو هجي پر اندر ۾ ڪيني
واري سوچ رکندڙ هجي، تنهن کي وقت جا صراف دل مان نيڪالي ڏيئي ڇڏيندا آهن. اهڙو فرد
نه ڪو هتي جو هوندو آهي نه وري هُتي جو هوندو آهي. جيڪي فرد انسانيت سان محبت ڪندڙ
آهن، انسان کي اُتم سمجهندي، همدردي پنهنجائپ، پيار جو جذبو ۽ احساس رکن ٿا، سي
سدابهار گل جيان هوندا آهن تن جي لاءِ لطيف سائين فرمايو آهي:
محبت
رکي من ۾ رنڍا روڙيا جن،
تن
جو صرافن، اڻ توريو ئي اگهايو.
انتهاپسندي وارن لاڙن پنهنجي
ملڪ کي تمام وڏو نقصان ڏنو آهي، جنهن سان پرڏيهه ۾ ملڪ جي بدنامي ٿي رهي آهي. هن
بيرحم وهڪري ۾ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو، شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو، شهيد فاضل راهو،
حڪيم سعيد احمد، سلمان تاثير، شهباز ڀٽي جهڙن کي به گولين جو کاڄ بڻائي ڇڏيو، جنهن
سان ڪنڌ شرم کان جهڪي ويا آهن. ڇو ته اسين فطرت جي حسناڪين کان ڪوهين ڏور ٿي ويا
آهيون. ڇا ڪنهن اِهو سمجهيو آهي ته پکين جون فجر ويل ٻوليون، انسان جي سماعتن کي
ڇُهي، ٽينشن کي گهٽائينديون آهن، ڪافي مريض، سُريلا سُر ۽ پکين جا آواز ٻُڌي، ذهني
تڪليفن کان نجات حاصل ڪندا آهن.
ميووي دار وڻ، هر سال ميوو
جهلي، سڄي جهان کي ميوي جو ميٺاج مهيا ڪري ٿو. اڪثر ٻارڙا ڪچي ميوي کي حاصل ڪرڻ
لاءِ ڀتر، ڇانڀن سان ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، پر پوءِ به هو موسم آهر ميوو ضرور
ڏيندو آهي. تنهنڪري اڄ جي انسان کي انهن فطري اُصولن کي پرکيندي پنهنجو پاڻ ۾ صبر
۽ سهپ کي وڌائي ته هوند پوري انسانيت جي زندگي سڦل بڻجي پوي.
روزاني عبرت 9 جنوري 2012
No comments:
Post a Comment