شاهه جو رسالو

Monday, 27 October 2014

لطيف ڪلرج، هيمنگوي -- ڊاڪٽر بدرالدين اڄڻ (DR. Badar Ujan)




ڊاڪٽر بدرالدين اڄڻ
لطيف ڪلرج، هيمنگوي
 (سامونڊي فلسفي جا ٽي شاهڪار)



سنڌي ٻولي ۽ علم ادب پنهنجي قدامت، فصاحت، سلاست، جدت ۽ فلسفي جي نقطه نگاهه کان ايترو ئي وسيع ۽ اعلى، اتم ۽ آفاقي آهي، جيترو دنيا جون ٻوليون ۽ انهن جو علم ادب آهي. آفاقي ادب اهو چيو ويندو آهي، جيڪو هر دور ۾ زندهه هجي ۽ ان دور جي حالتن جي ترجماني ڪندو هجي. سنڌي ادب جي حوالي سان اسان شهنشاهه لطيف جي ٻن سُرن، هر هڪ سُر سريراڳ ۽ سامونڊيءَ کي عالمي ادب جي ٻن شاهڪارن هر هڪ : سموئل ٽيلر ڪالرج جي جڳ مشهور نظم ”پوڙهو ملاح (Ancient Mariner)  ۽ ارنيسٽ هيمنگوي جي ناول سمنڊ ۽ پوڙهو ماڻهو Old Man and the Sea جو تقابلي جائزو پيس ڪنداسين ۽ اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته شاهه لطيف جا فقط ٻه سُر انگريزي ادب جي ٻن شاهڪارن کا گھڻو مٿي آهن. فرق صرف اهو آهي ته اهي انگريزيءَ ۾ آهن ۽ تڏهن دنيا ۾ مشهور ٿي ويا آهن. پر اسان جي آفاقي شاعر کي اسان انگريزي ٻوليءَ ۾ نه آندو آهي، تنهنڪري ٻي دنيا وارا ان کان اڻ واقف آهن. 

          سموئل ٽيلر ڪالرج انگريزي ادب جو مشهور شاعر، نقاد ۽ فلسفي ٿي گذريو آهي. سندس شاهڪار نظم پوڙهو ملاح Ancient Mariner دنيا ۾ مشهور آهي. ان جي پلاٽ بابت ائين چيو ويندو آهي ته انگريزي ادب ۾ ٽي شاهڪار آهن، جن جو پلاٽ مڪمل يعني Perfect آهي. هڪڙو پلاٽ هن نظم جو آهي، ٻيو پلاٽ ٽام جونس Tom Jones هينري فيلدنگ جو ناول جو آهي ۽ ٽيون پلاٽ آهي بين جانسن جي ڊرامي دي الڪيميسٽ جو. 
          ڪالرج هن نظم ۾ جزا ۽ سزا جي فلاسافي ڏني آهي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو غلط ڪم ڪري ٿو ته هن جي سزا به شروع ٿئي ٿي. اهو ڪنهن به نموني اها ڀوڳنا ڀوڳي ٿو. وري جڏهن توبهه تائب ٿئي ٿو ته هن جي نجات شروع ٿئي ٿي. ان سان گڏ نظم ۾ مافوق الفطرت جا منظر به ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جن جي وچ ۾ سمنڊ ۾ هڪڙي ٻيڙي ۽ هڪ ساهوارو ۽ ان جو موت ڍاري راند ۾ مصروف ڏيکاريا ويا آهن. هر هڪ ان جدوجهد ۾ آهي ته ٻئي تي فتح حاصل ڪري، پر نتيجو ڪونه ٿو نڪري؛ جنگ جاري  آهي. شاعر ان ڪشمڪش کي آخري سٽن ۾ هن ريت سهيڙي ٿو. 
He pray eth best, who loveth best
All things, both great and small
For, the dear God, who loveth us
He made and loveth all.

ترجمو : ”جيڪو سڪ سان سجدو ڏئي ٿو ان جي عبادت اتم آهي. هر ننڍي وڏي شيءِ سان پيار ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته مولا سائينءَ اسان سڀني کي ٺاهيو آهي ۽ پنهنجي تخليق کي پيار ڪري ٿو.“
           ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته هيءَ ڪائنات، پيار جي پيداوار آهي. الله تعالى هن کي پيار مان پيدا ڪيو آهي، تنهنڪري ننڍي خواهه وڏي شيءِ کيس پياري آهي. 
          ارنيسٽ هيمنگوي، پنهنجي ناول، سمنڊ ۽ ڪراڙو Old Man and Sea  ۾ زندگيءَ ۾ پيش ايندڙ ڏکن ڏاکڙن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. سڄي ناول جو تت انهن لفظن ۾ سمايل آهي ته : ”انسان کي فنا ته ڪري سگھجي ٿو پر هن جر مرضي خلاف کيس جيتي نه ٿو سگھجي.“  
          انگريزيءَ ۾ چوڻي آهي ته : “Man can be destroyed but can not be defeated ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته زندگي ڏکن، ڏاکڙن ۽ ڪشمش جو نالو آهي، يا ڪن وري زندگيءَ کي ڪنڊن جي سيج سڏيو آهي. اڃا به ڪي ماڻهو زندگيءَ کي سورن ۽ سختين سان ڀريل پيالي جيان سمجھن ٿا، پر زندگيءَ ۾ سختين آڏو جھڪڻ ۽ تڪليفن اڳيان هٿيار ڦٽا ڪرڻ بزدليءَ جي نشاني آهي، جيڪا ڪنهن به دين ڌرم ۾ جائز نه آهي. ان طرح سان پوڙهو ملاح زندگيءَ جي ڏنل ڏکن سان جنگ جوٽيندي ڏيکاريو ويو آهي. هو بک، ڏک ، اس ۽ گرميءَ ۾ سمنڊ جي بيرحم لهرن سان وڙهندو رهي ٿو ۽ همت نه ٿو هاري. آخر ۾ سندس آزمائش پوري ٿئي ٿي، جيڪا چوويهن ڪلاڪن ۾ ڦهليل آهي، جڏهن سندس ڏکن جوسج لهي ٿو ته هن جي تڪليف به گھٽ ٿئي ٿي. اهو هو مختصر احوال انگريزي ادب جي مٿين ٻن شاهڪارن جو، جيڪي عالمي شهرت حاصل ڪري چڪا آهن. 
          هاڻي اسين لطيف سائينءَ جي ٻن سُرن کي، جن ۾ سمنڊ ٻيڙياتن، انهن جي ونين ۽ سندس زندگيءَ جو ذڪر ڏنل آهي، انهن منجھان مثال پيش ڪري اهو ثابت ڪنداسين ته لطيف سائين مٿي ذڪر ڪيل عالمن ۽ اديبن کان گھڻو مٿي آهي. پهريائين جڏهن اسان ڪالرج ۽ لطيف جو تقابلي جائزو وٺنداسين ته ائين چئبو ته ٻئي شاعر آهن. ڪالرج کي وڏي شهرت مليل آهي. هن جي دنيا تصوراتي Imaginative  آهي ۽ هن جا ڪردار ٻي دنيا جا يعني Super-natural  پيا لڳن، پر جڏهن لطيف جي شاعريءَ تي نظر وجھون ٿا ته ان ۾ اسان کي  سچائي، پنهنجائپ ۽ زندهه جاويد ڌرتيءَ تي رهڻ وارن جي جيوت جي جھلڪ ڏسڻ ۾ اچي ٿي، انهن ۾ ڪابه مصنوعيت ۽ هٿ ٺوڪي ڳالهه نه آهي. 
          وري جڏهن هيمنگوي ۽ لطيف کي ٿا ڀيٽيون ته اهو ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته هيمنگوي هڪ ناول نگار جي حيثيت سان سڄي دنيا ۾ ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. پر لطيف وري به هڪ شاعر، بزرگ ۽ فلاسافر جي روپ ۾ اسان آڏو آهي. هيمنگوي به لطيف جيان انساني جيوت ۽ ان جي جدوجهد جو ذڪر ڪيو آهي، پر هن جو عرصو هڪ ڏينهن جو آهي ۽ ان جي دوران ئي  پوڙهي جي آزمائش پوري ٿيو وڃي، مگر لطيف جو پيغام نه فقط هڪ مند يا هڪ ماڻهوءَ واسطي آهي پر اهو هر موسم ۽ هر ماڻهوءَ جي لاءِ آهي، پر ان کان به مٿي آهي. يعني اهومستقل جدوجهد جو پيغام آهي ۽ ايندڙ نسلن جي لاءِ به آهي. لطيف اهو سنيهو پنهنجي ديس وارسين ۽ ڌرتيءَ جي رکوالن مرد توڙي زالن لاءِ ڏنو آهي، ڇاڪاڻ ته مردن سان گڏ عورتون به هن سماج جي ڏاڍ ۽ ظلم جو شڪار ٿينديون رهيون آهن. 
          ان طرح سان ڪالرج ۽ هيمنگوي ۽ لطيف جو تقابلي جائزو پيش ڪندي اسان اهو فخر سان چئي سگھون ٿا ته، شاهه لطيف جي شاعري جامع، مڪمل، اعلى ۽ ارفع ، آفاقي ۽ الهامي آهي. ان ۾ عالمي شاهڪار بڻجڻ جون اهي سڀ خصوصيتون ۽ اقدار موجود آهن جنهن جي ڪري اسان لطيف جي شاعريءَ کي آفاقي چئي سگھون ٿا. اسان پنهنجي موقف کي ثابت ڪرڻ جي خاطر ڪجھه تاريخي حقيقتون پيش ڪيون ٿا.  
          سنڌ جا ماڻهو 18،17صديءَ ڌاران وڻج واپار خاطر ڏيساور ويندا هئا. انهن ڏينهن ۾ وڏا جهاز ته ڪونه هئا ، تنهنڪري هو پنهنجي ننڍن ۽ پراڻي قسمن جي ٻيڙن تي چڙهي ويندا هئا ۽ سمونڊ جي سختين ۽ لهرين جي لاهن چاڙهين، ڪنن جي ڪڙڪاٽن ۽ طوفان جي خطرن کان ڪونه ڊڄندا هئا، ڪيترا ته پنهنجون قيمتي جانيون به وڃائي ويهندا هئا. شاهه صاحب سمونڊ جي ڏاڍ ۽ ڏمر ۽ لهرين جي خوفناڪ لوڏن مان بچڻ خاطر الله سائينءَ کي ٻاڏائي ٿو: 
”لڙ، لهريون لس ليٽ، جتي انت نه آب جو،
الله ات مَ اولئين، ٻيڙا مٿي ٻيٽ،
جوکو ٿئي مَ جهاز کي، ڦرهي اچي مَ ڦيٽ،
لڳي ڪا مَ لپيت ، هن غاريبي غوراب کي.“
    اڳتي هلي لطيف سائين فرمائي ٿو ته نيڪ نيتي ۽ بهادريءَ سان جيڪڏهن ڪو قدم کڻبو ته الله سائين پاڻ ئي ان ۾ برڪت وجھي ٿو، ۽ اها مشڪل اسان ٿيو پوي.  
”سيويو جن سبحان، وير نه وڙهي تن سين،
توبهه جي تاثير سان، ٽري ويا طوفان،
ڏيئي توڪل تڪيو، آر لنگھيا اسان،
ڪامل ڪشتيبان، وچ ۾ گڏين واهرو.“
    شاهه لطيف ٻيڙياتن کي صلاح ٿو ڏئي ته جيسيتائين هو سمونڊ جي اونهائين ۾ نه ويندا، تيسيتائين املهه ماڻڪ نه ڳولهي سگھندا. روحاني طرح سان اهو صاف ظاهر آهي ته جيڪڏهن اسان ايمان پختو نه ڪندا سين ته روحاني راز ۽ رمزون حاصل ٿي نه سگهنديون. مٿاڇري ڄاڻ مان ڪجھ هڙ حاصل ڪونه ٿيندو.
”ويا جي عميق ڏي، مون منهن ڪائو ڏيئي،
تن سپون سوچي ڪڍيون، پاتاران پيهي،
پسندا سيئي، اصل اکڙين سان.“
    لطيف سائينءَ جون اهي سٽون عالم آشڪار آهن ۽ ڪنهن کان به لڪيل ناهن. جن ۾ پاڻ فرمايو اٿن ته جيڪو به ماڻهو الله سائينءَ ۽ ان جي مخلوق جي صدق دل ۽ نيڪ نيتيءَ سان خدمت ڪندو ته ان جو اجورو ۽ ڦل ضرور ملڻو آهي: 
”ساري رات سبحان، جاڳي جن ياد ڪيو،
ان جي عبداللطيف چئي، مٽيءَ لڌو مان،
ڪوڙين ڪن سلام، آڳهه اچو ان جي.“
    شاهه صاحب سهڻي ۽ سلوڻي ٻوليءَ ۾ اهو صاف ٻڌايو آهي ته هر عمل ۾ الله سائينءَ جي مرضي شامل هوندي آهي انسان جون خواهشون ايتريون ته گھڻيون آهن جو اهي سڀئي پوريون ٿي نه ٿيون سگھن ۽ سڄو دارومدار نيڪ نيتن ۽ نيڪ ارادي تي آهي. 
”هڪ ٻانهين چت ۾، ٻي سٽي صاحب،
ڪڍي اونهي ڪُن مان، اي آگي جو عجب،
ايءَ سائينءَ جو سبب، جيئن ٻڏا اُڪاري ٻار مان.“
    لطيف سائينءَ سامونڊين کي سمونڊ جي سخت چڙهندڙ وير جي خطرن کان خبردار ڪندي کين، تلقين ٿوڪري ته، هو سستي ڇڏي ڏين، ۽ ننڊ ڦٽائين، ورنه ننڊ کين نهوڙي  ڇڏيندي،
”بندر جان ڀئي، ته سکاڻا مَ سمهو،
ڪپر ٿو ڪن ڪري، جيئن ماٽيءَ منجهه مهي،
ايڏي سور سهي، ننڊ نه ڪجي ناکئا.“
    ڪالرج ۽ هيمنگوي ساموندين جي سختين ۽ سورن جو ذڪر ڪيو آهي، پر لطيف هڪ قدم اڳتي وڌي، انهن جي ساٿياڻين يعني سامونڊي عورتن جو ذڪر به ڪيو آهي، جيڪي پنهنجي مردن جي مشڪلاتن ۾ ڀاڱي ڀائيوار آهي ۽ پنهنجي ڀُتارن جي جدائيءَ جا سُور سهنديون رهن ٿيون ۽ هنن جي باسلامت واپسيءَ لاءِ هر وقت الله سائينءَ کي ٻاڏائينديون رهن ٿيون ته جيئن هو پنهنجي سڄڻن سان ملي سڪ لاهين ۽ خوشيون ڪن.
”سَر نسريا پاند، اتر لڳا آءُ پرين،
مون تو ڪارڻ ڪانڌ، سهسين سُکائون ڪيون.“
    لطيف سائين هڪ سامونڊي عورت جي لفظن ۾ ڪهڙي نه سهڻي نموني ٻڌايو آهي ته هو پنهنجي ڀتار کي ڪيئن ياد ڪندي رهي ٿي ۽ ان ڳڻتيءَ ۾ ڳرندي رهي ٿي ته شال مان به پنهنجي ساٿيءَ کي ياد رهان جيئن مان کيس هر وقت ياد ڪندي رهان ٿي.
”لاهيان جي نه  چتان، الا ان مَ وسران،
مڙهيو منجھاران، جيءُ منهنجو جن سين.“
    آخر ۾ اسان اهو چوڻ ۾ حق بجانب آهيون ته شاهه لطيف فلسفي خيالن جي اڏام ۽ آفاقي قدرن جو صاحب آهي، ڪالرج ۽ هيمنگوي کان سامونڊين جي زندگيءَ ۽ رهڻي ڪهڻي پيش ڪرڻ ۾ ڪافي اڳ ڀريو آهي، فرق صرف اهو آهي ته انگريزي ٻوليءَ جي ڪري هو دنيا جي سڀني قومن ۾ ڄاتا ۽ سڃاتا وڃن ٿا جڏهن ته شاهه لطيف تي اسان وٽان ايترو ڪم نه ٿيو آهي جو عالمي ادب ۾ کيس اعلى ڪري ليکيو وڃي۔


No comments:

Post a Comment