رياض عمراڻي
شاهه لطيف جي ڪلام ۾
مهذب سماج جي اڏاوت جو فلسفو
هلو هلو
ڪورئين، نازڪ جنين نينهن،
ڳنڍين
سارو ڏينهن، ڇنڻ مور نه سکيا.
دنيا اندر، وڌندڙ بدامني، قتل
غارت جي ڪري امن سخت متاثر ٿي رهيو آهي، هر هڪ دل جُهري پيئي آهي ۽ هر اک پاڻيءَ
جي بدران رت ڳاڙي رهي آهي. امن ۽ پيار جي بهار واري رُت، تي پِيلا ۽ ڳاڙها گلاب
سرجي رهيا آهن. موتيي جا اڇا گُل به ڪنهن مذهب جي امن ڀريي پيغام جي عڪاسي ڪري
رهيا آهن.
خالقِ ڪائنات انسان کي سمجهائڻ
لاءِ آسمان جو رنگ ئي نيرو ۽ آسماني رکي ڇڏيو آهي.
سڄي دنيا، آسماني ۽ اڇو رنگ
امن، آشنا ۽ ڀائيچاري جي نشاني طور سڃاتا وڃن ٿا. مهذب، بااخلاق، سڌريل ۽ ترقي
يافته قومن ۾ اڇو ڪبوتر به امن جي نشاني طور فضا ۾ اڏاريو ويندو آهي. حضرت شاهه
عبداللطيف ڀٽائي رحه پنهنجي ڪلام ۾، ڪونج پکين جي پيار، پريت، گڏيل سفر واري
جدوجهد کي هن طرح سان پيش ڪيو آهي.
وڳر
ڪيو وتن، پرت نه ڇنن پاڻ ۾،
پسو
پکيئڙن، ماڻهان ميٺ گهڻو.