تحرير: ائنميري شمل
ترجمو: علي احمد بروھي
شاھه عبداللطيف جو سُر سارنگ
ارنيسٽ ٽرمپ، جيڪو ھڪ جرمن صاحب علم، علم لغت جو بھترين ماھر ۽ مبلغ ھو، تنھن شاه جي اولين ڇپيل رسالي جي ديباچي ۾ ڪتاب جون وصفون بيان ڪندي لکيو آھي:
”ھر جفاڪش طالب علم کي سندس محنت جو مناسب عيوضو ھن طرح حاصل
ٿيندو، جو کيس ڪيترن حسين ۽ پرلطف فقرن سان آشنائي ٿيندي، جي کيس ھر ھنڌ منھن
مقابل ٿيندا رھندا.“
ٽرمپ
جي اھا فتويٰ ھن ڪري بھ زياده اھميت رکندڙ آھي، جو ھو ھڪ عيسائي مبلغ ھو ۽ صوفي شاعري
۽ فڪر تھ درڪنار، پر ھو غير ڪرستاني مذھبي شاعريءَ ۾ بھ ڪا دلچسپي رکندڙ نھ
ھو. برعڪس ان جي ھن پنھنجي ھڪ مضمون ۾ تصوف خلاف ڪافي ڇوھھ ڇنڊيا آھن.
ان کان ڪجھھ عرصو اڳ، سر رچرڊ برٽن طرفان شاه عبداللطيف جي شاعريءَ متعلق
ساراه ڪئي ويئي ھئي ۽ نھايت سلوڻن لفظن ۾ اظھار خيال ڪندي چيو ھيائين تھ:
”ڏسجي ائين پيو تھ صوبي سنڌ جي ھر ھڪ باشندي کي شاه جي بيتن جي پوري ڄاڻ سڃاڻ
آھي ۽ جڏھن ڪو ڪڙمي ٻنيءَ کي کيڙيندي، اڪيلو ھر پٺيان ٿي ھليو، تڏھن بھ
شاه جا ڏوھيڙا ٿي آلاپيندو رھيو.“
ان زماني کان ھڪ صدي بعد، جڏھن ٽرمپ صاحب رسالي جو مشھور معروف جلد مرتب ڪيو ۽ سنڌي زبان ۽ ادب بنسبت سندس مطالع ۽ مضمون جاري رھيا، جنھن سلسلي جو ڇيھ وڃي 1872ع ڌاري سنڌي زبان جي گرامر جي اشاعت ۾ ٿيو، اڻ ڳڻيا ڪتاب ۽ بي انداز مضمون، شاه جي پوئلڳن يا عاشقن، ھندو خواه مسلمانن طرفان لکيا ويا ۽ سندس ڪلام کي ڪئين ڀيرا سلجھايو ۽ سھيڙيو ويو آھي، ان کان علاوه رسالي جو اردو ترجمو پڻ ڪيو ويو آھي. باقي انگريزي ۽ جرمن ٻولين ۾ ان جا ڪجھھ حصا ترجمو ڪيا ويا آھن. مغربي دنيا ۾ عام پڙھندڙن لاءِ، ھن موضوع تي فقط ھڪ عالمانھ ۽ مڪمل ڪتاب موجود آھي، جو ڊاڪٽر سورلي جي تصنيف آھي، جنھن ۾ شاه جي زندگي ۽ سندس ڪلام جي پس منظر جو بھترين مطالعو ڏنل آھي. تاھم بھ منھنجي خيال مطابق، ھر ھڪ ماڻھو پير حسام الدين شاه راشديءَ سان شامل راءِ ٿيندو، جنھن رسالي جي منظوم اردو ترجمي جي مھاڳ لکندي ھن خيال جو اظھار ڪيو آھي تھ: ”اسان جو شاعر توڙي جو ڄم جي لحاظ کان سنڌي آھي ۽ اسان جي ملڪ جو فخر آھي، تڏھن بھ ھو مشرق خواه مغرب ٻنھي خطن لاءِ برابريءَ جو حق رکندڙ آھي ۽ ان ڪري اھو بلڪل بجا ٿيندو تھ سموري دنيا جا اھل دل انسان ساڻس سڪ ۽ الفت رکن.“ لکي ٿو ته:
شاه محض سنڌ يا سنڌي زبان جو عظيم شاعر نھ آھي، ليڪن
سندس شخصيت عالمگير نوعيت جي آھي. زبان ۽ ڄم جي مدنظر جيتوڻيڪ سنڌ
کي شاه جي طفيل لافاني شرف ضرور حاصل آهي، ليڪن دراصل سندس ذات ۽ پيغام
نھ ڪنھن خاص اراضيءَ جي ملڪيت آھن ۽ نھ ڪنھن مخصوص طبقي جي ميراث؛ ھو پوري
انساني برادريءَ جو ورثو آھي ۽ سندس پيغام ھر اھل دل انسان جي روح ۽ فڪر لاءِ
تقويت ۽ تسڪين جو باعث آھي؛ پوءِ چاھي ڪو مشرق جو باشندو ھجي يا ڪنھن جي
جاءِ رھائش مغرب ۾ واقع ھجي.“