محمد
ابراهيم جويو
شاهه لطيف: سنڌ جو روح ــ سنڌ جو ساهه!
هونءَ ته هر ماڻهو
پنهنجي وطن سان ۽ ان جي هر ڪنهن شيءِ سان اٿاهه محبت ڪندو آهي. ائين شاعر به ماڻهو
آهي، جيڪو ماڻهن وچ ۾ ئي رهي ٿو ۽ ٻين وانگي هو پڻ پنهنجي وطن سان ۽ ان جي هر
شيءِ، اهڃاڻ، نشان توڻي لقاءَ سان اڻ مئي محبت ڪري ٿو. ان هوندي به، هڪ عام
ماڻهوءَ ۽ هڪ شاعر ۾ فرق ضرور هوندو آهي. شاعر کي پنهنجيءَ حب الوطنيءَ جي بنهه
سهڻي، اثرائتي ۽ من موهيندڙ انداز ۾ اظهار ڪرڻ جي سگهه مليل آهي، جنهن کي شاعراڻي
ڏات چئبو آهي. گهڻي ڀاڱي دنيا جا وڏا شاعر پنهنجي وطن سان پنهنجي حب ۽ اُنس جو
اظهار ڪندا آيا آهن. دنيا جي عظيم شاعرن منجهان ڪو به هڪڙو اهڙو ناهي، جنهن پنهنجي
وطن جي وڏائيءَ ۽ عظمت جا گيت نه ڳايا هجن ۽ ان کي پنهنجو شاعراڻو خراج تحسين پيش
نه ڪيو هجي. لطيف به انهن شاعرن منجهان هڪ آهي، هن پنهنجي ديس کي نهايت نماڻي، نهٺي
۽ لطيف انداز ۾ خراج تحسين پيش ڪيو آهي:
سائينم سدائين ڪرين، مٿي سنڌ سُڪارَ،
دوست مٺا دلدارَ، عالمَ سڀ آباد ڪرين!