شاهه جو رسالو

Thursday, 22 January 2015

صنفي حساسيت ۽ لاکيڻو لطيف ــ پروفيسر امير گل ڪوٽهار (Prof. Ameer Gul Katohar)



پروفيسر امير گل ڪٽوهر
صنفي حساسيت ۽ لاکيڻو لطيف
Gender Sensitization & Latif

جنس مردن ۽ عورتن ۾ بائلاجيڪل فرقن کي ظاهر ڪندو آهي جڏهن ته صنف سماج ۾ جنس جي بنياد تي مردن ۽ عورتن جي ڪردار ۽ ڪم ڪار کي ظاهر ڪندو آهي. جنس قدرت طرفان مليل وصف آهي جنهن کي مٽائي ڪونه ٿو سگھجي جڏهن ته سماج اندر ڪردار جي حوالي سان جوڙيل قانون اسان انسانن جا آهن. ان ڪري انهن ۾ وقت ۽ حالتن جي مدنظر ڦير گھير ٿيندي رهندي آهي. هڪ وقت هيو جڏهن پوري دنيا تي عورتن جو راڄ هوندو هيو جنهن کي مدري دؤر جي نالي سان ياد ڪيو ويندو آهي. اهو دؤر صدين تائين هلندو رهيو ۽ ان کان پوءِ پدري دؤر آيو جنهن ۾ مردن جي بالادستي قائم ٿي. اهو دؤر اڄ به هلندڙ آهي. مردن ۽ عورتن جي ۾ جيڪڏهن ڪو وڏو فرق آهي ته اها سندن جسماني بناوٽ ئي آهي. پر اسان وٽ ڪيئي ڳالهيون ڀٿر تي ليڪ ڪري سمجھيون وينديون آهن. خاص طور تي مذهبي بنياد پرست عورتن جي حقن جا سخت مخالف آهن. ”ڊيموڪريٽڪ ڪميشن فار هيومين ڊويلپمنٽ“ پاران ڇپرايل ڪتاب “رواداري” ۾ وجاهت مسعود پنهنجي مضمونبنياد پرستي ڇا آهي؟” ۾ صنفي متڀيد متعلق مذهبي بنياد پرستي جي حوالي سان لکي ٿو ته “مختلف مذهبي روايتن سان واسطو رکندڙ بنياد پرست صنفي برابري جي اصولن جي هڪجهڙائي شد و مد سان مخا لفت ڪندا آهن. صنفي ۽ توليدي حقن جي باري ۾ هڪجهڙائي رجحان رکندا آهن ۽ پاڻ ۾ گوناگون اختلافن جي باجود سڀئي بنياد پرست گروهه عورتن کي مردن کان ڪمتر سمجھندا آهن.

لاثاني/لافاني ۽ پراسرار ڪلام​ ــ ج.ع.منگهاڻي



ج.ع.منگهاڻي

لاثاني/لافاني ۽ پراسرار ڪلام

سنڌ ۾ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي ڏات ۽ ڏانءَ تي جيترو لکيو ويو آهي شايد ئي ٻيو ڪنهن تي لکيو ويو هجي.
ان جي باوجود، ‘شاهه جو رسالو’ اڄ به ساڳي ئي شروعاتي دؤر ۾ جيئن جو تيئن ‘مٽ’ ۾ پيو آهي. ‘گنج، سميت ڪيترائي قلمي، دستخطي ۽ ڇاپي نسخا ميدان ۾ نروار ٿيا. بيتن ۽ واين جو تعداد گهٽ وڌ ٿيندي رهيو. زيرون، زبرون ۽ پيش بدلجندا، هيٺ مٿي ٿيندا رهيا. پر پراسرار لطيف جو پُراسرار ڪلام پراسرار ئي رهيو.
ايئن چوندي/لکندي ڪنهن به ٻني بشـر جي نيتن تي شڪو شڪ اٿم نه ئي انهن جي محنتن ۽ محبتن کان انڪاري آهيان. ڳالهه آهي لطيف پاڪ جي ڪلام جي واضح ۽ درست صورت اڳيان اچڻ جي، جيڪا اڃا تائين واضح ۽ درست اڳيان اچي نه سگهي آهي.
محنتون ۽ محبتون پنهنجي جاءِ تي، انهن جو قدر ڪرڻ به ضروري آهي/ڪرڻ گهرجي. ڊاڪٽر گربخشاڻي صاحب پڻ محنت ۽ محبت ڪا گهٽ نه ڪئي هئي. پر سندس انهن محنتن ۽ محبتن جي باوجود تڏهن کان ئي سندس ئي دؤر ۾، سندس ئي همعصر لطيف جي هڪ عاشق محترم ڀيرومل مهرچند آڏواڻي صاحب نه رڳو سندس محنتن ۽ محبتن تي تلخيءَ سان منڌيئڙو ڦيرايو هو پر هُن مٿس ڪئين شڪ به ڪيا هئا

Wednesday, 21 January 2015

شاهه ۽ جماليات ــ ڊاڪٽر شير مهراڻي Dr. Sher Mehrani



ڊاڪٽر شير مهراڻي
شاهه ۽ جماليات


ڪنهن به شيءِ جي خوبصورت هجڻ يا خوبصورت لڳڻ کي ان شيءَ جي سونهن يعني  Beauty ڪوٺجي ٿو. لفظ “بيوٽي”  اينگلو لفظ “بيوٽ” مان نڪتل آهي، جيڪو پراڻي فرانسيسي لفظ “بيلٽ” يا “ بيلٽٽ” مان ورتل آهي يا ڪجهه ڏاهن موجب لفظ ‘بيوٽي’ لاطيني لفظ “بيليٽاس” مان ورتل آهي؛ جنهن مان “حسين حالت” جي معنيٰ ورتي ويندي هئي. يا وري لاطيني لفظ  “بيلس” بيوٽي جو اصل اوريجن سمجهيو وڃي ٿو، جنهن جي معنيٰ آهي خوبصورت يا وڻندڙ. اهو لفظ ڪلاسيڪي لاطيني ٻولي ۾ ٻارڙن ۽ عورتن جي سونهن لاءِ ڪتب آندو ويندو هو. بيوٽيشن جو اصطلاح پهريون ڀيرو 1924ع ۾ عورتن کي وڌيڪ خوبصورت بڻائيندڙن لاءِ استعمال ڪيو ويو.
“... This term (beautiful) was used in classical Latin especially for women and children…The term “beautician” were first recorded in 1924.” [1]

وِهين ۽ ويلا ڪرين، پڇين ٿي پانڌي ــ نصير مرزا Nasir Mirza



نصير مرزا

وِهين ۽ ويلا ڪرين، پڇين ٿي پانڌي،
هارِي هيڪاندِي، ڪنهن پَرِ ٿيندينءَ هوت سين؟

لطيف“ لفظ جو لطف ڀريو اچار، اول ڪهڙي هستيءَ جي مبارڪ لبن تي آيو؟ سرڪار سخي هاشم شاهه جرار پوٽي جي مهربان ۽ مبارڪ چپن تي، ۽ اها ڳالهه هتي آئون پنهنجي پاران ۽ دليون جوڙي ڪونه پيو لکان، سرڪار ڀٽائي گهوٽ جو اهو اسم مبارڪ، سندن ولادت باسعادت کان اڳ ئي سخي هاشم شاهه تجويز فرمائي ڇڏيو هو ۽ اهڙي تذڪري سان تاريخ جا ڪتاب ڀريا پيا آهن، فرمائيندا هئا جيئن ”حبيبلفظ ۽ ”محبت“ ۾ چار حرف آهن، اسان انهن ئي چئن حرفن وارو اهو لفظ ”لطيفشاهه حبيب جي نومولود فرزند لاءِ محبت سان چونڊي رکيو آهي، چون ٿا، هر جمعي جي رات سرڪار شاهه حبيب، هالا حويلي مان هلي سخي هاشم شاهه جي خدمت ۾ اچي حاضر ٿيندا هئا ۽ پٽ لاءِ کين دعا لاءِ عرض ڪندا هئا، روايتن ۾ آهي ته شاهه حبيب سائين، سخي هاشم شاهه جي قدم بوسيءَ لاءِ ايندا هئا ته، پاڻ کين ويٺي ويٺي ئي حب مان هٿ ڏيندا هئا، پر روح رهاڻ بعد کانئن موڪلائي جڏهن شاهه حبيب سائين اٿي روانا ٿيندا هئا ته سندن پويان سخي هاشم سرڪار، يڪلخت ادب سان اٿي بيهي رهندا هئا، تڏهن پڇڻ واري کانئن معلوم ڪيو ته سرڪار !! هيءَ ڇا ماجرا؟ تنهن تي پاڻ فرمائيندا هئا شاهه حبيب جي پٺ مان جيڪو ”لطيفاچڻ وارو آهي، اسين ان جي ئي آجيان لاءِ اٿي ٿا بيهون، چون ٿا ته پهرئين رجب سن 1102 هجري تي، ڀٽ ڌڃاڻيءَ جي هنج ۾ هالا حويليءَ اندر شاهه لطيف جڏهن اکيون کوليون ته شاهه حبيب سائين، راڄن تي پتاشن جا مينهن وسايا ۽ مريدن، مشڪ عنبر جا مهڪندڙ ٻڙا ملڪان ملڪ ورهايا، گويا:
کٿوري خوشبوءَ سين، هاريائون هٽ هٽ ميان

Tuesday, 20 January 2015

ڀٽائي گهوٽ جي سُر سارنگ جو مُطالعو ــ ڊاڪٽر نواز علي ”شوق“ Dr. Nawaz Ali Shouk



ڀٽائي گهوٽ جي سُر سارنگ جو مُطالعو

سارنگ سنسڪرت زبان جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي مور جي ٻولي. ان کان علاوه هڪ راڳڻيءَ جو به نالو آهي. سنپورڻ راڳ جي قسمن مان هڪ آهي. هڪ راڳڻيءَ جا سُر حقيقي معلوم ٿيندا آهن. هيءُ راڳ ٻن پهرن جو ڳايو ويندو آهي. شاسترن ۾ هيءُ هڪ ڀلارو راڳ ڄاڻايو ويو آهي. هي معنائون شبد ساگر (هندي ڊڪشنري) ۽ جان پليٽس جي هندستاني انگريزي ڊڪشنري ۾ ڄاڻايل آهن. هندي جي مشهور ڊڪشنري ”شبد ساگر“ ۾ سارنگ جي معنيٰ ميگهه، بادل ۽ کنوڻ پڻ ڄاڻايل آهي. موسيقيءَ جي ماهرن جو چوڻ آهي ته هن راڳ جي ڳائڻ سان مينهن وسندو آهي. واقعي اها هڪ حقيقت آهي، ڇاڪاڻ ته جن ڪنور جو راڳ ٻڌو، تن جو چوڻ آهي ته ڪنور جڏهن سارنگ ڳائيندو هو ته آسمان تي ڪڪر ڇانئجي ويندا هئا ۽ مينهن وسڻ لڳندو هو.

شاهه جو رسالو ـــ معياري متن




شاهه جو رسالو ـــ معياري متن
 (جلد پهرئين جو تحقيقي جائزو)


تحقيق جي حوالي سان ”شاهه جو رسالو“ ڪيتري ئي عرصي کان وٺي تنازع جو باعث پئي رهيو آهي. ڪن مـؤلفن جو خيال ته فلاڻو بيت شاهه جو نه آهي ته ڪي وري چون ته اهو بيت رسالي مان خارج ڪرڻ گهرجي جو اهو شاهه جي معيار کان گهٽ آهي. ڪي چون ته ان ۾ سلوڪ واري معنيٰ ناهي ته ڪن جو وري خيال ته انهن بيتن جي تشريح اسلامي تصوف مطابق نه ڪئي ويئي آهي. ان طرح هر عالم پنهنجي زاويي کان رسالي تي تحقيق ڪري اُن کي مرتب ڪيو آهي، جنهن تي پوءِ ڪانه ڪا تنقيد ٿيندي رهي آهي، جنهن مان چٽيءَ طرح سان معلوم ٿئي ٿو ته هر ڪو مـؤلف بنيادي طرح سان ٻين رسالن جي ترتيب کان مطمئن نه هو، جنهن جي ڪري وقت به وقت مختلف مـؤلفن پنهنجي حساب سان شاهه جو رسالو ترتيب ڏيئي شايع پئي ڪيو آهي.