واحد پارس هيسباڻي
لطيف
انسانيت جو شاعر
هن تنگ نظري، مفادپرستي، نفسانفسي
واري دور ۾ اسين جڏهن لطيف سائين جي شاعري پڙهون ٿا ته ان ۾ انهن سمورين خرابين ۽
منافقتن جو رد ملي ٿو. لطيف اسان جي اڳيان انسانيت جي شاعر جي صورت ۾ سامهون اچي
ٿو، جنهن وٽ صرف ۽ صرف پيار جي ٻولي آهي، هن وٽ صرف ۽ صرف ڳنڍڻ جي ڳالهه آهي، ڪٿي
به ڇنڻ جي ڳالهه نه ٿو ڪري:
ڳنڍين سارو ڏينهن ڇنڻ مور نه سکيا.
هو نهائين کان نينهن سکڻ جي ڳالهه ڪري ٿو:
نهائينءَ کان نينهن سک منجهان سپرين،
سڙي سارو ڏينهن ٻاهر ٻاڦ نه نڪري.
ڀٽائي پوري رسالي ۾ انسانيت سان پيار
جي ڳالهه ڪري ٿو. هي جڏهن دعا لاءِ هٿ کڻي ٿو ته سنڌ سان گڏ پوري عالم لاءِ دعا
ڪري ٿو، جيڪا ڳالهه کيس عالمي سطح جي شاعر واري صورت ۾ سامهون آڻي ٿي.
سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
دوست تون دلدار عالم سڀ آباد ڪرين.
لطيف جي شاعري ۾ ڪٿي به تنگ نظري جو
هڪ اکر به نظر نه ٿو اچي بلڪه هن جي سٽ سٽ تنگ نظري کي نندي ٿي. ان کان وڌيڪ سندس
ڪشاده دلي جو ٻيو ڪهڙو مثال ٿي سگهي ٿو ته سهڻي سندس سورمي آهي، جنهن کي هن دل
کولي داد ڏنو آهي، اها سورمي جيڪا پاڻ واري سماج جي ريتن رسمن کي ٽوڙي درياهه پار
ڪري پنهنجي محبوب سان ملي ٿي.
سياري سه رات ۾ جا گهڙي وسندي مينهن،
هلون ته پڇون سهڻي، جا ڪر ڄاڻي نينهن،
جنهن کي راتو ڏينهن، ميهار ئي من ۾.
هو نه رڳو سهڻي جي جرئت ۽ همت کي ڳائي
ٿو، سندس سچي پيار کي سلام پيش ڪري ٿو، پر ان درياهه تي قيامت جي ڏينهن دانهڻ جي
ڳالهه پڻ ڪري ٿو، جنهن سهڻي کي ٻوڙيو.
ڪنڌي جهليو ڪانهن، عاشق اڀو آهون ڪري،
تو ڪئين ٻوڙي سهڻي؟ ٻيلي منهنجي ٻانهن،
درياهه توتي دانهن، ڏيندس ڏينهن قيام جي