شبنم گل
ڀٽائي، احساساتي
سگهه جو ڪِيٽس کان به وڏو شاعر
جڏهن شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعري انگريز شاعرن
جي شاعري سان ڀيٽيون ٿا ته شاهه سائين موضوع، گهرائي، ٻوليءَ جي نج پڻي ۽ صوفياڻي
مزاج ۾ کانئن گهڻو مٿاهون نظر اچي ٿو. شاهه سائين احساساتي شاعر آهي، سندس شاعري ۾
منظر، آواز، فطرت جي موسيقي ۽ راڳ جي سونهن محسوس ٿئي ٿي. لفظن پڙهڻ سان ذهن ۾ ان
منظر جي تصوير اچي وڃي ٿي. حسياتي شاعريءَ ۾ ادراڪي ڪيفيت نمايان طور ملي ٿي.
انگريزي جي رومانوي شاعرن ۾ جان ڪيٽس اهو منفرد شاعر آهي، جنهن کي حسياتي شاعر
سڏيو وڃي ٿو. هو احساس وسيلي زندگي، فطرت ۽ ڪائنات جي چرپر گهرائيءَ سان محسوس ڪري
ٿو. ڪيٽس 1795ع ۾ انگلينڊ ۾ پيدا ٿيو، سندس والدين ننڍپڻ ۾ فوت ٿي ويا هئا. ان
احساس محرومي جو اثر هن جي شخصيت تي سڄي ڄمار رهيو. ڪيٽس ٻن ڀائرن جارج ۽ ٽام جي
گهڻو ويجهو هو. سندس لکيل نظمن Ode on Grecian Urn, Ode to Autumn ۽ Ode to
Nightingale تمام گهڻي شهرت ماڻي. سندس شاعريءَ
جو عرصو محض پنجن سالن تائين محدود رهيو. ڀاءُ ٽام جي موت ۽ محبوبه فيني بران سان ناڪام
عشق جي ڏک ڪيٽس جي شاعري لازوال بڻائي ڇڏي. کيس نوجواني ۾ تپ دق جي بيماري وڪوڙي
ويئي. ڪيٽس جنهن طريقي سان غم سان رومانس ڪري ٿو، ان جو ذڪر ٻئي انگريزي شاعر وٽ
نه ٿو ملي. توڙي جو هن جي همعصرن ورڊز وَرٿ، شيلي، بائرن، ڪولرج، رابرٽ برائوننگ ۽
ٽيني سَن خوبصورت نظم تخليق ڪيا آهن، پر ڪِيٽس واري تڙپ ۽ درد جي گهرائي ٻئي ڪنهن
شاعر وٽ نه ٿي ملي.
Ode to Nightingale ۾ هو چوي ٿو ته:
My heart aches, and a drowsy numbness pains my
sense,
As though of hemlock I had drunk
Or emptied some dull opiate to the drains,
One minute past, and Lethe–wards had sunk.










