ڊاڪٽر شازيه سفير
شاهه لطيف رحه جي شاعريءَ ۾ درد جو ڪارج
هيءَ ڪائنات
مخالف قوتن تي مشتمل آهي ۽ شايد ان ڪري ئي توازن ۾ آهي. ڪُل ڪائنات سان گڏ هڪ
انسان جي ننڍڙي ڪائنات ۾ به اها ساڳي رنگا رنگي نظر اچي ٿي، سندس جذبن، احساسن ۽
عملن ۾ هڪجهڙائي نه ٿي هجي. ڪڏهن من ماڪوڙي آهي ته ڪڏهن ڪيهر شينهن! جتي اميد آهي
اُتي اناميد نه آهي، محبت، نفرت، ڪاميابي ناڪامي سڀ هر ماڻهوءَ جا تجربا آهن. ساڳي
وقت خوشي ۽ غم يا ڏک ۽ سُک به زندگيءَ سان وابسته آهن. درد ڇا آهي؟
تجربا آهن.
نفسيات جي ماهرن ان کي اڻ وڻ وڻندڙ احساس چيو آهي جيڪو جسماني به هوندو آهي ته
جذباتي به بهرحال درد حقيقت آهي، ان حقيقت جو مقابلو ڪرڻ جو رويو هر ڪنهن جو مختلف
هوندو آهي. ڪي ڏيهه کي ڏيکاريندا آهن ته ڪي وري لوڪان لڪي پيا سهندا آهن. اهو ته
عام ماڻهن جو درد جو مقابلو ڪرڻ جو طريقه ڪار آهي، پر دنيا جي ڏاهن، عالمن، اڪابرن
۽ اديبن به ان حوالي سان مختلف رايا ڏنا آهن، ڪن ”سر وم دکم دکم“ جي ڳالهه ڪئي
آهي، ڪن زندگيءَ کي سزا ڪوٺيو آهي، ته ڪن لاءِ وري ڏک سکن جي سونهن آهن، اسان جو
ڀٽ ڌڻي اميد جو شاعر آهي. سندس اک خوبصورت آهي جيڪا حُسن ئي حُسن پئي پسي، سندس
لاءِ راڻو ئي راڻو آهي. ريءَ راڻي ٻيو ڪجهه به نه آهي، هو اسان کي درد ۾ پريشان يا
مايوس ٿيڻ بدران ان جي دوا ڪرڻ سيکاري پيو، ڇاڪاڻ ته ان مان ئي چڱائي حاصل ٿئي ٿي.
اگهي اگهائي، رنج پريان کي رسئو،
چکيم چڱائي، سورانگهي سُوري تان.
(ڪلياڻ_ د: 2)