شاهه جو رسالو

Tuesday, 23 October 2018

شاهه لطيف رحه جي شاعريءَ ۾ درد جو ڪارج ڊاڪٽر شازيه سفير (Dr.Shazia Safeer)

ڊاڪٽر شازيه سفير

شاهه لطيف رحه جي شاعريءَ ۾ درد جو ڪارج
          هيءَ ڪائنات مخالف قوتن تي مشتمل آهي ۽ شايد ان ڪري ئي توازن ۾ آهي. ڪُل ڪائنات سان گڏ هڪ انسان جي ننڍڙي ڪائنات ۾ به اها ساڳي رنگا رنگي نظر اچي ٿي، سندس جذبن، احساسن ۽ عملن ۾ هڪجهڙائي نه ٿي هجي. ڪڏهن من ماڪوڙي آهي ته ڪڏهن ڪيهر شينهن! جتي اميد آهي اُتي اناميد نه آهي، محبت، نفرت، ڪاميابي ناڪامي سڀ هر ماڻهوءَ جا تجربا آهن. ساڳي وقت خوشي ۽ غم يا ڏک ۽ سُک به زندگيءَ سان وابسته آهن. درد ڇا آهي؟
تجربا آهن. نفسيات جي ماهرن ان کي اڻ وڻ وڻندڙ احساس چيو آهي جيڪو جسماني به هوندو آهي ته جذباتي به بهرحال درد حقيقت آهي، ان حقيقت جو مقابلو ڪرڻ جو رويو هر ڪنهن جو مختلف هوندو آهي. ڪي ڏيهه کي ڏيکاريندا آهن ته ڪي وري لوڪان لڪي پيا سهندا آهن. اهو ته عام ماڻهن جو درد جو مقابلو ڪرڻ جو طريقه ڪار آهي، پر دنيا جي ڏاهن، عالمن، اڪابرن ۽ اديبن به ان حوالي سان مختلف رايا ڏنا آهن، ڪن ”سر وم دکم دکم“ جي ڳالهه ڪئي آهي، ڪن زندگيءَ کي سزا ڪوٺيو آهي، ته ڪن لاءِ وري ڏک سکن جي سونهن آهن، اسان جو ڀٽ ڌڻي اميد جو شاعر آهي. سندس اک خوبصورت آهي جيڪا حُسن ئي حُسن پئي پسي، سندس لاءِ راڻو ئي راڻو آهي. ريءَ راڻي ٻيو ڪجهه به نه آهي، هو اسان کي درد ۾ پريشان يا مايوس ٿيڻ بدران ان جي دوا ڪرڻ سيکاري پيو، ڇاڪاڻ ته ان مان ئي چڱائي حاصل ٿئي ٿي.
اگهي اگهائي، رنج پريان کي رسئو،
چکيم چڱائي، سورانگهي سُوري تان.
(ڪلياڻ_ د: 2)

لطيف سائين جي فلسفي کي ڪيئن سمجھجي؟ غلام رسول چانڊيو (Ghulam Rasool Chandio)

غلام رسول چانڊيو

لطيف سائين جي فلسفي کي ڪيئن سمجھجي؟

حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو سمورو ڪلام سون آھي، جنھن ۾ ڪائنات جي سمورين حسناڪين سميت انساني سماج جي اھڙي ته خوبصورت اڏاوت ٿيل آھي جو جيڪڏھن ان تي عمل ڪجي ته ھوند ھي دنيا حسين بڻجي پوي، پر بدقسمتي سان اسان لطيف سائينءَ کي ”ڏکيو“ چئي جڏھن پڙھڻ کان ئي پري آھيون ته پوءِ لطيف سائين کي سمجھڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ ته ماڳھين ڏکي ڳالهھ ٿي وئي. اھڙي صورتحال جو نتيجو اھو نڪتو آھي جو اڄ اسان جنھن سماجي حالت تي بيٺل آھيون، اھا انتھائي شعوري ڏڪار جو شڪار آھي ۽ ظاھر آھي ته جنھن سماج ۾ شعور جو ڏڪار ھجي ته پوءِ ان سماج جا ٻيا پاسا به ابتريءَ جو ڏيک ڏيندا ۽ اھو سچ آھي ته اسان پنھنجي جُملي معنائن ۾ تنزليءَ طرف وڌي رھيا آھيون.
لطيف سائين تي جيترو به ڪم ٿيو آھي، اھو مختلف ڌارائن ۾ ٿيو آھي. ظاھر آھي اھڙي صورتحال ۾ ڀٽائي صاحب جو اصل سچ سامھون نه اچي سگھيو آھي ۽ ھر ڪنھن لطيف سائين کي پنھنجي تناظر ۾ ڏٺو آھي يا وري پنھنجون طاويلون ۽ معنائون ڏئي محدود ڪرڻ يا ڪنھن خاص ڌارا ۾ رکڻ جي ڪوشش ڪئي آھي، نتيجي ۾ لطيف سائين جو پنھنجو اصل سچ ماڻھن تائين نه پھچڻ جي ڪري،  ڀٽائي صاحب عقيدن تائين محدود رھجي ويو آھي ۽ ھر ڪنھن ان کي پنھنجي مقصد لاءِ پئي استعمال ڪيو آھي جو اسان وٽ تحقيق جا جديد رجحان اڃان پيدا نه ٿي سگھيا آھن ۽ ٻيو ته سماجي سائنس جي علمن ۾ اسان تحقيق جي سلسلي ۾ غيرجانبدار ٿيڻ ۾ ناڪام ويا آھيون، جنھن جو لازمي نتيجو اھو ئي نڪرڻو آھي جو لطيف سائين يا ته اسان وٽ انقلابي اڳواڻ آھي يا وري ڪنھن خاص مذھبي ڌارا جو ترجمان شاعر بڻيل آھي ۽ ان صورت ۾ اسان جي سماج تمام گھڻو نه رڳي ڀوڳيو آھي، پر لطيف سائين جي سلسلي ۾ گھڻن مونجھارن جو شڪار ھوندي، ماڳھين ڀٽائي کان پري ٿيندو ٿو وڃي، نتيجي ۾ سماجي سطح تي اسان ھڪ خوفناڪ شعوري ڏڪار جي ور چڙھي ويا آھيون

ڪوڙين ڪايائون ـــ ارشاد ڪاغذي (Irshad Kaghzi)

ارشاد ڪاغذي
 ڪوڙين ڪايائون


ڪوڙين ڪايائُون تنهنجون، لِکَن لَکَ هَزار... ( شاه لطيف)
شاهه لطيف (جنم: 1102 هجري بمطابق1689ع ــ وفات: 14 صفر 1165 هجري بمطابق 1752ع) سنڌ جو سدا حيات شاعر سنڌ ۽ سنڌي قوم جو ترجمان ۽ ڪامل رهبر آهي. شاه لطيف پنهنجي شاعري ۾ ڏاهپ جا ڏس ۽ پيار جو پيغام ڏيئي سنڌين کي اڳواٽ ئي تيار ڪيو هو ۽ سوين سال گذرڻ بعد بـ شاه جو سنيهو سچائي، سونهـ جو ساکي ۽ امين آهي. شاه لطيف پنهنجي دور ۽ سنڌي سماج کان بغاوت ڪئي، ان جو مطلب هي آهي تـ ڏاها ۽ انقلابي  پنهنجي سماج سان بغاوت ڪندا آهن ۽ مروج چالو ريتن رسمن جي خلاف باغي بنجي لوڪ کان الڳ پنهنجي واٽ اختيار ڪري سماج ۽ عوام  جي ذهن  ۾ نئون روح ۽ ساه ڦوڪي مئل، مرڻينگ ۽ ويساه وسوڙيل دل، ذهن، ضمير ۾ نئين توانائي، جوش ۽ جذبو پيدا ڪندا رهندا آهن.
اکِ اُلٽِي ڌارِ، وَنءُ اُلٽو عام سين؛
جي لَهِوارو لوڪُ وَهي، تون اُوچو وهُ اوڀارِ؛
منجهان نُوچَ نِهارِ، پُرُ پُٺيرو پرينءَ ڏي.
لطيف سائين بـ اهڙو ڪم ۽ ڪرت ڪيو ۽ اک الٽي ڌاري سموري سنڌي سماج کي بدلائڻ لاءِ پنهنجي پوري حياتي ارپي ڇڏي، ۽ سماج جي غلط ريتن رسمن ۽ رواجن جي خلاف بغاوت جو جهنڊو بلند ڪيو ۽ قوم جي تقدير بدلائڻ لاءِ ڪمر ڪشي هڪ اهڙي واٽ ورتي جيڪا اڳ مروج ڪانـ هئي. مسڪين، پورهيت پنهوارن، ماروئڙن، جانگيئڙن ۽ سانگيڙن جو ڀرجهلو ٿي بيٺو ۽ عوام دوست جي روپ ۾ ظاهر ۽ نروار ٿيو، نـ فقط سماج کي بدلائڻ جو گس ڏنو پر ان جي خلاف جدوجهد ۽ جاکوڙ ڪرڻ، ڄمي مقابلو ڪرڻ ۽ توڙ تائين ويڙه ڪرڻ جو پيغام پڻ ڏنو. اهڙيءَ ريت شاه لطيف سنڌي سماج ۾ نئون ساه وڌو. شاه لطيف املهـ ۽ بي بدل شخصيت ۽ تاريخ جو ست ۽ عرق ۽ نچوڙ آهي. اهڙن مهان ماڻهن جي ساٿ، سنگت، صحبت ۽ اڳواڻي جي ڪري انقلاب جا رستا ۽ راهون روشن ٿيو وڃن.

شاهه لطيف جي ڪلام ۾ جاگرافيائي علامتون ۽ اهڃاڻ ـــــ رضوان گل (Rizwan Gul)

رضوان گل



شاهه لطيف جي ڪلام ۾
جاگرافيائي علامتون ۽ اهڃاڻ

شاهه لطيف جي ڪلام جو مطالعو ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته سندس سمورو ڪلام مختلف علمن جو ڀنڊار آهي، ڀٽائي جي رسالي ۾ جتي ڏاهپ جا ڏس ملن ٿا اتي سندس شاعريءَ مان ڪيترائي اهڙا مثال پيش ڪري سگهجن ٿا جن جو تعلق سائنس جي مختلف علمن ۽ ان جي شاخن (Branches) سان سڌي يا اڻ سڌي ريت ضرور ملندو. هتي سائنس جي صرف هڪ شعبي جاگرافيءَ سان لاڳاپيل بيتن جو ذڪر ڪجي ٿو. جيتوڻيڪ شاهه سائين ڪو سائنسي علمن جو ڄاڻو يا طالبِ علم نه هو پر ان هوندي به سندس مشاهداتي اک جو اهو ڪمال آهي جو هن ڪائنات جي اسرارن کان وٺي سنڌ جي جاگرافيائي بيهڪ تائين ڪيترن ئي موضوعن کي بلڪل ان ئي ريت بيان ڪيو آهي جيئن انهن جو سائنسي تصور پيش ڪيل آهي. اهو محض اتفاق به نه چئبو ڇاڪاڻ ته ڀٽائي زميني خدو خال جي بيهڪ (Topographical Features) ۽ پاڻيءَ واري حصي (Hydrosphere) کان ويندي سنڌ جي جن جاگرافيائي خطن کي الڳ الڳ ڪري بيان ڪيو آهي سو ڪنهن ٻُڌل ڳالهه يا تصور جو ڪمال نه آهي پر اهو سندس ڳوڙهي مشاهدي ۽ عملي جاکوڙ جو نتيجو آهي.

ڀٽائي جي رسالي مان انيڪ بيت پڙهي اسانکي شاهه سائين جي علم جاگرافيءَ سان فطري شناسائي ۽ ويجھڙائي جو اندازو ٿي سگھندو. هن مقالي ۾ شاهه سائين جي اهڙن بيتن کي حوالي طور پيش ڪري رهيو آهيان جن ۾ مختلف جاگرافيائي علامتن ۽ اهڃاڻن جو ذڪر آهي. جن ۾ ماڳ مَڪان، مختلف جاگرافيائي مرحلا، الڳ الڳ وِٿون ۽ ڌاتو وغيره شامل آهن. ڀٽائي پنهنجي ڪلام ۾ ڪٿي انهن ۽ اهڙين شين جي اهميت ۽ افاديت کي اجاگر ڪيو آهي ته ڪٿي وري انهن جاين ۽ وِٿن جو صرف نالو کنئيون آهي.

جاگرافي تمام وسيع علم آهي جنهن ۾ ڪائنات، نظامِ شمسي، گرهه، سج، چنڊ ۽ تارن کان ويندي جبلن، ميدانن، ڍنڍن، درياهن، ٻوٽن، گاهن، جانورن ۽ ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي ۽ آبهوا وغيره جھڙا انيڪ موضوع اچي وڃن ٿا جن جو ذڪر شاهه سائين پنهنجي رسالي جي مختلف سُرن ۾ ڪيو آهي. انهيءَ حوالي سان هن مقالي ۾ مثال طور صرف چند بيت ئي پيش ڪيل آهن، جن مان اسان کي اهو اندازو چڱيءَ ريت ٿي سگھندو ته ڀٽائي جاگرافي جي موضوعن بابت بنيادي ڄاڻ رکندڙ شخص به هيو. ان جو هڪ وڏو سبب اهو به ٿي سگھي ٿو ته هن پنهنجي حياتي جا ڪيئي قيمتي سال سيلاني طور سير سفر ۾ گذاريا ۽ سنڌ جي جاگرافيءَ کي اکين پسيو. هن مقالي ۾ مون شاهه جي ڪلام منجھان جاگرافيائي اهڃاڻن ۽ علامتن کي اجسامِ فلڪي، سنڌ جي طبعي جاگرافي، ڌاتن ۽ پٿرن جو ذڪر، درياهن ۽ واهن جو ذڪر، درياهن جي جانورن، گاهن ۽ ٻوٽن جو ذڪر، ڍنڍن جو ذڪر، ماڳ مڪانن، شهرن ۽ ملڪن جو ذڪر وارن عنوانن ۾ظاهر ڪيو آهي.

Saturday, 6 October 2018

جنين سندو آهين، سي جي چونئي هڙ ــــ فقير حاجن نظاماڻي



فقير حاجن نظاماڻي

جنين سندو آهين، سي جي چونئي هڙ



شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي پيغام جو انداز انتهائي ڏکيو به آهي ۽ تمام آسان به آهي. سائين جي ڪلام ۾ مثال طور پکين جون عادتون، جيتن جون جبلتون، جانورن جي نسلن جو مثال، انساني حيات سان ملائڻ جو انداز تمام گهڻو خوبصورت آهي. جيئن سائين جو پيار ۽ محبت سان سمجهائڻ آهي ان کي انساني جبلتن ۽ عادتن سان ملائي سمجهائين ٿا. جيئن سائين هن بيت ۾ نانگ جي باري ۾ فرمائين ٿا ته.
ڪاريهر ڪر مهڻون، اڻ لتاڙيون نه کاءِ
جي ڏمرجي ڏنگ هڻي جهاڙو ڌلي نه جاءِ
مادر تنهن مٿاءِ هڻي هٿ ڳلن کي
ڪاريهر يعني ڪاري نانگ جي باري ۾ سائين جن فرمائين ٿا ته ڪاري جي ڪر يعني خاندان کي مهڻون آهي ته هو ڪنهن کي لتاڙڻ کانسواءِ ڏنگ نه هڻندو آهي. جيڪڏهن ان کي ڪنهن لتاڙيو يا تنگ ڪيو ته ڦيڻن وارن جي جاءِ ناهي، يعني علاج جي حاج کان هو ناقص ئي ويندو، يعني هو لاعلاج ٿي ويندو. مري ويندو. پوءِ صرف ماءُ ان جي ڳلن کي هٿ هڻي ٿي سگهي. يعني اولاڻو ڏئي روئڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي ٿي سگهندو.
لطيف سائين جن جانور جي جبلت جي باري ۾ ٻڌائي ٿو ته جانور گڏهه جي ڪهڙي حالت آهي. اُن جي عادت ڪهڙي آهي. اوهان جو سلوڪ ان سان ڀلي ڪهڙو به ڇو نه هجي اُن جي عادت تي اوهان اثرانداز نٿا ٿي سگهو. جانور ته جانور پر لطيف سائين جيتن جي خصلتن جو پڻ پيارو مطالعو ڪيو ۽ اسان کي سڌو رستو ڏنو آهي.
کر کي کستوري، ٻانهون ٻڌي چار
پنهنجي پسوري، ليٽي ڏيکاريندو لِڏ ۾

Friday, 5 October 2018

سُر بسنت جو فلسفو ـــ استاد لغاري Ustad Lighari

استاد لغاري

سُر بسنت جو فلسفو


”بسنت“ سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي ”بهار جي موسم“ يا ”گُلابي رُت“. هي شاھ جي رسالي جو تر و تازه ۽ گل و گلزار سُر آهي، جنهن ۾ کٽڻهار کڙڻ ۽ ڳوريءَ پاران ڳهڻا پائي، سورنهن سينگار ڪرڻ جو سمو سمايل آهي. اُن کان علاوه انگورين ۽ ڪيتڪين جو ڪرھ ڪڍڻ، اوڀڙ جو اُڀرڻ، اوڌاڻ جو اُڌمڻ، باغن پاران بوند مڪڻ، ڀئونرن جو ڀنڀولجڻ، ڀئونر جو وڻن ۾ واس وٺڻ، ٽارڙين جو موڙ ٻڌي مورجڻ، پُراڻن پنن جو ڇڻي پٽ پوڻ، رسيليءَ رُت جو رسڻ، سڄڻن جو ٻانهُن ۾ ٻکجڻ، سُڪن جو سائو ٿيڻ، ڦڳڻ ماھ ڦلارجڻ، کٿوريءَ خوشبوءِ ٿيڻ، گئونچن جو گلارجڻ، لال گلن جو لالائجڻ، محبن جو مڙڻ، وڻن مٿي چهن ۽ چوٽين جو چمڪڻ جهڙا، روح کي راحت ۽ من کي معطر ڪرڻ وارا مذڪور محفوظ ٿيل آهن. هن سُر جي مکيه موضوع ۾ لکيل آهي ته ”رُتيون ته سڀيئي سهڻيون ۽ ڀليون آهن، پر بسنت جي برابر ڪا ئي رُت ڪانهي. جيڪي وڻ پاري ۽ سِيءُ صفا ساڙي ڇڏيا هئا، انهن جي مٿان گل ڦٽي نڪتا آهن. کٿوريءَ خوشبوءِ ٿي ويئي آهي ۽ اچي ڀئونر ڀريا آهن. ”ڏتو“ چوي ٿو ته مون کي محب اچي مليا آهن، هاڻي منهنجا سمورا ڏک ۽ ڏولاوا ڏور ٿي ويا آهن“.
راڳ جي لحاظ سان، هن سُر جو صحيح نالو ”بسنت“ آهي. هي سُر گھڻي عرصي کان وٺي، شاھ جي راڳ ۾ ڪو نه ٿو ڳائجي، البت ”سنڌي بسنت راڳني“ ۾، ڪي ڪافيون ڳائجن ٿيون.
”بسنت“ شاھ جي رسالي جو 36 هون نمبر ۽ آخري سُر آهي، جنهن ۾ 16 بيت، هڪ وائي ۽ هڪ داستان شامل آهن. هن سُر جو پهريون بيت ”آئي رُت بسنت ڪي، کِڙيا کٽڻهار“ ۽ آخري وائي ”اڄ سڄڻ گھر آيم جيڏيون! الله اُميدون پُڄايم ايڏيون!“ آهي.
بيت ۽ انهن جون سمجھاڻيون
آئي رُت بسنت ڪِي، کِڙيا کٽڻهار،
اُٿي ڳوري! ويس ڪر، آئي بسنت بهار.

شاهه جي شاعريءَ ۾ اُٺَ جو احوال ـــ اعجاز ممنائي Aijaz Mamnai







اعجاز ممنائي

شاهه جي شاعريءَ ۾ اُٺَ جو احوال



شاهه عبداللطيف ڀٽائي اهڙو شاعر آهي، جنهن جي نگاهه وسيع، سندس لب و لھجو ماکيءَ کان به مٺو ۽ سندس منظر نگاري حيران ڪندڙ آھي. توڙي جو سندس شاعري روحاني راز سان سلھاڙيل آھي پر ھر ڪو ان کي پنھنجي اندر جو آواز سمجھي ٿو، اھا ئي فطرتي شاعر جي خوبي ھوندي آھي ته ھو ڪائنات جي ھر منظر ۽ ھر شيءِ تي نظر رکندڙ ھوندو آھي. ائين شاهه سائينءَ اُٺ جھڙي ڊگهي ۽ بيڊولي جانور کي به پنھنجي شاعريءَ ۾ آڻي وڏو ڪمال ڪيو آھي. اٺ جي ڪٽنب جون دنيا ۾ ڪُل چار جنسون آھن جن ۾ ڏکڻ آمريڪا جي وڪونا جي ڪُل ڊيگهه ۱.۵ يعني پنج فوٽ، لاما جي ڪُل ڊيگهه ھڪ کان ۲.۱ ميٽر يعني ۳ کان ست فوٽ ٿئي ٿي، انھن جنسن کي ٿوھا ڪونه ٿا ٿين، البته باختري اُٺ کي ٻه ٿوھا ٿيندا آھن. ھن وقت ھيءُ دنيا ۾ واحد اُٺ آھي، جيڪو اڃا به جهنگلي ماحول ۾ ملي ٿو. ٻن ٿوھن وارو اُٺ سڀ کان پھرين ۳۵۰۰ سال اڳ پاليو ويو ھو پر اڃا به ڪي باختري اُٺ جهنگلي آھن ان کان سواءِ باقي سڀ جنسون پالتو ٿي چڪيون آھن. ھڪ ٿوھي وارو اُٺ ھندستان ۾ راجستان جي صحرا کان وٺي سنڌ بلوچستان ايران، عرب دنيا ۽ آفريڪا جي اوڀر ۽ اترين علائقن ۾ پالتو جانور طور ملي ٿو. اهو اُٺ صحرا ۾ جهنگلي جيوت طور باقي نه بچيو آهي. هن جانور صحرائي زندگيءَ مطابق پاڻ کي مڪمل طرح ٺهڪائي ڇڏيو آهي. اُٺ جيڪو چوپايو جانور آھي، ھيءُ عام طور سواريءَ لاءِ ڪارائتو ھجي ٿو، خاص طور وارياسن علائقن ۾ اُٺ کي استعمال ڪيو ويندو آھي، جنھنڪري کيس “خشڪيءَ جو ٻيڙو” به انکي چئبو آھي. سنڌ ۾ ڊيلٽا واري علائقي ۾ اٺن جي وڏي پئماني تي پالنا ٿئي ٿي، جنهن ۾ ۲۰۰ کان ۵۰۰ تائين جا وڳ نظر ايندا. لطيف سرڪار اُٺ جي خامين ۽ خوبين کي گڏائي تمام سھڻو ۽ ڪارائتو نتيجو ڪڍيو آھي ۽ انکي سسئيءَ جي پنجن ئي سُرن (سسئي آبري، معذوري، ديسي، ڪوھياري ۽ حسيني) کان سواءِ سُر مومل راڻو، سر مارئي، سر کنڀات ۽ سر رپ ۾ پڻ تذڪرو ڪيو آھي. ان کان به وڏو ڪمال اھو آھي ته انھن سڀني سُرن ۾ اُٺ کي مختلف نالن سان سڏيو ويو آھي، جيئن اُٺ، توڏو، موڏو، مَيو، متارو، مهري، موڏ، توڏ، ڪَرهو، ڪنواٽ، ڪَڪو، ڪيڪاڻ، ڳوڌو، ٻُهاڻ، چوسالو، دوڪ، دايو، ليڙو، چانگو، پانگُر، گئونرو، گُنگو، ڏاگهو، بوتو، ٻُور، ڀُور، ڀٽارو وغيره.
شاهه سائينءَ اٺ کي پنھنجي شاعريءَ ۾ امر ڪري ڇڏيو آھي. سُر کنڀات ۾ ان ساڳئي اُٺ کي نفس طور استعمال ڪيو آھي، جيئن مولانا روم فرمايو
نفس ڪشي باز رسي اعتذار
ڪس ترا دشمن نماند در ديار
يعني تو نفس ماريو ته گهڻن عذرن کان ڇٽي پوندين ۽ ٻيو ڪو تنھنجو دشمن نه رھندو.