محمد بخش ڏاهري
شاهه جو پيغام امن،
آزادي ۽ انسانيت
جڏهن سنڌ جي عظيم ڌرتي تي هن جو جنم
ٿيو هو، تڏهن سنڌ جا سج، چنڊ، تارا، ڪتيون آزاد وطن جي هوائن جا سلامي ٿيندا هئا
سندس جنم سنڌ جي ڌرتي جو ڳاٽ اوچو ڪري ڇڏيو هو. وهمن وسوسن ۾ وڪوڙيل ان سنڌ ۾ ان
وقت نه فقط فارسي ٻولي ڳالهائي ويندي هئي، پر ڪلهوڙا حڪمران ڌارين حملي آورن جو ڏن
به ڀريندا هئا، جنهنڪري سنڌ جو رت ست نابود ٿيڻ لڳو هو، شاهه حبيب جي گهر ۾ جنم
وٺندڙ عبداللطيف پيدائشي باغي هو، جيڪو ان وقت ننڍپڻ ۾ ئي ان جو اظهار ڪري وجهندو
هو. هالا جي ويجهو “ڀئين پور” هڪ ننڍڙو ڳوٺڙو هو، جنهن جا آثار اڄ به ڀٽ شاهه کان
چار پنج ڪلو ميٽر ڏکڻ اولهه ڪنڊ تي موجود آهن، ڪن محققن ان ڳوٺ کي ڪوٽڙي (ڪوٽلي)
به لکيو آهي، پر ان ڳوٺ تي ڪا خاص تحقيق نه ٿي آهي، چون ٿا ان علائقي ۾ بيگ جي ڪا
حويلي هئي جيڪي پنهنجي دور جا وڏا با اثر
ماڻهو ۽ مذهبي ڪٽرپرست هئا. هو عورتن جي پردي جا سخت پابند هئا. ان ڪري حويلي کان
ٻاهر ڪنهن به عورت کي نڪرڻ ته ڇا پر آسمان ڏانهن نهارڻ جي به اجازت نه هوندي هئ،
ان حويلي ۾ جيڪڏهن ڪا عورت بيمار ٿيندي هئ ته اهي شاهه حبيب کي ڌاڳي ڦيڻي لاءِ وٺي
ويندا هئا، سائين جڏهن جواني جي منزل کي رسيو هو ته هو روحاني رازن سان پڻ ٽمٽار
ٿي چڪو هو. چون ٿا هڪ ڀيري بيگ برادريءَ جي ڪا عورت ناچاڪ ٿي پيئي، شاهه حبيب جي
طبيعت به ٺيڪ ڪا نه هئي، ان ڪري دعا ڪرڻ لاءِ هن شاهه عبداللطيف ڀٽائي کي موڪليو
شاهه لطيف جڏهن حويلي ۾ داخل ٿيو ته ان نواجوان ڇوڪري کي ويڙهيو ويو هو، پر فقط ان
جي هڪ چيچ ظاهر ڪري لطيف جي هٿ ۾ ڏنائون ته هو ڦيڻو رکي، روحاني منزل تي رسيل لطيف
سرڪار ان جي چيچ پنهنجي هٿ ۾ جهليندي چيو ته “جنهن جي چيچ سيد جي هٿ ۾ تنهن کي لهر
نه ڪو لوڏو.” ان کان پوءِ بيگ ڏاڍا ڪاوڙيا ۽ لطيف سائين لاءِ ڌرتي تنگ ڪري
ڇڏيائون، شاهه صاحب ايترو ته تنگ ٿيو جو هڪ بيت چيائين:
بيگ تنهنجي بيگي ڪوٽڙيءَ ۾ رهندي ڪا
نه،
اٿم آس الله ۾، دل مارنيئي مات.












