سرور نواز ٻگهيو
ڀٽائيءَ جي محبت جا معيار
ڀٽائي دنيا جي شاعرن ۾ نرالي حيثيت جو مالڪ آهي،
جنهن جي شاعريءَ ۾ نه رڳو فڪري گهرائي آهي پر الهام، مُتشابهه- شعر، انسانيت، ٻولي
جي سونهن، موسيقي، ثقافت، تاريخ، تهذيب، تمدن، عاجزي ۽ بُلند پايي جو ڪردار به
موجود آهي. ڀٽ ڌڻي، دنيا جي شاعرن ۾ الڳ ٿلڳ مقام جو مالڪ آهي. جڏهن سندس شاعري
پڙهجي ٿي ته ماڻهو ڪنهن ٻي دنيا ۾ هليو وڃي ٿو، جيڪا آهي سندس تخليق ۽ فڪري اُڏام
جي دنيا ۾.
سُر کنڀات جو تعارف لکندي، ڊاڪٽر گربخشاڻي لطيف
سائينءَ جي ترتيب ڏنل رسالي۾ لکن ٿا ته ”کنڀات هڪ شهر جو نالو آهي جو گُجرات جي
اُلهندي طرف کنڀات جي نار جي مُهڙ تي بيٺل آهي. کنڀات ڪنهن سمي، هڪ مشهور وسيل
بندر هوندو هو ۽ ديسان ديس سندس واپار هلندو هو. عرب واپاري به هن بندر ۾ گهڻي
تعداد ۾ ايندا هئا. هن سُر کي کنڀات انهيءَ ڪري سڏين ٿا جو اصل اُتي جي ڪنهن نامياري
گويئي جو رچيل آهي. هن سُر کي سُر ڪماچ به ڪري چوندا آهن ۽ رات جو ڏهين بجي ڌاري
ڳائبو آهي. سندس ڳائڻ سان من ۾ ڌيرج ۽ ڳنڀيرتا اُتپن ٿيندي آهي. مضمون جي بيهڪ ۽
عبارت مان معلوم ٿئي ٿو ته هي سر شاهه صاحب جي جوانيءَ جي وقت جو چيل آهي ان ڪري
ئي هن سُر جو مضمون تازو ۽ دلڪش آهي.“ سُر کنڀات جي شروعات ئي لطيف سائينءَ پرين
جي تعريف ۽ واکاڻ سان ڪئي آهي فرمائين ٿا:
ڀلائي جا ڀير، پيشانيءَ ۾ پرين جي
اڱڻ اُڪنڍين جي، ڏي پاٻوهي پير،
قمر پاڙي ڪير، شمس سُپرين سين.










