ڊاڪٽربشير احمد شاد
شاھ سائين جي ڪلام ۾ تشبيهن
جو ڪمال
تشبيھ مان مراد آهي هڪ شيءِ جي ٻي شيءِ سان سندس
گڻن ۽ اوگڻن ۾ هڪ جهڙائي ڏيکارڻ. پوءِ اهي گڻ يا اَوگڻ ڪهڙي به نوعيت جا هجن.
مثلاً قد بت، شڪل شباهت، رنگ ڍنگ، عادات اطوار وغيره وغيره. سولن لفظن ۾ ٻن اسمن
جي هڪ ٻئي سان ڀيٽ ڪرڻ کي تشبيھ چئبو. ڪنهن به سڌريل ۽ ادبي ٻوليءَ ۾ تشبيھ جو
استعمال عام هوندو آهي. کڻي چئجي ته تشبيهون ادبي ٻوليءَ جي جان هونديون آهن.
پنهنجو مطلب ۽ مفهوم سمجھائڻ لاءِ به تشبيهن جو
سهارو وٺڻ ضروري هوندو آهي. اسان جي سنڌي زبان تشبيهن جي دولت سان مالا مال
آهي.لطيف سائين جي رسالي جو مطالعو ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته ان جا سمورا سُرَ
تشبيهن سان ٽمٽار آهن. تشبيهون به اهڙيون ته موزن مناسب ۽ موقعي مهل توڙي مفهوم جي
لحاظ کان آنديون ويون آهن جو پڙهندڙ حيران ٿي وڃي ٿو ۽ لطيف سائين جي مشاهدي کي
داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگھي. هتي رسالي جي ڪجھ سُرن مان خوبصورت تشبيهن جا
مثال پيش ڪجن ٿا. جنهن مان لاکيڻي لطيف جي فن، فڪر ۽ مشاهدي جو بخوبي اندازو لڳائي
سگھجي ٿو. سُر يمن ڪلياڻ جو هڪ بيت آهي.
ڪاتب لکن جيئن، لايو لام الف سين
اسان سڄڻ تيئن، رهيو آهي روح ۾
لام (ل) کي الف (ا) سان ملائڻ جون ٻه صورتون آهن.
هڪ ’لا‘ ۽ ٻي ’لا‘. لطيف سائين لام کي الف سان ملائڻ جي ڳالھ ٿو ڪري. هتي پهرين
شڪل ۾ لام ۽ الف ڌار بيٺا آهن. يا انهن کي ڌار ڪري سگھجي ٿو. جڏهن ته ٻي شڪل ۾ لام
۽ الف اهڙي صورت اختيار ڪئي آهي جو انهن کي هڪ ٻئي کان ڌار ڪري ئي نه ٿو سگھجي. جي
انهن کي ڌار ڪبو ته انهن جي شڪل ئي بگڙي ويندي. لاکيڻي لطيف محبوب جي عاشق جي روح
۾ رچي وڃڻ واري تشبيھ ان ڪاتب جي لام الف واري ڳانڍاپي سان ڏني آهي. جنهن مان سندس
فڪر جي بلنديءَ جو پتو پوي ٿو.










