ڊاڪٽر احسان دانش
شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ هڪ اهم سماجي قدر
سَچُ
سَچُ هونءَ
ته انساني گڻ ۽ صفت آهي پر ان کي هڪ اعلى سماجي ۽ اخلاقي قدر پڻ ڄاتو وڃي ٿو. جيڪي
سماج سچ جو ساٿ ڏيندا آهن، اهي دنيا ۾ اتم مقام ماڻيندا آهن. سچ ۽ سچائيءَ جو رستو
ڏکيو ضرور آهي پر دائميت به انهيءَ رستي کي آهي. دنيا جا وڏا ڏاها، فلسفي، دانشور
۽ صوفي انهيءَ رستي تي ثابت قدمي سان هليا ۽ پنهنجي سرن جو نذرانو ڏيڻ کان به نه
ڪيٻايو. تاريخ ۾ سقراط، عيسى عه، امام
حسين عه، منصور، سرمد، شاهه عنايت، مخدوم بلاول ۽ ٻين ڪيترن ئي عظيم انسانن جا
نالا ملن ٿا، جن سچ خاطر پنهنجا سر فدا ڪري ڇڏيا. سچ جي راهه مشڪل به ان ڪري ئي
آهي جو اها قرباني گھري ٿي. اهي جوڌا ۽ جونجھار، جوان ۽ جان نثار جيڪي سچ جي رند
تي پنڌ ڪندا آهن اهي ڪنهن به دک ۽ تڪليف کان نه ڪيٻائيندا آهن ۽ سچ جي مچ مٿان
پتنگن جيان پنهنجا سر گھوري ڇڏيندا آهن.
پتنگن
پههُ ڪيو، مڙيا مٿي مچ،
پسي لـهس نـه لُچيا، سڙيا مٿي سچ،
پسي لـهس نـه لُچيا، سڙيا مٿي سچ،
سندا ڳچين
ڳچ، ويچارن وڃائيا. (سُر يمن ڪلياڻ، د 3)














