شاهه جو رسالو

Tuesday, 31 October 2017

شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ هڪ اهم سماجي قدر ـــ سُجاڳي ..... ڊاڪٽر احسان دانش (DR. Ahsan Danish)

ڊاڪٽر احسان دانش
شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ هڪ اهم سماجي قدر 
سُجاڳي
قدرن جو تعلق انسان جي ذاتي عمل، احساس ۽ اخلاق سان به آهي ته سماجي ۽ ثقافتي سرگرمين، ريتن، رسمن ۽ رواجن سان پڻ. ڪجھ قدرَ مذهب، عقيدي، تهذيب ۽ تمدن جي دائري ۾ اچن ٿا ته ڪي وري ادب ۽ اخلاق جو احاطو ڪن ٿا. مجموعي طور سمورن قدرن جو تعلق فردَ سان ئي هوندو آهي. انهن قدرن ۾ انسان جي سوچ، فڪر، عمل، جذبو، احساس، تصور، تخيل، خواهش وغيره شامل آهن. سماج پنهنجي سماجي قدرن جي پاسباني ان ڪري ڪندو آهي جو سماج جي بقا جو دارو مدار گھڻي حد تائين انهن ئي قدرن جي تحفظ تي هوندو آهي.“(1) ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته هڪ شاعر جنهن سماج ۾ پيدا ٿئي ٿو، ان سماج ۾ مروج قدرن کان ضرور متاثر ٿئي ٿو پر هو پنهنجي سوسائٽي جي خراب قدرن کي وڏي واڪي خراب چوي ٿو ۽ انهن کي اکيون ٻوٽي قبول نه ٿو ڪري، نه رڳو ايترو پر هو پنهنجي سماج جي اعلى قدرن کي ٽٽندو ۽ ڀرندو ڏسي انهن کي نئين سر جيئارڻ جا جتن به ڪندو آهي. تنهن ڪري شيلي (Shelley) بلڪل صحيح چيو آهي ته ”شاعري هڪ اهڙو آئينو آهي، جيڪو مسخ ٿيل شين ۾ نئين سر حسن پيدا ڪندو آهي.“ (2) شاعر جي انهي تخليقي قوت سبب ڪنهن به سماج ۾ پنهنجي وڃايل قدرن کي نئين سِر ڳولڻ جي آرزو پيدا ٿيندي آهي. پر جڏهن اسين عالمي قدرن جي ڳالھه ڪندا سين ته هڪ شاعر کي پنهنجي سماج ۾ مروج قدرن کان مٿاهون ٿي سوچڻو پوندو. شيلي (Shelley) پنهنجي مضمون Defence of Poetry ۾ صحيح لکيو آهي ته ”هڪ شاعر لاءِ اهو واجب ناهي ته هو پنهنجا ذاتي تصور نيڪي ۽ بدي کي، جيڪي عام طور سندس ملڪ ۽ زماني جا تصور هوندا آهن، پنهنجين تخليقن ۾ سمائي ڇڏي، ڇو ته سندس تخليقون سندس ملڪ ۽ زماني کان ماورا هونديون آهن.“ (3) يعني شاعر پنهنجي شاعريءَ ۾ پنهنجا تصور مڙهڻ بدران اهڙو خيال پيش ڪري جيڪو سڀني کي پنهنجو لڳي ۽ زمان ۽ مڪان جي حدن کي اورانڱي سگھڻ جي سگھ رکندو هجي ۽ اهڙن سماجي قدرن کي پنهنجي شاعريءَ جو حاصل بڻائي جن کي سڄي دنيا اهميت جي نگاھ سان ڏسندي هجي. ان حوالي سان اسان کي سنڌي زبان ۾ جيڪي شاعر نظر اچن ٿا انهن ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو مقام سڀني کان مٿاهون آهي.
ڀٽائي پنهنجي شاعريءَ ۾ اعلى مثبت سماجي قدرن کي جيئارڻ جا جتن ڪيا آهن ۽ منفي سماجي قدرن کي ننديو آهي. هن پنهنجي شاعريءَ لاءِ جيڪي داستان چونڊيا آهن، سي سمورا سنڌي سماج سان تعلق رکن ٿا، انهن داستانن جا ڪي ڪردار هيڻا آهن ته ڪي سگهارا ۽ انهن سمورن ڪردارن وسيلي شاھ سائين طبقاتي نظام توڙي سماجي ۽ اخلاقي قدرن کي واضح ڪيو آهي.
سُجاڳي هڪ مثبت سماجي قدر آهي. جن سماجن ۾ اهو قدر رائج هوندو آهي انهن تي ڪي ڌاريون ۽ غاصب قومون حمله آور ۽ حاوي ٿي نه سگھنديون آهن. بيدار قوم هميشه دشمن جي وارَ کان بچيل رهندي آهي. ان سُجاڳي ۽ بيداري سبب سماج ۾ شعور جون ڏياٽيون روشن ٿينديون آهن. غفلت، سستي ۽ ڪاهلي سماج کي اڏوهي وانگر انداران ئي اندران کائي کوکلو ڪري ڇڏيندي آهي ۽ بيداري، حوصلي ۽ ولولي جو نالو آهي. سماجي تبديليءَ لاءِ سُجاڳي هڪ اهم قدر آهي. ڀٽائي جي شاعري ان اعلى قدر سان ڀريل آهي. شاهه سائين پنهنجي رسالي جي ڪيترن ئي سُرن ۾ ان قدر کي ڪٿي انفرادي طور ته ڪٿي وري اجتماعي حوالي سان اجاگر ڪيو آهي. شاهه پنهنجي دور جي سماجي حالتن کي ڏسندي ان قدر کي پنهنجي شاعريءَ ۾ اڀاريو آهي. اهو ستل قوم کي ڌونڌاڙي اٿارڻ جو وقت هيو، نڀاڳي ننڊ کي نيڻن مان اکيڙڻ جي ويل هئي ۽ سستي ۽ ڪاهلي کي پاڙان پٽڻ جا پل هيا. اهي غفلت جو گھيرو ٽوڙڻ جا لمحا هيا. تنهن ڪري لطيف پنهنجي سڄي رسالي ۾ سجاڳي ۽ بيداري جو درس ڏئي ٿو. اهوئي درس ۽ اهو ئي پيغام ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جي سماجي ڪارج کي ظاهر ڪري ٿو. ”لطيف ستلن کي جھنجھوڙي جاڳائي ٿو ۽ ڪانئرن، سُستن، ٿڪلن ۽ ننڊ ــ نهوڙيلن کي ڌونڌاڙي اٿاري ٿو. کين پنهنجي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ اتساهي ٿو ۽ منزل ماڻڻ لاءِ مسلسل محنت ۽ جدوجهد کي جاري رکڻ جو تاڪيد ٿو ڪري، جنهن ۾ رتيءَ ماتر به غفلت برداشت نٿو ڪري.“ (4) ”شاهه لطيف وٽ سُجاڳيءَ جو وڏو درجو آهي. سماجي تبديلين آڻڻ ۽ تاريخ کي اڳتي وڌائڻ جو پهريون ڏاڪو سُجاڳي آهي. شاهه لطيف فقط انهن کي ئي دوست ٿو سمجھي، جيڪي جوانيءَ جون راتيون به جاڳي گذارين ٿا.“ (5) سجاڳي جي سنيهي جي حوالي سان شاهه جو سُر سريراڳ، سُر ڪوهياري، سُر کاهوڙي، سُر رامڪلي ۽ سُر ڏهر خاص اهميت جا حامل آهن.
سُر سريراڳ شاهه جو پاڻيءَ وارو سُر آهي، جنهن ۾ سمنڊ ۽ سامونڊي سفر جا احوال آهن. وڻجارن جي مصيبتن جو مذڪور آهي. ڀٽائي هن سُرَ جي پس منظر ۾ سماج جي ان طبقي کي بيدار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جيڪو پنهنجي مٿان سُستي ۽ ڪاهليءَ جي چادر تاڻي پنهنجي آس پاس جي سمورن خطرن کان بي خبر بڻجي سُتو پيو آهي. اهو طبقو يا ته ڊنل آهي يا وري ڪمزور. اهڙا ڪاهل ۽ ڪمزور انسان سماج جي خرابين کي ختم نه ٿا ڪري سگھن.

شاهه لطيف بحيثيت قومي اڳواڻ ـــ طارق عزيز شيخ (Tariq Aziz Shaikh)

طارق عزيز شيخ

شاهه لطيف بحيثيت قومي اڳواڻ

هڪ سچي شاعر جو ڪلام پنهنجي دور جي آرسي هوندو آهي. شاعر پنهنجي دل جي گُهر ۽ پنهنجي ذاتي مشاهدي تي فطري طرح پنهنجي ماحول جي حالتن، حق ۽ ناحق ۽ ريتن رسمن کان متاثر ٿي ڪلام ۾ اُهي واقعات شعوري ۽ غير شعوري طور آڻي ڇڏيندو آهي جي سچ پچ ان دور جي سچي تصوير هوندا آهن. جڏهن به ڪنهن ملڪ ڪنهن خاص دور جي صحيح صورتحال لاءِ مواد ڏسڻو پوندو آهي ته ان وقت نثري مجموعن سان گڏ نظم جو ذخيرو پڻ نظر مان ڪڍڻ ضروري ٿيو پوي ٿو.
ٻارهين صديءَ ۾ سياسي طرح سنڌ وڏي ڪوپ ۽ ڪشمڪش ۾ گرفتار هئي، جو مٿان نادر اچي نمودار ٿيو. ان کان اجل آجو ڪيو ته قنڌارين اچي مٿان ڪڙڪو ڪيو. هڪ دفعو نه پر بار بار گهران رسن ته سڌو سنڌ ۾. ان ڪري سنڌ ۾ ان چوڻي جنم ورتو ته ”جڏهن تڏهن سنڌڙي توکي قنڌالِن جوکو“.
شاهه صاحب اورنگزيب جي وفات وقت سورنهن سالن جو هو. مغلن جو اثر گهٽجي ويو هو. حڪومت نور محمد ڪلهوڙي جي حوالي ٿي چڪي هئي ۽ هن سڄي سنڌ سبيءَ تائين پنهنجي قبضي ۾ ڪري ورتي هئي. مغلن جي ڪمزوريءَ مان فائدو وٺندي ميان نور محمد پاڻ کي مضبوط ڪندو رهيو. مغلن جي ڪمزوري پرکي نادر شاهه ايرانيءَ دهليءَ تي حملو ڪيو ۽ اتان موٽندي سنڌ تي مارو ڪيائين.
1152هه (1739ع) ۾ ميان نور محمد کان 20 لک رپيا ساليانو ڏن مقرر ڪرائي سندس ٽن پٽن مرادياب، عطر خان ۽ غلام شاهه کي ايران وٺي پوءِ اٺن سالن بعد جڏهن نادر شاهه کي ماريو ويو تڏهن شهزادن جي جند ڇٽي ۽ ملڪ موٽيا.
نادر شاهه جي مرڻ بعد احمد شاهه ابدالي خراسان ۽ ايران جي حڪومتن تي قبضو ڪيو ۽ هن ڪلهوڙن کي دستوري ڏن ڏيڻ لاءِ لکيو جو نور محمد ڪلهوڙي ڏيڻ کان انڪار ڪيو، جنهن تي هو 1747ع ۾ سنڌ تي ڪاهي آيو. ميان نور محمد ٿرپارڪر ڀڄي ويو ۽ اتي ئي مري ويو. ابدالي اتي به اچي پهتو هئس.
انهن انقلابن طوفانن کان سواءِ سنڌ ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني پڻ ٺٽي ۾ پهريون ڀيرو 1735ع ۾ واپاري ڪوٺي کولي هئي، جا ستت کانئن کڻائي ويئي. 1757ع ۾ وري غلام شاهه جي زماني ۾ ٻيهر ٺٽي ۾ ڪوٺي کوليائون ان وچ ۾ انگريز واپاري، ڪلهوڙن جي درٻار ۾ ايندا رهيا. هوڏانهن عربي سمنڊ ۾ بورچو گيز ڌاڙيل به لامارا ڏيندا هئا ۽ ٻيڙا ڦريندا رهندا هئا.
شاهه لطيف غيرن جي ڏاڍاين کي به ڏٺو ته نين غلامتين جا ڄار پکڙجندي ڏٺا ۽ پنهنجي قوم کي هن طرح خبردار ڪيائين ته:
معلم ماڳ نه اڳئين، ڦلنگي منجهه ڦريا،
ملاح تنهنجي مڪڙيءَ اچي چور چڙهيا،
جتي ڍنگ ڍريا، تتي تاري تنهنجي!

شاهه جي سوانح جا ٻه اهم پهلو ــــ غلام محمد لاکو (Ghulam Muhammad Lakho)







شاهه جي سوانح جا ٻه اهم پهلو


        حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سنڌ جو سدا حيات سرواڻ شاعر آهي. حقيقت ۾ ان قسم جي شاعرن کي ”ٻولين جا ٺاهيندڙ“ {The Makers Of Language} سڏيو ويو آهي. بلاشيـﮣ ساهه کان اڳ توڙي پوءِ، ٻيا به ڪافي ناليوار شاعر ٿي گذريا آهن جن کي پڻ سنڌي ادبي تاريخ ۾ پنهجي مستقل ۽ جدا گانه حيثيت حاصل آهي، تاهم لطيف کي اسان جي تهذيبي ۽ ادبي اتهاس ۾، انتهائي مٿانهين حيثيت ۽ مان مرتبو حاصل آهي. شاهه جو ڄمڻ ۽ شاعري ڪرڻ، سنڌي زبان جي مڪمل ٿيڻ {Prefection} جي علامت آهي. شاهه صاحب سنڌي زبان، ادب سماج ۽ جيوت جو نمائنده اهڃاڻ آهي. حضرت شاهه صاحب جي قدآور شخصيت ئي اڄ متحده سنڌ جي روشن علامت ۽ واحد سهارو آهي!
        شاهه صاحب متعلق سندس پنهنجي دور کان ڪري اسان جي زماني تائين، سوين هزارين صفحا لکيا ويا آهن. سندن سوانح ۽ جيوت بابت ڪيئي اديبن ۽ عالمن، پنهنجي پنهنجي جاکوڙ پڌري پئي ڪئي آهي. حقيقت ته هيءَ آهي جو شاهه صاحب تي جيترو به ڪم ٿيندو، اهو گهٽ ئي ليکبو. سنڌي، انگريزي، اردو فارسي ۽ جرمن ٻولين ۾ شارحن ۽ سوانح نگارن شاهه بابت متعدد ڪتاب پڌرا ڪيا آهن. جيتوڻيڪ شاهه صاحب جي مستند سوانح جو ڪم اڃا پري آهي، تاهم ان متعلق بنيادي مواد گڏ ڪرڻ جون ڀرپور ڪوششون جاري آهن.
        شاهه صاحب بابت لکيل ڪتابن ۽ ٻئي مواد جو اڀياس ڪندي، ڪيئي خال سامهون آيا آهن ۽ متعد سوال ذهن ۾ اڀريا آهن. اهڙن مسئلن جو تنقيدي ۽ تحقيقي طرح، تسلي بخش جواب ڳولڻ کان سواءِ، اسين پنهجي هن عظيم شاعر جي مڪمل ۽ ٺوس سوانح حيات لکڻ جهڙا نه ٿينداسين. لطيف جي سوانح پڙهندي، منهنجي ذهن ۾ هونئن ته ڪيئي سوال اڀريا آهن، پر في الحال ٻن نقطن جو ذڪر ڪرڻ گهران ٿو.
        (1) ته، شاهه صاحب ڳوٺ ”ڀئي پور“ هالا حويليءَ ۾ پيدا ٿيو،
(2) ته، شاهه صاحب جي ڄم ۽ وفات جا، صحيح صحيح سال، مهينا ۽ تاريخون هجري ۽ عيسوي ڪئلينڊر موجب!

شاهه لطيف ـــــ سنڌو فيلسوف ــــ شيخ اياز (Shaikh Ayaz)




شيخ اياز

شاهه لطيف ـــــ سنڌو فيلسوف

ٿِيو لُطف لطيف چَئي، دوس آيو درِ پيهِي.

منهنجي لاءِ ان کان وڏو اعزاز ٻيو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو، جو توهان فلسفه ڪانگريس جي ان ميڙ جي صدارت جو شرف مون کي بخشيو آهي، جيڪو منهنجي ديس جي عظيم صوفي شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي سڳوري نالي سان منسوب آهي.اها منهنجي خوش بختي آهي جو آءُ اڄ ان شخصيت آڏو پنهنجي عقيدت جو نذرانو پيش ڪري رهيو آهيان. جيڪو منهنجي روح جو استعارو آهي. جنهن جو فلسفو شعور جي روشني ۽ منهنجي دل جي ڌڙڪن بڻيل آهي، ۽ رڳو هڪ مان ئي نه، سنڌ ڌرتيءَ جو ذرو ذرو ان سج جي تاب سان ٻهڪي ۽ جڳ مڳ جرڪي رهيو آهي. لاکيڻي لطيف جو آواز مهد کان لحد تائين اسان جي وجود ۾ گونجندو رهي ٿو.
ان کان اول جو مان شاهه ڀٽائي جي فيلسوفيءَ ۽ فڪر جو ذڪر ڪريان، مان منهنجي ۽ اسان سڀني جي هڪ اهڙي ڪوتاهي ۽ ڪم- نظريءَ ڏانهن اشارو ڪرڻ ضروري ٿو ڀانيان، جيڪا اسان جي قومي بد نصيبي برابر آهي. اسين ماڻهو تيستائين پنهنجي عظمتن ۽ بلندين جو اعتراف ڪو نه ڪندا آهيون، جيستائين غير جي نگاهه اسان کي اهو احساس نه ڏياري. اها بيقدري ۽ ناشناسي رڳو اسان وٽ ئي نه آهي پر لڳ ڀڳ سموري اوڀر ۾ آهي. اسان عمر خيام جي عالمگير عظمت کي تڏهن سڃاتو. جڏهن Fitz Garald ان آڏو ڪنڌ نوايو ڪاليداس کي تڏهن مڃيوسين. جڏهن Max Muller سندس عظمت جو اعتراف ڪيو ۽ اهڙيءَ طرح شاهه لطيف ۽ ٽئگور جي اعليٰ مقام ڏانهن تڏهن اک کڻي نهاريوسين. جڏهن سورلي ۽ بيٽس (Yeats) انهن جي قدر ۽ قيمت جي جهلڪ ڏيکاري. خاص طرح شاهه لطيف کي ته ڪو عرصو مقامي حد بندين ۾ بند رکيو ويو، جڏهن ته هو جاگرافيائي حدن کان ٻاهر جو انسان هو. هن ميڙ ۾ مان اها ڳالهه ڪرڻ به ضروري ٿو سمجهان ته ٻولي رڳو فڪر ۽ سوچ جو ويس هوندي آهي، ۽ ويس وڳا مٽبا رهندا آهن.
شاهه لطيف جو فڪر ۽ سوچ جنهن به ٻوليءَ ۾ پيش ٿيندا، ان ٻوليءَ کي نيون بلنديون ۽ ڪشادگيون ڏيندا. سقراط کان وٺي آئن اسٽائن تائين، هومر کان وٺي ٽي ايس ايليٽ تائين جيترا به فيلسوف ۽ اديب ٿي گذريا آهن، انهن جي فڪر ۽ سوچ سان ئي اسان جي ٻولين جو معيار مٿانهون ٿيو آهي. جيڪڏهن اسان ٻولي جي دائرن کي ڪشادو نه ڪيون، ته جيڪر پنهنجو پاڻ ۾ ئي سسي سڪي وڃون، ۽ اهو تڏهن ئي ممڪن ٿيندو جڏهن اسين ٻين جي عظمت کي سڃاڻينداسين. اولهه (يورپ) کي اسان تي اها ئي برتري حاصل آهي.

Monday, 14 November 2016

شاهه لطيفَ جا فڪري پهلو ۽ انساني ڄاڻ جا سرچشما ـــ رسول بخش پليجو (Rasool Bux Palijo)

رسول بخش پليجو

شاهه لطيفَ جا فڪري پهلو ۽ انساني ڄاڻ جا سرچشما

شاهه لطيف 1689ع ۾ ڄائو هو ۽ 1752ع ۾ وفات ڪيائين. شاهه لطيف جي دؤر کي سمجهڻ لاءِ هڪ حد تائين ان جي تاريخي ۽ ادبي پس منظر کي سمجهڻ لازمي آهي. سياسي طرح هي دور هڪڙو فيصلي ڪن دور هو. برصغير جي تاريخ ۾ توڙي ايشيا ۽ يورپ جي تاريخ ۾ ۽ عالمي سطح تي، هڪڙي دور جي خاتمي جو نڪتو ۽ ٻئي دور جي آغاز جو نڪتو هو. سنڌ ۾ ڪلهوڙا دور جي شروعات ٿي چڪي هئي. هندوستان ۾، جڏهن شاهه لطيف ڄائو هو، تڏهن اورنگزيب دکن روانو ٿي چڪو هو. ماورالنحر ۽ افغانستاني بغاوتن کي ڪچلڻ لاءِ هن کي موڪليو ويو هو. اتان ٿي واپس آيو. انهيءَ سال هن اچي شيواجي جي پٽ سنڀارجي تي حملو ڪيو هو ۽ ان کي قتل ڪيو هئائين. مغل دور هندوستان مان موڪلائي ويو ۽ جيئن جيئن لطيف سائين جي جوانيءَ ۾ نادر شاهه 1739ع ۾ دهليءَ تي حملو ڪيو ۽ مغل شهنشاهه کي ڪاپاري ڌڪ هڻي ختم ڪيائين.
لطيف سائين جي وفات کان جلدي پوءِ 1765ع ۾ احمد شاهه ابدالي مغلن مرهٽن کي نيست ۽ نابود ڪري، انگريزن جي واپارين لاءِ هندوستان جو رستو کوليو. اهو دور هندوستان ۾ ترڪ ۽ مغل سلطنت جي خاتمي جو دور هو، مغلن جي زوال جو دور هو، افراتفريءَ جو دور هو. ٻئي پاسي يورپ ۾ Age of Enlightment جو دور هلندڙ هو. ان کان اڳ ۾ Reformation ۽ Counter Reformation هئي، مذهبي سڌارن جو دور هو. تنهن کان اڳ ۾ ايجادن جو دور Age of Discoveries هو. 1458ع ۾ ترڪن قسطنطنيه تي قبضو ڪيو. تنهنڪري گوبي جي رڻ پٽ مان مشرق کان جيڪو رستو يورپ ۾ ويندو هو، ان رستي جاوا، چين ۽ هندوستان جو جيڪو مال يورپ ويندو هو، ان جو رستو ترڪن بند ڪري ڇڏيو. يورپ جا وڏا وڏا شهر، جيڪي واپار جا شهر هئا. انهن مان اٽليءَ جي شهر ۾ هڪ نئون نظام شروع ٿيو، جنهن کي پاڻ سرمائيداري چئون ٿا، جنهن ۾ جاگيردارن جي مقابلي ۾ واپارين جاگيردارن سان وڙهي وڙهي پنهنجا نيم خودمختيار شهر قائم ڪيا. انهن جو رستو قسطنطنيه کان هو، جيڪو ترڪن 1458ع ۾ بند ڪري ڇڏيو. نئين رستي کي ڳولڻ لاءِ Age of Discoveries شروع ٿيون. انهيءَ صدي 1496ع ۾ ڪولمبس آمريڪا ڳولي لڌو. 1498ع ۾ واسڪو ڊيگاما هندوستان جي طرف آيو. ان کان پوءِ سمنڊ جي رستي مغرب جو سرمائيداري نظام، مغرب جو واپاري نظام اوڀر ۾ ڦهليو. چين تي قبضو ٿيو، جاپان تائين پهتا، يعني سامراج جو سڀني کنڊن تي ڇانئجڻ جو دور شروع ٿيو. ان کان ترت پوءِ جيڪي نوان خيال سامهون آيا، 1522ع يعني سورهين صديءَ ۾ مارٽرن لوٿر چرچ جي مٿان ٿيسس لکيو ۽ چيو ته پوپ صحيح ناهي. پوپ جي جيڪا يورپ ۾ روحاني آمريت هئي، تنهن کي چئلينج ڪيو ويو. ان کان پوءِ ٻي Counter Reformation شروع ٿي، يعني روحاني آمريت جي طرفان جوابي حملو ٿيو. سورهين صدي جي پڇاڙي تائين، يعني لطيف جي ڄمڻ واري دؤر تائين، خوني جنگيون ٿيون، اها سڄي صدي هڪٻئي سان وڙهڻ، مقابلا ڪرڻ جي صدي رهي آهي. ان جو خاتمو Treaty of West Falliea يعني هڪٻئي کي برداشت ڪرڻ جي ڳالهه ٿي جنهن ۾ ڪيٿولڪ ۽ پروٽيسٽن جي وچ ۾ ٺاهه ٿيو. اهو وقت يورپ ۾ اٿل پٿل ۽ نون خيالن جو دور هو، نين سائنسن جو دور هو. ان کان اڳ ۾ تيرهين صديءَ ۾ Renaissance شروع ٿي چڪي هئي. ان دور جا ٻه باني بڪيشو ۽ پيٽرياٽ هئا، جن نئين جاڳرتا شروع ڪئي، جنهن کي نئين جاڳرتا جو دور چيو وڃي ٿو

شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ هڪ اهم سماجي قدر سَچُ ـــ ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ahsan Danish)



ڊاڪٽر احسان دانش



شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ هڪ اهم سماجي قدر 

سَچُ


سَچُ هونءَ ته انساني گڻ ۽ صفت آهي پر ان کي هڪ اعلى سماجي ۽ اخلاقي قدر پڻ ڄاتو وڃي ٿو. جيڪي سماج سچ جو ساٿ ڏيندا آهن، اهي دنيا ۾ اتم مقام ماڻيندا آهن. سچ ۽ سچائيءَ جو رستو ڏکيو ضرور آهي پر دائميت به انهيءَ رستي کي آهي. دنيا جا وڏا ڏاها، فلسفي، دانشور ۽ صوفي انهيءَ رستي تي ثابت قدمي سان هليا ۽ پنهنجي سرن جو نذرانو ڏيڻ کان به نه ڪيٻايو. تاريخ ۾ سقراط، عيسى عه، امام حسين عه، منصور، سرمد، شاهه عنايت، مخدوم بلاول ۽ ٻين ڪيترن ئي عظيم انسانن جا نالا ملن ٿا، جن سچ خاطر پنهنجا سر فدا ڪري ڇڏيا. سچ جي راهه مشڪل به ان ڪري ئي آهي جو اها قرباني گھري ٿي. اهي جوڌا ۽ جونجھار، جوان ۽ جان نثار جيڪي سچ جي رند تي پنڌ ڪندا آهن اهي ڪنهن به دک ۽ تڪليف کان نه ڪيٻائيندا آهن ۽ سچ جي مچ مٿان پتنگن جيان پنهنجا سر گھوري ڇڏيندا آهن.

پتنگن پههُ ڪيو، مڙيا مٿي مچ،
پسي لـهس نـه لُچيا، سڙيا مٿي سچ،
سندا  ڳچين  ڳچ،  ويچارن  وڃائيا. (سُر يمن ڪلياڻ، د 3)

Sunday, 13 November 2016

شاهه لطيف جي ڪلام تي پنجابي شاعريءَ جا اثر ـــ ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ahsan Danish)

ڊاڪٽر احسان دانش


شاهه لطيف جي ڪلام تي پنجابي شاعريءَ جا اثر


شاهه سائين جي شاعريءَ جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته سندس ڪلام تي عربي، فارسي ۽ هندي کان سواءِ ڏيهي ٻولين مان پنجابيءَ جو گھرو اثر آهي. هن مضمون ۾ اسان شاهه جي انهن پنجابي متقدمين جو ذڪر ڪندا سين جن جو سندس ڪلام تي چٽو اثر آهي. ڪتاب ”شاهه عبداللطيف ۽ پاڪستاني ٻولين جا صوفي شاعر“ جي ليکڪن ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو ۽ طارق عزيز شيخ لکيو آهي ته رگ ويد ۾ ’سپت سنڌو‘ جي حوالي سان جن ستن درياهن جو ذڪر ملي ٿو، انهن مان پنجن درياهن (چناب، جهلم، راوي، ستلج ۽ بياس) جي سرزمين کي پنجاب جو نالو ڏنل آهي. جنهن جو پنهنجو ڪلچر ۽ پنهنجي ٻولي آهي. سنڌو درياهه جو تسلسل هئڻ ڪري پنجابي ڪلچر ۽ ٻوليءَ جو سنڌي ڪلچر ۽ سنڌي ٻوليءَ سان پراڻو تعلق آهي، اهو ئي سبب آهي جو هتان جي قومي ڪلاسيڪي شاعرن جي ڪلامن ۾ حيرت انگيز هڪ جهڙائي ملي ٿي.“ (1) پنجاب جيتوڻيڪ هن وقت پاڪستان جو هڪ صوبو آهي پر ان حقيقت کان به منهن موڙڻ ممڪن ئي نه آهي ته پنجاب قديم سنڌ جو حصو رهيو آهي. تاريخ جا در کولڻ سان ان جا ڪيئي ثبوت ملندا. سنڌ ڌارين جي حملن ۽ سياسي اثرن سبب صدين کان سڪڙجندي رهي آهي، ورنه قديم سنڌ جون جاگرافيائي حدون ملتان کان ڪشمير تائين پکڙيل ڏسبيون. ان طرح پنجاب قديم سنڌ جي ڀاڪر ۾ نظر ايندو. جڏهن اسين ڀٽائي جي سماجي فڪر واري شاعريءَ توڙي سندس شاعريءَ جي مجموعي فلسفي تي ڏيهي متقدمين جي اثرن جي ڳالهه ڪريون ٿا ته پنجاب کي به سنڌ ڏيهه جو حصو سمجھندي هي مطالعو پيش ڪيو پيو وڃي. هونءَ به ساڳين جاگرافيائي حدن ۾ رهندي مختلف ٻولين ۽ ٻولين جي شاعرن جا هڪ ٻئي تي اثرَ پوڻ هڪ فطري لقاءُ آهن. شاهه لطيف کي نه رڳو پنهنجي دور جي اهم پرڏيهي ٻولين جي اهم شاعرن جي ڪلام جو ادراڪ هو پر پنهنجي آس پاس وارين پاڙيسري ٻولين جي شاعرن کي پڻ غور سان پڙهيو هيو ۽ سندن ڪلام منجھان ڪي خاص نڪتا ڳولي پنهنجي شاعراڻي اظهار ۾ اهڙي نموني پيوست ڪيا جو فڪري هم خيالي باوجود اهي نڪتا اڄ تائين شاهه جي مخصوص لهجي ۽ ماحول سبب نڪور پيا لڳن.
شاهه لطيف پنجابي ٻوليءَ کان سڌو سنئون متاثر نظر نه ٿو اچي، ڇوته سندس سموري ڪلام ۾ ڪنهن به جاءِ تي ڪا هڪ سٽ به اهڙي ڪانه آهي، جيڪا پنجابي ٻوليءَ ۾ لکيل هجي. البته شاهه جو ڪلام پڙهندي مٿس پنجابي زبان جي شاعرن جو اثر نمايان نظر اچي پيو. خاص طور بابا فريد، گرو نانڪ، شاهه حسين، سلطان باهو ۽ بلهي شاهه پنجابي زبان جا اهڙا شاعر آهن جن کان اسان جو سهڻو شاهه ڪافي متاثر ٿو ڏسجي. شاهه سائين انهن شاعرن جا ٻن حوالن سان اثر قبول ڪيا آهن. پهريون بنيادي فڪري نڪتي جي حوالي سان. يعني ساڳئي نڪتي يا خيال کي ڌار ماحول ۽ تشبيهن سان بيان ڪرڻ ۽ ٻيو فڪري نڪتي ۽ بيان جي هڪ جهڙائي جي حوالي سان. جنهن ۾ شاعريءَ جو سماجي فڪر پڻ شامل آهي. هيٺ پنجابي شاعرن سان ڀٽائي جي شاعريءَ جو تقابلي مطالعو پيش ڪندي اهي ٻئي حوالا ڏنا ويندا.

Saturday, 12 November 2016

شاهه لطيف تي هڪ نئين نظر ــــ راز شر Raz Shar



راز شر
شاهه لطيف تي هڪ نئين نظر




ريني ڊيڪارٽ جو قول آهي ته مان سوچيان ٿو، ان ڪري مان آهيان، ماڻهوءَ جي وجود ۽ عزم کي سندس سوچ ئي ڌار ڪري ٿي. انسان کي سندس سوچ ئي ان جي منصب لاءِ مجبور ڪيو ته انسان اشرف المخلوقات سڏائي. اشرف المخلوقات مان مراد مڙني تخليقن کان اعليٰ ۽ اُتم. اهو به ان ڪري جو انسان نه رڳو سوچي ٿو پر ڳالهائي به ٿو، ان ڪري هُن اهو منصب پنهنجي لاءِ چونڊي ورتو. نه ته انسان پنهنجي عادتن، خصلتن ۾ جانور کان به هيٺئين درجي وارو مقام رکي ٿو. توهان ڪڏهن جانور کي ٽوٿ برش ڪندي نه ڏٺو هوندو، پر پوءِ به ان مان ڌپ نه ايندي آهي، پر انسان جيڪڏهن ٻه ڏينهن ڏندڻ نه ڏئي ته ان جي ڀرسان بيهڻ به ممڪن نه هوندو آهي.
انسان بنيادي طور تي اشرف المخلوقات ناهي پر اها ان جي منزل آهي يا جيڪو هن خدا جي بابت سوچي رکيو اها ئي مخلوقي اشرافيت يا مٿانهون درجو آهي، جنهن کي هو پنهنجي لاءِ ڪنسيڊر ڪري ٿو.
اسان جي صوفين مخلوقيت جي ان شرافيت کي حاصل ڪرڻ لاءِ جيڪا تبليغ ڪئي آهي اُها ئي هن خطي جي فڪر جو حاصل مطلب آهي، پر عجب اهو آهي ته هتان جي صوفين جي ان تبليغ کي ڪن اسلامي رنگ ڏنو ته ڪن وري هندو مت جي چادر ۾ ويڙهڻ جي ڪوشش ڪئي. اها مذهبي ٺيڪيدارن جي هٿ ٺوڪي ۽ شعوري ڪوشش هئي. هاڻي ته اهڙن بزرگن جا پونير انهن کي فرقي پرستي يعني شيعي ۽ سنيءَ جي سنگھرن ۾ ٻڌي ويٺا آهن. اسان جا صوفي ته الله کي به اورتي ڇڏي پرانهين پنڌ پيا آهن. بقول صديق فقير جي ته:
الله ڇڏيائون اورتي، پرانهين پنڌ پيا،
بنا نالي سپرين، اڃا ڪي ٻيا،
واڪيندا ويا، صادق ٻڌي سندرا

شاھ سائين جي ڪلام ۾ تشبيهن جو ڪمال ـــ ڊاڪٽربشير احمد شاد (Dr. Bashir Ahmed Shad)



ڊاڪٽربشير احمد شاد
شاھ سائين جي ڪلام ۾ تشبيهن جو ڪمال

تشبيھ مان مراد آهي هڪ شيءِ جي ٻي شيءِ سان سندس گڻن ۽ اوگڻن ۾ هڪ جهڙائي ڏيکارڻ. پوءِ اهي گڻ يا اَوگڻ ڪهڙي به نوعيت جا هجن. مثلاً قد بت، شڪل شباهت، رنگ ڍنگ، عادات اطوار وغيره وغيره. سولن لفظن ۾ ٻن اسمن جي هڪ ٻئي سان ڀيٽ ڪرڻ کي تشبيھ چئبو. ڪنهن به سڌريل ۽ ادبي ٻوليءَ ۾ تشبيھ جو استعمال عام هوندو آهي. کڻي چئجي ته تشبيهون ادبي ٻوليءَ جي جان هونديون آهن.
پنهنجو مطلب ۽ مفهوم سمجھائڻ لاءِ به تشبيهن جو سهارو وٺڻ ضروري هوندو آهي. اسان جي سنڌي زبان تشبيهن جي دولت سان مالا مال آهي.لطيف سائين جي رسالي جو مطالعو ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته ان جا سمورا سُرَ تشبيهن سان ٽمٽار آهن. تشبيهون به اهڙيون ته موزن مناسب ۽ موقعي مهل توڙي مفهوم جي لحاظ کان آنديون ويون آهن جو پڙهندڙ حيران ٿي وڃي ٿو ۽ لطيف سائين جي مشاهدي کي داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگھي. هتي رسالي جي ڪجھ سُرن مان خوبصورت تشبيهن جا مثال پيش ڪجن ٿا. جنهن مان لاکيڻي لطيف جي فن، فڪر ۽ مشاهدي جو بخوبي اندازو لڳائي سگھجي ٿو. سُر يمن ڪلياڻ جو هڪ بيت آهي.
ڪاتب لکن جيئن، لايو لام الف سين
اسان سڄڻ تيئن، رهيو آهي روح ۾
لام (ل) کي الف (ا) سان ملائڻ جون ٻه صورتون آهن. هڪ ’لا‘ ۽ ٻي ’لا‘. لطيف سائين لام کي الف سان ملائڻ جي ڳالھ ٿو ڪري. هتي پهرين شڪل ۾ لام ۽ الف ڌار بيٺا آهن. يا انهن کي ڌار ڪري سگھجي ٿو. جڏهن ته ٻي شڪل ۾ لام ۽ الف اهڙي صورت اختيار ڪئي آهي جو انهن کي هڪ ٻئي کان ڌار ڪري ئي نه ٿو سگھجي. جي انهن کي ڌار ڪبو ته انهن جي شڪل ئي بگڙي ويندي. لاکيڻي لطيف محبوب جي عاشق جي روح ۾ رچي وڃڻ واري تشبيھ ان ڪاتب جي لام الف واري ڳانڍاپي سان ڏني آهي. جنهن مان سندس فڪر جي بلنديءَ جو پتو پوي ٿو.

ڀٽائيءَ جي محبت جا معيار ـــ سرور نواز ٻگهيو (Sarwar Nawaz Bughio)



سرور نواز ٻگهيو
ڀٽائيءَ جي محبت جا معيار


ڀٽائي دنيا جي شاعرن ۾ نرالي حيثيت جو مالڪ آهي، جنهن جي شاعريءَ ۾ نه رڳو فڪري گهرائي آهي پر الهام، مُتشابهه- شعر، انسانيت، ٻولي جي سونهن، موسيقي، ثقافت، تاريخ، تهذيب، تمدن، عاجزي ۽ بُلند پايي جو ڪردار به موجود آهي. ڀٽ ڌڻي، دنيا جي شاعرن ۾ الڳ ٿلڳ مقام جو مالڪ آهي. جڏهن سندس شاعري پڙهجي ٿي ته ماڻهو ڪنهن ٻي دنيا ۾ هليو وڃي ٿو، جيڪا آهي سندس تخليق ۽ فڪري اُڏام جي دنيا ۾.
سُر کنڀات جو تعارف لکندي، ڊاڪٽر گربخشاڻي لطيف سائينءَ جي ترتيب ڏنل رسالي۾ لکن ٿا ته ”کنڀات هڪ شهر جو نالو آهي جو گُجرات جي اُلهندي طرف کنڀات جي نار جي مُهڙ تي بيٺل آهي. کنڀات ڪنهن سمي، هڪ مشهور وسيل بندر هوندو هو ۽ ديسان ديس سندس واپار هلندو هو. عرب واپاري به هن بندر ۾ گهڻي تعداد ۾ ايندا هئا. هن سُر کي کنڀات انهيءَ ڪري سڏين ٿا جو اصل اُتي جي ڪنهن نامياري گويئي جو رچيل آهي. هن سُر کي سُر ڪماچ به ڪري چوندا آهن ۽ رات جو ڏهين بجي ڌاري ڳائبو آهي. سندس ڳائڻ سان من ۾ ڌيرج ۽ ڳنڀيرتا اُتپن ٿيندي آهي. مضمون جي بيهڪ ۽ عبارت مان معلوم ٿئي ٿو ته هي سر شاهه صاحب جي جوانيءَ جي وقت جو چيل آهي ان ڪري ئي هن سُر جو مضمون تازو ۽ دلڪش آهي.“ سُر کنڀات جي شروعات ئي لطيف سائينءَ پرين جي تعريف ۽ واکاڻ سان ڪئي آهي فرمائين ٿا:
ڀلائي جا ڀير، پيشانيءَ ۾ پرين جي
اڱڻ اُڪنڍين جي، ڏي پاٻوهي پير،
قمر پاڙي ڪير، شمس سُپرين سين.