شبنم گل
ڀٽائي جي تصوراتي سگهه!
شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعريءَ ۾ حواس
خمسه جي بهترين مشاهدن تي مشتمل زندگي ۽ سنسار جو ڳوڙهو اظهار آهي، فن ۽ فڪر جون مختلف
صورتون لاشعور جي وسيع دنيا جو عڪس آهن. اها دنيا مخفي، پراسرار ۽ حيرت ۾ مبتلا ڪندڙ
آهي. تصوف جي حوالي سان روحانيت جو مظهر پڻ، شعوري سطح تي ٿيندڙ ڄاڻ، مشاهدو ۽ تجربو
آهي. اهڙي مشاهدي لاءِ ضروري آهي ته جسم، ذهن ۽ روح ۾ ويجهڙائي هجي. ان خيال کي ڀٽائي
پنهنجي مختلف شعرن ۾ ورجائي ٿو. اخلاقي فلسفي جا ماهر جوزف بٽلر ۽ جي اي مور جي خيال
مطابق سوچ جو صحيح رخ، خاص انساني اخلاقي صلاحيت تي دارومدار رکي ٿو. سندن خيال آهي
ته مشاهداتي سگهه ئي وجداني ۽ منطقي اصولن جو مجموعو آهي، جنهن لاءِ ذاتي تجزيو ۽ خالص
پرک جو معيار گهربل آهي. ساڳئي نموني ڪانٽ مطابق ڄاڻ کي وجداني ڪيفيت وسيلي سمجهي سگهجي
ٿو. ان خيال جي ڀرپور ترجماني شاهه سائين جي هن شعر ۾ بيان ٿيل آهي.
اکر پڙهه الف جو، ورق سڀ وسار،
اندر تون اجار، پنا پڙهندين ڪيترا.
اندر جو اجارڻ هڪ واجداني ڪيفيت آهي. وجدان
جو مطلب اهو آهي ته اڳواٽ شين جي حقيقت جي پروڙ پئجي وڃي، يا ماڻهوءَ کي اڳواٽ مستقبل
۾ ٿيندڙ واقعن جو علم ٿئي. اها علم ۽ عمل جي هڪجڙائي آهي. علم کي عمل جي پهچ گهرجي،
جنهن لاءِ علم کي صحيح نموني سمجهڻ جي ضرورت آهي. جديد نفسيات ۽ مابعداز نفسيات جو
بنياد پڻ ان سوچ تي ٻڌل آهي.
Intuition يا وجدان خوابن
جو هڪ اهم حصو ٿئي ٿو، انهن خوابن جي ترجماني جديد نفسيات بخوبي ڪئي آهي. مثال البرٽ
آئنسٽائن پنهنجي جڳ مشهور ٿيوري آف ريليٽوٽي کي ننڍپڻ جي خواب سان منسوب ڪري ٿو. اها
ان وقت جي ڳالهه آهي جڏهن هو رياضيءَ جي مضمون ۾ فيل ٿيو هو، ۽ سندس والدين کيس پلمبر
جو ڪم سکڻ لاءِ زور ڀرڻ لڳا. اهو دور آئنسٽائن لاءِ ڏکيو هو، انهن ڏينهن ۾ هن خواب
ڏٺو ته هو ۽ سندس دوست رات جو برف سان ڍڪيل پهاڙ تي ترڪي رهيا هئا، وري مٿي چڙهي هيٺ
لهڻ لڳا. ان مهل کيس اندازو ٿيو ته سندن رفتار روشنيءَ جي رفتار کان تيز ٿيندي پئي
وڃي. ان گهڙيءَ هن مٿي نهاريو، جتي ستارا مختلف رنگن ۾ ويڙهيل هئا، جيڪي کيس اڳي ڪڏهن
به نظر نه آيا. آئنسٽائن جو چوڻ آهي ته ”منهنجو سمورو سائنسي ڪيريئر ان خواب جو ثمر
آهي، جنهن تي مان مستقل غور و فڪر ڪندو رهيس.“ جديد نفسيات جي باني ماهرن فرائڊ، ڪارل
يونگ، جيمز هلمين ۽ ميڊراڊ باس ان ڏس ۾ وجداني خوابن تي اهم ڪم ڪيو آهي. مثال طور ڀٽائيءَ
جي شاعريءَ ۾ پاڻيءَ جو ذڪر جابجا ٿيل آهي، اهي درياهه يا سمنڊ پنهنجي وسعت ۾ گهري
تمثيلي معنيٰ رکن ٿا.
















