فقير حاجن نظاماڻي
جنين سندو آهين، سي جي چونئي هڙ
شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي پيغام جو انداز
انتهائي ڏکيو به آهي ۽ تمام آسان به آهي. سائين جي ڪلام ۾ مثال طور پکين جون
عادتون، جيتن جون جبلتون، جانورن جي نسلن جو مثال، انساني حيات سان ملائڻ جو انداز
تمام گهڻو خوبصورت آهي. جيئن سائين جو پيار ۽ محبت سان سمجهائڻ آهي ان کي انساني
جبلتن ۽ عادتن سان ملائي سمجهائين ٿا. جيئن سائين هن بيت ۾ نانگ جي باري ۾ فرمائين
ٿا ته.
ڪاريهر ڪر مهڻون، اڻ لتاڙيون
نه کاءِ
جي ڏمرجي ڏنگ هڻي جهاڙو ڌلي
نه جاءِ
مادر تنهن مٿاءِ هڻي هٿ ڳلن
کي
ڪاريهر يعني ڪاري نانگ جي باري ۾ سائين جن
فرمائين ٿا ته ڪاري جي ڪر يعني خاندان کي مهڻون آهي ته هو ڪنهن کي لتاڙڻ کانسواءِ
ڏنگ نه هڻندو آهي. جيڪڏهن ان کي ڪنهن لتاڙيو يا تنگ ڪيو ته ڦيڻن وارن جي جاءِ
ناهي، يعني علاج جي حاج کان هو ناقص ئي ويندو، يعني هو لاعلاج ٿي ويندو. مري
ويندو. پوءِ صرف ماءُ ان جي ڳلن کي هٿ هڻي ٿي سگهي. يعني اولاڻو ڏئي روئڻ کان
سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي ٿي سگهندو.
لطيف سائين جن جانور جي جبلت جي باري ۾
ٻڌائي ٿو ته جانور گڏهه جي ڪهڙي حالت آهي. اُن جي عادت ڪهڙي آهي. اوهان جو سلوڪ ان
سان ڀلي ڪهڙو به ڇو نه هجي اُن جي عادت تي اوهان اثرانداز نٿا ٿي سگهو. جانور ته
جانور پر لطيف سائين جيتن جي خصلتن جو پڻ پيارو مطالعو ڪيو ۽ اسان کي سڌو رستو ڏنو
آهي.
کر کي کستوري، ٻانهون ٻڌي چار
پنهنجي پسوري، ليٽي ڏيکاريندو
لِڏ ۾














