رضوان گل
شاهه لطيف جي ڪلام ۾
جاگرافيائي علامتون ۽ اهڃاڻ
شاهه
لطيف جي ڪلام جو مطالعو ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته سندس سمورو ڪلام مختلف علمن جو
ڀنڊار آهي، ڀٽائي جي رسالي ۾ جتي ڏاهپ جا ڏس ملن ٿا اتي سندس شاعريءَ مان ڪيترائي
اهڙا مثال پيش ڪري سگهجن ٿا جن جو تعلق سائنس جي مختلف علمن ۽ ان جي شاخن (Branches) سان سڌي يا اڻ سڌي ريت
ضرور ملندو. هتي سائنس جي صرف هڪ شعبي جاگرافيءَ سان لاڳاپيل بيتن جو ذڪر ڪجي ٿو.
جيتوڻيڪ شاهه سائين ڪو سائنسي علمن جو ڄاڻو يا طالبِ علم نه هو پر ان هوندي به
سندس مشاهداتي اک جو اهو ڪمال آهي جو هن ڪائنات جي اسرارن کان وٺي سنڌ جي
جاگرافيائي بيهڪ تائين ڪيترن ئي موضوعن کي بلڪل ان ئي ريت بيان ڪيو آهي جيئن انهن
جو سائنسي تصور پيش ڪيل آهي. اهو محض اتفاق به نه چئبو ڇاڪاڻ ته ڀٽائي زميني خدو
خال جي بيهڪ (Topographical Features)
۽ پاڻيءَ واري حصي (Hydrosphere) کان ويندي سنڌ جي جن جاگرافيائي خطن کي الڳ الڳ ڪري بيان ڪيو آهي
سو ڪنهن ٻُڌل ڳالهه يا تصور جو ڪمال نه آهي پر اهو سندس ڳوڙهي مشاهدي ۽ عملي جاکوڙ
جو نتيجو آهي.
ڀٽائي
جي رسالي مان انيڪ بيت پڙهي اسانکي شاهه سائين جي علم جاگرافيءَ سان فطري شناسائي
۽ ويجھڙائي جو اندازو ٿي سگھندو. هن مقالي ۾ شاهه سائين جي اهڙن بيتن کي حوالي طور
پيش ڪري رهيو آهيان جن ۾ مختلف جاگرافيائي علامتن ۽ اهڃاڻن جو ذڪر آهي. جن ۾ ماڳ مَڪان،
مختلف جاگرافيائي مرحلا، الڳ الڳ وِٿون ۽ ڌاتو وغيره شامل آهن. ڀٽائي پنهنجي ڪلام
۾ ڪٿي انهن ۽ اهڙين شين جي اهميت ۽ افاديت کي اجاگر ڪيو آهي ته ڪٿي وري انهن جاين
۽ وِٿن جو صرف نالو کنئيون آهي.
جاگرافي
تمام وسيع علم آهي جنهن ۾ ڪائنات، نظامِ شمسي، گرهه، سج، چنڊ ۽ تارن کان ويندي
جبلن، ميدانن، ڍنڍن، درياهن، ٻوٽن، گاهن، جانورن ۽ ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي ۽ آبهوا وغيره
جھڙا انيڪ موضوع اچي وڃن ٿا جن جو ذڪر شاهه سائين پنهنجي رسالي جي مختلف سُرن ۾
ڪيو آهي. انهيءَ حوالي سان هن مقالي ۾ مثال طور صرف چند بيت ئي پيش ڪيل آهن، جن
مان اسان کي اهو اندازو چڱيءَ ريت ٿي سگھندو ته ڀٽائي جاگرافي جي موضوعن بابت
بنيادي ڄاڻ رکندڙ شخص به هيو. ان جو هڪ وڏو سبب اهو به ٿي سگھي ٿو ته هن پنهنجي
حياتي جا ڪيئي قيمتي سال سيلاني طور سير سفر ۾ گذاريا ۽ سنڌ جي جاگرافيءَ کي اکين
پسيو. هن مقالي ۾ مون شاهه جي ڪلام منجھان جاگرافيائي اهڃاڻن ۽ علامتن کي اجسامِ
فلڪي، سنڌ جي طبعي جاگرافي، ڌاتن ۽ پٿرن جو ذڪر، درياهن ۽ واهن جو ذڪر، درياهن جي
جانورن، گاهن ۽ ٻوٽن جو ذڪر، ڍنڍن جو ذڪر، ماڳ مڪانن، شهرن ۽ ملڪن جو ذڪر وارن
عنوانن ۾ظاهر ڪيو آهي.















