شاهه جو رسالو

Tuesday, 11 May 2021

ڀٽائي ــ نفـسيات جو ماهر ـــ ماهتاب منور عباسي (Mahtab Munawar Abbasi)

 ماهتاب منور عباسي

 

ڀٽائي ــ نفسيات جو ماهر

 


ڀٽائي (رح) کي ماهر نفسيات بيان ڪرڻ کان اڳ اهو سمجهائڻ ضروري آهي ته نفسيات چئبو ڇاکي آهي؟ ”انسان جو خودپسنديءَ ۽ خودنمائيءَ جو شڪار ٿيڻ، پنهنجو پاڻ کي گهٽ ۽ وڌ سمجهڻ. انسان جي فطري خواهش ته هو ڪنهن کي چاهي ۽ ڪو هن کي چاهي. عشق جو مسئلو، ان جي ابتدا ۽ عشق ۾ فراق ۽ وصال ٻئي لازم ۽ ملزم شيون آهن. انسان جو وحشي ۽ ساڳئي وقت نرم دل ٿيڻ. نفرت ۽ پيار جو مادو. نفسيات انسان جي زندگيءَ جي هر موڙ ۽ ساهه جي هر حرڪت ۾ نمايان ٿيڻ. عورتن ۽ مردن جا هڪ ٻئي سان لاڳاپا. همدردي ۽ پيار جو شديد احساس. اهي سڀ نفسيات جا مظهر آهن، نفسيات ڇا آهي؟ ان جا سڀئي ۽ هر هڪ مظهر نه سمجهي سگهبا آهن ۽ نه سمجهايا ويندا آهن، پر انهن جو احساس هر انسان جي دل جي هر حرڪت ۽ ڌڙڪڻ ۾ موجود هوندو آهي.

عمر مارئيءَ جي داستان ۾ ايترو غم ۽ ايترو اثر ڇو آهي؟ مومل. راڻي جي عشق ۾ ڇو اڙجي پئي؟ سسئي ۽ پنهون ڇو هڪ ٻئي سان ساري زندگي گذارڻ جو قسم کاڌو؟ ڄام تماچي ڇو صرف نوريءَ تي ئي ايترو مهربان ٿيو؟ سسئي پنهون، عمر مارئي، مومل راڻو، نوري ڄام تماچي، سهڻي ميهار ۽ ليلا چنيسر جا ڪردار ڇو شاه صاحب چونڊيا؟ جيڪڏهن مٿين سوالن تي گهڙي کن غور ڪيو ويندو ته هر باشعور انسان کي هڪڙو ئي جواب ملندو ۽ اهو صرف هيءُ ته (ڀٽائي رح) شاعر هجڻ سان گڏ و گڏ هڪ ماهر نفسيات به هو.

ڀٽائي (رح) جي هر شعر ۾ حقيقت جو ائين ته رنگ ڀريل آهي جو ٻڌندڙ ۽ پڙهندڙ هر شعر ۾ پنهنجي دل جو آواز صاف طرح ٻڌي ۽ محسوس ڪري سگهي ٿو. ڀٽائي (رح) پنهنجي ڪلام ۾ انساني زندگيءَ جي هر موڙ تي ان خاص سماج جي، جنهن جي هر پيداوار ترجماني ڪئي آهي.

هر هڪ شاعر، مفڪر ۽ اديب ان سماج ۾ رهندڙ انسانن جي جذبات ۽ احساسات جي ترجماني ۽ عڪاسي ڪري ٿو ۽ جيڪي ڪي هو لکي ٿو يا چوي ٿو ان متعلق ان کي موضوع به ان سماج مان چونڊڻا ٿا پون ۽ ان کي موضوع ايستائين نه ملي سگهندا، جيستائين هو نفسياتي طور انسانن جي مجموعي حرڪتن ۽ احساسن جي پرک نه لهندو هجي.

ڀٽائي (رح) به پنهنجي وقت جي، جن موضوعن کي مختلف ڪردارن جي رنگ ۾ پيش ڪيو آهي، اهي بلڪل نفسياتي آهن، جنهن معنيٰ ۽ حالتن ۾ سنڌ جي واديءَ جي عوام جي ترجماني ڪئي آهي. دنيا جي مشهور ماهر – نفسيات ”ينگ“ جو مقولو آهي ته ”ماهر نفسيات“ لاءِ اهو ضروري آهي ته هو عوام جي فطرت جو ترجمان هجي ۽ انهيءَ لاءِ اهو به ضروري آهي ته هن جي پرورش اهڙي ماحول ۾ ٿي هجي، جنهن سان هن جي زندگيءَ جو هڪ وڏو حصو عام ماڻهن جي صحبت ۾ گذريو هجي“. انهي نظريه کي سامهون رکندي جڏهين اسين ڀٽائيءَ جي ڪلام ڏانهن نظر ورايون ٿا ته اسانکي اهو محسوس ٿئي ٿو ته ڀٽائي (رح) عام ماڻهن جي جذبات ۽ فطرت جي جيڪا ترجماني ڪئي آهي؛ تنهن مان صاف ظاهر آهي ته هو هڪ عوامي شاعر کان علاوه ماهر نفسيات به هو. اها ڳالهه ڀٽائي جي ڪلام ۾ چٽيءَ طرح سان واضح ٿيل آهي ته ڀٽائي (رح) عشق ۽ محبت جي هرهڪ ۽ سڀني داستانن ۾ ”پيار سان ڪنهن به رشتي کي منسلڪ ڪونه ڪيو آهي،“ ڇاڪاڻ ته ان جي خيال موجب ”پيار ۽ محبت سان ڪنهن به رشتي جو تعلق پيدا ڪرڻ خود پيار جي توهين ڪرڻي آهي.“

”عورت“ شاهه جي نظر ۾ ــ مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“ (Makhdoom Muhammad Zaman Talbul molla)

 

مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“


 

”عورت“ شاهه جي نظر ۾

 


جيئن هر ملڪ جي تهذيب، تمدن ۽ دستور پنهنجي پنهنجي قسم جو هوندو آهي، خورد و نوش جي شين ۽ انهن جي ٺاهڻ کائڻ جو ڍنگ ٻيو ٻيو ٿيندو آهي. چوڙماڻ جا طريقا ۽ نمونا جدا جدا هوندا آهن ۽ آب و هوا يا موسمن وغيره جي ٽائيمن ۾ فرق رهندو آهي، تيئن عشق و محبت ۽ گهرو زندگي جا اصول به ٻيا ٻيا هوندا آهن. ساڳي طرح اسان جي ملڪ ۾ به مٿين ڳالهين ۾ ڪئين ڦيريون ڦاريون آهن، اڄ کان نه بلڪ هزارن سالن کان. البت اسان وٽ اسلام اچڻ کان پوءِ ضرور ڪافي فرق به پيدا ٿيو آهي تاهم حالتون رسمون ۽ واقعا، جيڪي قديم ملڪي ماحول ۽ فطرت موجب هئا، اُهي اڄ به گهڻي ڀاڱي قائم آهن.

جديد سوارن جي تيز رفتاريءَ دنيا کي ايترو ته ننڍڙو ڪري ڇڏيو آهي جو مهينن جو سفر ڏينهن ۾ پورو ٿيو وڃي ۽ دنيا جي هر ملڪ جو ماڻهو ۽ هر چيز هر هنڌ هڪدم پهچي رهي آهي. ٻين شين سان گڏ نيون رسمون ۽ رواج به روزانه جهازن، ٽيليفون، تارن ۽ اخبارن توڙي فونن ۽ سئنيمائن جي ذريعي آسانيءَ سان علم ٿي رهيا آهن.


 

الهندي دنيا جي ملڪن جي پيروي ڪرڻ ڪري اسان جي ملڪ ۾ وڏيون ۽ گهڻيون تبديليون آيل آهن، اچي رهيون آهن ۽ اينديون رهنديون. اسان وٽ پئسي جي گهٽتائيءَ جو صرف انڌي پيروي ڪرڻ ئي هڪ عظيم سبب آهي. جيڪي ڪجهه پيدا ٿئي ٿو، اهو فيشن، سئنيمائون، هوٽلون، ڊنرون ۽ رسيپشنون تقريبات وغيره گهليو وڃن. باقي ٿوري گهڻي بچت اسپتالن ۾ هلي وڃي. اهڙيءَ طرح اسان جي ملڪ ۾ تهذيب و تمدن، رسم و رواج دستور  و اصول جي به نه فقط مهانگائي آهي، پر ترکوٽي به آهي. افسوس وري هي ته اهي شيون خريد ڪرڻ سان ڪٿان ملي به نٿيون سگهن. نه ڪنهن فئڪٽري ۾ ٺهن، نه سندن ڪو بڪ ڊيپو آهي ۽ نه وري ٻاهرين ملڪن مان اهي شيون درآمد ٿي سگهن ٿيون. اهي هيون ئي هتي جون، جي هينئر تباه ۽ برباد ٿي رهيون آهن.

الهندي دنيا واري آزادي، جنهن کي آءٌ سخت پابند سمجهان ٿو (ڇو ته ان آزاديءَ ۾ ڦاسڻ بعد ڪوبه جند ڇڏائي نٿو سگهي) جا اسان جي ملڪ ۾ به هڪ عرصي کان ڪاهي پئي آهي ۽ ذري گهٽ اوج تي آهي تنهن ٻيڙي سير تي چاڙهي ڇڏي آهي. هن وقت انهي آزاديءَ جي صرف هڪ نڪته ڏي منهنجو اشارو آهر. جنهن تي هن مقالي جو دارو مدار آهي. اهو نڪته آهي عورت جي آزادي. اها آزادي تعلق کي چئجي ٿو يعني عورت جو مرد سان تعلق ٽٽي رهيو آهي. ساڳيءَ طرح مرد به انهي آزاديءَ ۾ گرفتار آهي. نفسيات جا ڄاڻو جيڪڏهن غور ڪندا ته مرد ۽ عورت غير شعوري طرح انهن حالتن کان گهٻرايل آهن ۽ سندن لاشعور نجات حاصل ڪرڻ ۾ مصروف آهي. ڪي هوشيار هستون انهيءَ آزاديءَ مان جند ڇڏائڻ لاءِ به هٿ پير هڻي رهيون آهن.


 

هاڻي مطلب تي اچون ٿا ته اسان جي ملڪ جي عورت کي مرد سان ڪهڙي نموني ۾ هلڻ گهرجي، کيس مرد سان ڪهڙي قسم جو برتاءُ ڪرڻ گهرجي ۽ سندن مرد سان ڪهڙو تعلق رهڻ گهرجي. مرد بابت هڪ ٻيو مقالو لکبو جنهن ۾ مرد جي تعلقات وغيره تي روشني وڌي ويندي. پنهنجي مقالي جو مقصد مونکي ڀٽائي صاحب جي ڪلام مان ئي پيش ڪرڻو آهي. ڇو ته ٻئي ڪنهن به ڪتاب يا رسالي ۾ انهي قسم جي وضاحت ٿيل ڪانه ٿي سجهي.

دنيا جي عورت کان هندستان جي عورت جي وفاداري ۽ خاوند يا محبوب سان نيازمندي بالا تر آهي. پاڪستان به هندستان مان آزاد ٿيل هڪ ٽڪرو آهي، تنهنڪري اسان وٽ به اها ساڳي شيءِ موجود آهي ۽ موجود هئڻ گهرجي.

شاهه جي رسالي جو بلوچي ترجمو، نسب نامو ۽ آڳاٽا ماخذ ــ اياز عالم ابڙو (Ayaz Alam Abro)

 اياز عالم ابڙو


 

شاهه جي رسالي جو بلوچي ترجمو،

نسب نامو ۽ آڳاٽا ماخذ

(ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏19 فيبروري 2011۔)


 

شاهه رحه جي رسالي مان چونڊ ڪلام جو بلوچي ترجمو ٿي چڪو آهي، ان سلسلي ۾ گل محمد ”گل مليرائيرسالي مان سر يمن ڪلياڻ، رپ، بروو سنڌي، ڪوهياري، معذوري، سسئي ۽ ديسي مان هڪ هڪ بيت، سر آسا جا ٻه بيت ۽ سر مارئيءَ جا ٽي بيت (ڪل 9 سرن مان 12 بيت چونڊي) بلوچي ترجمو ڪري شايع ڪرايا، جيڪي ڪراچيءَ جي آرٽ اڪيڊمي طرفان ”لعل لطيف“ سوينئر 1991ع ۽ شاهه لطيف چيئر ڪراچي يونيورسٽيءَ جي ”ڪلاچي“ تحقيقي جرنل (ڊسمبر 1999ع) ۾ ڇپجي چڪا آهن. بلوچي زبان جي نامور اديب، شاعر ۽ ترجمانگار پير محمد ”پيرلزبيراڻيءَ شاهه سائينءَ جي رسالي مان ڪجهه بيت مثنوي انداز ۾ ترجمو ڪيا. بلوچي ٻوليءَ جي شاعر، ترجما نگار ۽ تاريخِ بلوچستان جي مصنف مير گل خاننصير“ شاهه جي رسالي مان ”سر سسئي“ جي ڪجهه چونڊ بيتن جو بلوچي زبان ۾ ترجمو ڪيو. ان سلسلي ۾ هن شيخ اياز جي اردو ترجمي وارو ”شاهه جو رسالو“ آڏو رکيو ۽ خاص ڪري رسالي مان انهن بيتن جو ترجمو ڪيو، جن ۾ ”خان بلوچ،ٻروچ“، ”ٻاروچو“، ”ٻاروچل“، ”ڪيچي“، ”ڪيچ“ (مڪران)، ”ڪوهيارل“ ”آري،ڄام“، ”آرياڻي“، ”هوت“، ”پنهون“، ”پنهل“، ”ڪلات“ (قلات) جو ذڪر آهي. مير گل خان ”نصير“ جو ڪيل بلوچي ترجمو ”لطيف گُشيت“ جي عنوان سان 1983ع ۾ بلوچي اڪيڊمي ڪوئيٽا طرفان شايع ڪيو ويو. هي 60 صفحن جو ڪتاب آهي، جنهن جي پندرنهن صفحن تي شاهه سائينءَ جي سوانح حيات بابت مهاڳ ڏنل آهي، جنهن ۾ هن شاهه سائينءَ کي ”ڪهيري بلوچ“ ڄاڻائيندي لکيو ته: ”لطيف جي شاعريءَ ۾ گهڻائي ”پنهون“ جي نالي ”بلوچن“ سان واڳيل ۽ واکاڻيل آهي. شاهه جو پڙ ڏاڏومير علي“ به بلوچ هو، ان لاءِ اهو ثبوت ڪافي آهي ته لفظ ”مير“ رڳو بلوچ پنهنجي نانءُ اڳيان لکندا يا استعمال ڪندا آهن“. مير ”نصير“ جو اهو ڪتاب جيئن ته گردش ۾ آهي، ڪيترن ئي پڙهندڙن جي مطالعي هيٺ رهيو آهي، ان لاءِ ضروري ڄاتو ويو ته: حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي شجري بابت اُهي ڇڙ وڇڙ، آڳاٽا، مستند ۽ بنيادي ماخذ هڪ جاءِ ڪري لکيا وڃن ته جيئن پڙهندڙ ان طرف به ڌيان ڏين ۽ شاهه سائين رحه جي نسب نامي ۽ حياتيءَ بابت رڪارڊ درست رهي. ”بيان العارفين“: هي ڪتاب 1038هه/1629ع ۾ لکيو ويو. فارسي متن سميت سنڌي ترجمي سان مختلف دستخط ڊاڪٽر عبدالغفار سومري پاران تحقيق ڪري، سوڌي سهيڙي، علامه قاضي تحقيقي رٿا هيٺ 2002ع ۾ شايع ڪيو ويو (محقق پاران لکيل مهاڳ ۽ مقدمي کان علاوه منصوره ڪتبخاني وارو اصل فارسي متن شايع ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ شاهه ڪريم رحه کان ويندي شاهه عبداللطيف جي پيڙهيءَ بابت 467 شعرن سان منظوم احوال قلمبند ٿيل آهي). ”مقالات الشعراء“: هي ڪتاب 1147هه/1761ع ۾ لکيو ويو. مير علي شير قانع جو ترتيب ڏنل فارسي دستخط 1885ع ۾ دهلي (انڊيا) ۾ شايع ٿيو، سنڌي ادبي بورڊ پاران ان جا سنڌي ۽ اردو ڇاپا پڌرا ٿيا. هن ۾ شاهه سائينءَ بابت مختصر احوال ڏنل آهي. ”طور مار سلاسل“: هي 1202هه/1787ع ۾ لکيو ويو. مير علي شير قانع جي ترتيب ڏنل ان فارسي دستخط ۾ شاهه عبداللطيف رحه سميت صوفياءِ ڪرام جي طريقت جا سلسلا ۽ شجرا ڏنل آهن (اهو ناياب دستخط اڻ ڇپيل آهي) ۽ سنڌالاجي ڪتبخاني ۾ سانڍيل آهي. ”معيار سالڪانِ طريقت“: هي ڪتاب 1203هه/1787ع ۾ لکيو ويو. مير علي شير قانع جي ترتيب ڏنل هن دستخط کي ٻن پرڏيهي عالمن رچرڊ برٽن 1851ع ۾ ۽ ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ 1854ع ۾ (شاهه سائينءَ جي حياتيءَ جي سلسلي ۾) تحقيق جي دائري ۾ رکيو. ٻنهي پرڏيهي محققن طرفان شاهه سائينءَ جي حياتيءَ بابت مضمون ان دور جي مشهور رسالي ”جرنل آف رائل ايشيائڪ سوسائٽي“ جي شمارن ۾ شايع ٿيا. ”سلڪانِ طريقت“ جو واحد ”قلمي متن“ برٽش لائبريري لنڊن ۾ شماره (589,ADD.21)طور تحقيق ڪري ڊاڪٽر سيد خضر حيات ”نوشاهي“ پي ايڇ ڊي لاءِ مقالو ”معيارِ سالڪان طريقت“ لکي، بيت الحڪمت همدرد يونيورسٽي ڪراچيءَ مان 1994ع ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. هي ڪتاب 2000ع ۾ اداره معارف نوشاهيه (ساهن پال شريف) پنجاب مان شايع ٿيو. شيخ محمد حسن يحيٰ القريشي ٿر بچاڻوي پڻ ۽ ترجمو ڪيو، سنڌي ادبي بورڊ 30 آگسٽ 2010ع تي ڇپائي پڌرو ڪيو

شاهه لطيف جي عوامي شاعري ــ ڊاڪٽر تنوير عباسي (Dr. Tanveer Abbasi)


ڊاڪٽر تنوير عباسي


شاهه لطيف جي عوامي شاعري

 


انساني تهذيب جي پرهه ڦٽڻ وقت انسان جو سمورو سرمايو سڀني لاءِ هڪجيترو موجود هو، پوءِ اُهو جسماني محنت جو نتيجو هجي يا ذهني پورهئي جو ڦل. ان تي ڪنهن به هڪ شخص يا ٽولي جو قبضو نه هو، نه ذهني پورهئي جي پرماريت هئي، نه جسماني، محنت جو استحصال ان دور ۾ کاڌو خوراڪ، زمين جي پيداوار توڙي هر قسم جو شڪار سڄي سماج لاءِ هوندا هئا. ان سان گڏ گيت ۽ ناچ پڻ اجتماعي هئا.

اهو دور لوڪ ادب جو دور هو، جڏهن هڪ شخص جا چيل ٻول هر ماڻهوءَ جي زبان تي هوندا هئا، ڇو ته انهن ۾ هر ماڻهوءَ جي دل ڌڙڪندي هئي. اُنهن ٻولن تي ڪنهن هڪ شاعر جو نانءُ نه هو، ڇو ته ٻولن سان ٻول ڳنڍيا ويا. هڪ ٻول هڪ ماڻهوءَ جو ته ٻيو ٻول ٻئي جو، ائين انهن گيتن جي پيڙهين تائين ترتيب هلندي پئي رهي. انهن جي تڪميل ۾ ڪيئي ماڻهو حصو وٺندا رهيا ۽ ڪيئي پيڙهيون انهن کي ڳائينديون رهنديون هيون.

اُهي گيت هر ماڻهوءَ جي چپن تي هوندا هئا، ڇو ته اهي سندس ئي ساديءَ، سٻاجهيءَ ۽ نماڻيءَ ٻوليءَ ۾ چيل هوندا هئا. اُنهن جي لفظن ۾ ڪا ٺاهه ٺوهه نه هئي. انهن جو موضوع هر ماڻهوءَ جو ڏٺل وائٺل ۽ محسوس ڪيل هو. ان ۾ بيان ڪيل جذبا به سندس دل وٽان هوندا هئا، ان ڪري اهي گيت عوام ۾ مقبول هئا. ان دور جي اها شاعري ”عوامي شاعري“ هئي.

وقت جو ڦيٿو ڦرندو رهيو، تاريخ جي گاڏي اڳتي وڌندي رهي. جسماني محنت جي پرماريت شروع ٿي ويئي. ناڻو وجود ۾ آيو، موڙيءَ منهن ڪڍيو، ان کان پوءِ قبائلي ۽ جاگيرداري نظام آيا. سڀني تبديلين نه رڳو اقتصادي ۽ سماجي نظام تي اثر ڪيو، پر ذهني دنيا تي پڻ ان جا پاڇولا پيا. ادب، فن ۽ شاعري سڀ ان کان متاثر ٿيا. لوڪ ادب جي اهميت گهٽجي ويئي. جسماني محنت جي پرماريت سان گڏوگڏ ذهني پورهئي جي پرماريت پڻ شروع ٿي ويئي. ادب، فن۽ شاعري عام ماڻهوءَ لاءِ نه پر هڪ خاص ٽولي لاءِ وڃي رهيا. عوامي ٻوليءَ کان هٽي مٿاهين طبقي ٺاهه ٺوهه ۽ فئشن واري ٻولي ڪتب آڻڻ شروع ڪئي، ۽ جي پرماريت ڪندڙ ٽولا ڌاريءَ قوم جا هئا ته انهن عام ماڻهوءَ ۽ ان جي مقامي ٻوليءَ ۽ شاعريءَ کان هٽي، ان سان سڀ ناتا ٽوڙي، پنهنجي ڌاريءَ ٻوليءَ کي مٿڀرو ڪرڻ شروع ڪيو.

اها پرماريت ڪندڙ ٽولي جي مٿڀري مقامي ٻولي به عام ماڻهن جي سمجهه کان مٿي هئي، ڇو ته ان ۾ هڪ خاص طبقي جا محاورا، اصطلاح، ماحول، جذبا، احساس ۽ امنگ هئا. شاعريءَ جو ماحول هن وسيع دنيا کي پاڻ ۾ سمائڻ بدران ويڙهجي سيڙهجي درٻارن ۾ وڪامڻ لڳو. قاتلن ۽ خونين کي فاتح ۽ سورمو سڏيو ويو، سندن شان ۾ قصيدا لکيا ويا. عوام جا شاعر ڀٽ ۽ ڀان وڃي رهيا، جن کي گهٽ نظر سان ڏٺو ويو. ان جي برعڪس خوشامدڙين ۽ چاپلوسن کي لقب ۽ خلعتون عطا ڪيون ويون.

شاهه جي رسالي ۾ موجود سَنڌِي پرڪاش راڳن جو اڀياس ـــ سڪندر ساگر پنهيار (Sikander Sagar Panhyar)

 
سڪندر ساگر پنهيار

شاهه جي رسالي ۾ موجود

سَنڌِي پرڪاش راڳن جو اڀياس




آڳاٽي دور ۾ جڏهن هن ديس مان

گنگا،يمونا(جمنا)،سرسوتي،ستادو(ستلج)،پروشني(راوي)،اسڪني(چناب)،وتستا(جهلم)،اوارگيگا(بياس)،سوشاما(سنڌو)ناليست درياهه وهندا هئا ته هن ديس کي ”سپت سنڌو“ يعني ستن دريائن وارو ملڪ ڪري سڏيندا هئا.هي سنڌ ديس جو اهو دور هو جڏهن ڌرتيءَ جي گولي تي”هند“ نالي ملڪ جوڪو وجود ئي نه هو.ان وقت سنڌ جا ايران سان واپاري،سياسي،۽سماجي لاڳاپا گھرا هئا،۽ آڳاٽي ايرانين پنهنجي لهجي ۾ سنڌ کي هند ڪري سڏيو،جو سندن ٻوليءَ ۾ “ س ”جي اُچار کي ڦيرائي “هه ” ڪري اُچاريو ويندو هو “ انهيءَ ريت هندو لفظ جي معنيٰ ٿي سنڌو جي ڪناري تي وسندڙ” قوم(1)نتيجي طور اهو چئي سگھجي ٿو ته هند (هندستان) نالي ملڪ سنڌ جي ڪک مان جنم ورتو آهي.

سنڌ جو تمدن ست هزار ق_م جھونو آهي،۽ تهذيب جي لحاظ کان ايران،عراق،مصرجو همعصر رهيو آهي،جنهن مان مغربي ايشياءَ روشني ورتي.ان وقت سنڌ ديس جا ماڻهو علم ۽ فن ۾ سگھارا هئا.اڄ به دنيا جون قديم تاريخون سنڌين جي ڏات ۽ ڏانوءَ جي ساک ڀرن ٿيون.ان ترقي ۽ اوج جو بنيادي ڪارج سنڌو درياء هو،جنهن جي پاڻي جي پالوٽ سان زمين زرخيز ٿي۽ سنڌين سنڌو جي پاڻي سان سونا سنگ اُپايا.ملڪ معاشي طور مضبوط ٿيو۽هميشه خوشحالي رهي”ان خوشي ۽ خوشحالي سببان ماڻهن جا ذهن کليا۽ هنن هر هنر ۽ فن ۾ ترقي ڪئي(2)

جڏهن موئن جي دڙي جي کوٽائي ڪئي وئي ته دڙي مان اهڙي ڪابه شيءَ هٿ ڪانه آئي،جنهن مان معلوم ٿئي ته ملڪ ۾ جنگ به لڳندي هئي،البته کوٽائي مان جيڪي آثار ۽ اهڃاڻ مليا آهن،تن مان هن ديس جي آڳاٽي ثقافت ۽ شهري زندگي جو شاندار عڪس نظر آيو آهي،جنهن بابت ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو رايو آهي تهآثار قديم جي ماهرن جڏهن هن بستي کي کوٽڻ شروع ڪيو ته کين اهڙا انساني مجسما مليا جيڪي ان دور جي ماهر ڳائڻن ۽ رقاصن جا آهن،اهي آثار ثابت ڪن ٿا ته سنڌ ۾ جيئن هنر ۽ فن جي ٻين شعبن ترقي ڪئي،تيئن راڳ ۽ رقص جو فن پڻ اوج تي پهتو،ان وقت جي باشندن کي هن فن جو ايترو ته شوق هو جو راڳ ۽ رقص ڪندڙ ماهرن جا مجسما ٺاهيائون.هڪ مجسمي جي خاص طرح ان جي قدمن جي بيهڪ،هٿ جي کڻڻي ۽ منهن جو رُخ،راڳ ۽ ناچ جي فني ناز ۽ انداز کي ظاهر ڪري ٿو(3)ان آڳاٽي آثارن ۽ اهڃاڻن جي بنياد تي اهو نتيجو اخذ ڪجي ٿو ته، ننڍي کنڊ ۾ موسيقي جا موجد آڳاٽا سنڌي هئا،نه ڪي آريا ڇو ته سنڌين جي ڀيٽ ۾ آريا اڻ سُڌريل،جھنگلي،لاڏائو،۽وحشي هئا.جيڪي پنهنجي چوپائي مال جي ڌڻن سان چراگاهن جي تلاش ۾ گشت ڪندا هئا،۽ جتي مناسب گذران ڏسندا هئا،اتي آکيرا اڏي ويهندا هئا،جو سندن پيرن هيٺان ڪا پنهنجي مستقل زمين ڪانه هئن.جنهن بنياد تي پنهنجي قومي سڃاڻپ ڪرائي سگھن.ان ڪري پنهنجي جياپي لاءِ ڀٽڪندا ڦرندا هئا”جتي به چراگاهن جو ٻڌندا هئا،ته پنهنجو مال ڪاهي تهذيبن کي لتاڙي اتي پڄي ويندا هئا.“(4)

Friday, 2 October 2020

ڀٽائي جي انقلابي عمرانيات ــ خادم بالادي (Khadim Baladi)

 

خادم بالادي


 

ڀٽائي جي انقلابي عمرانيات 

 

انساني تاريخ م عمل هڪ اهڙي وٿ رهيو آهي ،جنهن  ذريعي ڌرتي جي گولي تي وسندڙ انسان، فطري جبريت، کان وٺي ،سماجي جبريت تائين پنهنجي اختيار کي استعمال ڪري خود مختيار حثيت م زندگي گذارڻ جي تمنا پئي ڪئي آهي.

حقيقت ۾ انساني تاريخ ،جتي طبقاتي ڪشمڪش جي تاريخ آهي ساڳي وقت اها عمل ذريعي تحرڪ ۽ تغير جي تاريخ پڻ رهي آهي ، انساني تاريخ جي ارتقا، ان جو اوج،ان جي انتها،هڪ تسلسل ۾ ٿيندڙ واقعن جي ڪڙي آهي ،انهن واقعن جو ٿيڻ .ڪو امڪاني لقاء نه پر انساني عمل جي مادي تعبير آهي ،حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته انسان  ڪره ارض تي پنهنجي جياپي کي آسان ۽ فطري حالتن مطابق سازگار بنائڻ لاءمسلسل فڪري ۽ نظرياتي ۽ عملي ويڙه وڙهندو پيو اچي .جنهن جو ڦل انسان کي ملندو پيو اچي ، موجوده دور جا اسريل معاشره انسان جي اهڙي فڪري ، نظرياتي، ۽ عملي جستجو جو ڦلدائڪ نتيجو آهن .انسان جو عمل ۽ ادراڪ جي بنيا د تي اڳتي وڌڻ معاشري جي بهتري ، سٺائي لاء پاڻ پتوڙڻ نا انصافي، استحصال، ڦرلٽ ،پرماريت خلاف مسلسل عمل ۾ رهڻ جو بنياد اهي علمي ۽ فڪري جنگيون آهن ،جيڪي انسان پنهنجي ابتدائي معاشرتي حالتن ۾وڙهيون ،

انسان جي جنگ فطرت خلاف........ زرعي انقلاب تائين انسان جي سامهون صرف هڪ ئي جنگ هئي فطرت خلاف جنگ ،ان وقت جو انسان پنهنجي ذات جي تحفظ لاء فطرت جي ڪهري قوتن آڏو نبرد آزما ٿيندو رهيو فطرت خلاف مسلسل ويڙه ۾ انسان کي جيڪو شعور فطرت مليو انهي انسان کي فطرت تي فتح ڏياري . شعور فطرت انسان جي فطرت خلاف ويڙه ۾عظيم فتح هئي

ڀٽائيءَ جي نشانين کي صدين کان سانڍي رکندڙ ڳوٺاڻا ــ نواز ڪنڀر (Nawaz Kunbhar)

نواز ڪنڀر

 ڀٽائيءَ جي نشانين کي صدين کان سانڍي رکندڙ ڳوٺاڻا

 

 

ڀٽائي سرڪار جا جتي جتي به تڪيا آهن، انهن ۾ تعلقي ٽنڊي آدم جي يوسي ماڻڪ ٿهيم، ديهه وداداڻي، تپو ڀٽ ڏنو ۾ ڳوٺ غلام علي نظاماڻي وارا يقيناً خوش نصيب مريد چئبا جو وٽن ڀٽائي سرڪار جي ڪرڙ کان علاه جُتي ۽ ٽوپي پڻ موجود آهن، جيڪي هو پيڙهين کان ساهه ۾ سانڍيو اچن. لانڍي-ٽنڊو آدم روڊ تي لانڍي کان چار پنج ڪلوميٽرن تي ۽ روڊ کان ميل کن الهندي گهاٽن کٻڙن ۾ گهيريل هن ڳوٺ ۾ ڀٽائي جو ڪرڙ به هو، جنهن هيٺ ڀٽائي ايندي ويندي ويهندو هو، جنهن جي ڪري ڳوٺ غلام علي نظاماڻي وارا نظاماڻي، مشهور ئي ڪرڙائي نظاماڻي طور ٿيا.

ڀٽائي جي جُتي ۽ ٽوپي جي هتي هجڻ جي حقيقت هن ريت آهي ته هتي جي مريدن ڀٽائي سرڪار جي ٽوپي ۽ جُتي کي پراڻو محسوس ڪندي کين جڏهن نئين ٽوپي ۽ جُتي پيش ڪئي ته ڀٽائي سرڪار پنهنجي پراڻي جُتي ۽ ٽوپي هنن کي ڏئي ڇڏي. اها ٽوپي هيٺيان کان گول، مٿان سوڙهي ٿيندڙ، محراب وانگر، سائي ڪپڙي مٿان ڦڪن ڌاڳن جي خوبصورت ڀرت سان ڀريل آهي. ٽوپي ايڏي وڏي نه پر درمياني آهي، جنهن مان مٿي جي ماپ جو اندازو ۽ ڀٽائي جي جُتي ڏسي سندس ننڍي ۽ سنهي پير جو اندازو به آساني سان ڪري سگهجي ٿو. اها ڳالهه ڀٽائي جي تصوير پورٽريٽ ٺاهيندڙن کي ضرور ڌيان ۾ رکڻ گهرجي. ڀٽائي جي جُتي انتهائي نفيس ۽ خوبصورت ٽوپَي سان ڏاڍي زبردست ٺهيل آهي. حالانڪه سنڌ ۾ ان وقت کان ويجهي ماضي تائين اڪثريت گهيتلي (جتي جو هڪ قسم) کان ئي ڪم هلائيندي رهي آهي، پر هيءَ جُتي گهيتلي کان گهڻو مٿي آهي. ٽي سئو سال کن اڳ ڏنل پراڻي ٽوپي جي مختلف قسمن کي ڏسي ڏسندو ئي رهجي وڃڻ تي دل چوي ٿي. جُتي مٿي ڊزائين لاءِ ڳاڙهي رنگ واري ٽوپَي کي ڏسي هر ڪو دنگ رهجيو وڃي. ساڳي نموني جُتي جي اڳئين توڙي پٺين حصي جي بناوت ڏسي جُتي ٺاهڻ واري کي دل سان داد ڏيڻ تي دل چوي ٿي ته ڀٽائي جي ذوق کي به داد ڏيڻ کانسواءِ رهي نٿو سگهجي.

Tuesday, 15 October 2019

شاهه عبداللطيف ڀٽائي هڪ عالمي شاعر ۽ مفڪر .... مقبول احمد ڀٽي (Maqbool Ahmed Bhatti)


مقبول احمد ڀٽي

شاهه عبداللطيف ڀٽائي هڪ عالمي شاعر ۽ مفڪر


شاعر فطرت:

گل جي خوشبوءِ، چنڊ جي چانڊوڪي، ساز جو دلنواز آواز، انڊلٺ جي روح پرور رنگيني، عطر جي دلپذير هٻڪار جيئن ازخود پنهنجو پاڻ مهڪائي، حسن ازل جو جوهر جرڪائيندي آهي ۽ ان جي خوبيءَ لاءِ ڪنهن به دليل يا بيان جي ضرورت نه ٿيندي آهي، تيئن هڪ حقيقي شاعر جي اثر پذيري ۽ هر دلعزيزيءَ جي ثبوت لاءِ پڻ ڪنهن وڪالت جي ضرورت نه آهي. شاعر فطرت کي صانع قدرت طرفان سچ ۽ حق جي پرک جو هڪ اهڙو ملڪوتي ملڪو، تخليقي صلاحيت ۽ اصلاحي قوت وديعت ٿيل هوندي آهي، جو هو ماحول کان متاثر ٿيڻ بجاءِ، زماني تي اثر انداز ٿي، انسانيت جي فلاح ۽ عام طور ۽ پنهنجي سماج جي سڌاري لاءِ پنهنجو مخصوص ماحول پاڻ پيدا ڪندا آهن. سندن زندگيءَ جو هر لمحو ۽ زبان مان نڪتل هر لفظ انهيءَ منزل ڏانهن هڪ سنگ ميل ثابت ٿيندو آهي. دنيا جي تاريخ تي سرسري نظر وجهڻ سان ئي معلوم ٿيندو ته هر دور جي خوشگوار تبديلي ۽ انقلابي اصلاح ڪنهن اهڙي ئي شاعر فطرت جي وجود مسعود جي مرهون منت هوندي آهي.

شاهه جي عالمي حيثيت

سيد الشعراءَ شاهه عبداللطيف ڀٽائي اهڙن ئي عالمي شاعرن جي سٿ مان هڪ هو، جي زمان ۽ مڪان جي قيد کان آزاد، ملڪي حد بندين ۽ قوميتن جي سرحدن کان گهڻو پري، بني نوع انسان جي بهبوديءَ جا علمبردار مڃيا ويا آهن. سندن ابدي ۽ ازلي پيغام، هر دور لاءِ پيغام حيات هوندو آهي.
شاهه جي شاعريءَ کي پوريءَ ريت پڙهي پروڙڻ کان سواءِ جيئن کيس سمجهڻ جو حق آهي، سندس سهڻي سٽاءَ جو ڪاٿو ڪرڻ محال آهي. شاهه صاحب جنهن خلوص ۽ سچائي، سادگي ۽ سلاست سان انساني فطرت جا نرالا رنگ روپ نروار ڪري ڏيکاريا آهن جذبن ۽ احساسن، امنگن ۽ ارادن، حسرتن ۽ تمنائن، اميدن ۽ آسرن، خطرن ۽ خدشن، شڪن ۽ گمانن، ڏکن ۽ سکن جي اثرائتي انداز سان عڪاسي ڪئي آهي، ان ۾ هڪ فنڪار جو فن، هڪ عالم جو علم، هڪ مدبر ۽ هڪ مفڪر جو فڪر مليل جُليل معلوم ٿئي ٿو.

غير رواجي شاعرانه فطرت:
شاهه صاحب جي شاعري، شاعرانه تعلي، تصنع، تڪلف، خود ثنائي ۽ هر قسم جي نقاليءَ کان پاڪ، اهڙي اصلي احساس جي ترجماني ڪندڙ آهي، جا لفظن جي لطيف ڀڃ گهڙَ جون باريڪ منزلون طئي ڪري، مخاطب جي جذبات سان بلڪل ٺهڪي ڦهڪي اچي ٿي. سندس اندروني ذهانت ۽ سنجيدگي، گهرائي ۽ ماٺائي، ڪٿي عميق بحر، ته ڪٿي پهاڙي نديءَ جي روان دوان ۽ تيز تر ڇر جيان ڇلڪندي نظر چڙهي ٿي.
امراء القيس جي رزم آرائي، انوريءَ جي بزم سنجي، متنبيءَ جي معنيٰ خيزي، عرفيءَ جي سخن گيري، فردوسيءَ جي فصاحت، سنائيءَ جي پندو نصيحت، روميءَ جي رواني، سعدي جي سادگي ۽ سلاست، غالب جي بلاغت، اقبال جي بلند پروازي ۽ ٽيگور جي مدبرانه سنجيدگي، شاهه جي شعر جي هر سٽ مان جهاتيون پائي جهلڪندي ڏسڻ ۾ اچي ٿي.

شاهه جي ڪلام ۾ عشق جو تصور ...... محمد عمر چنڊ (Muhammad Umar Chand)


محمد عمر چنڊ

شاهه جي ڪلام ۾ عشق جو تصور

جيڪڏهن اڳيون زمانو هجي ها ته آئون سنئون سڌو عشق مجازيءَ جي تصور کان آڻي عشق حقيقيءَ تائين جذباتي روايتي دليلن سان مقالي کي کڻي پورو ڪيان ها. پر اڄ هڪ ذميدار نقاد جي لاءِ علمي توضيح ۽ حقيقت پسندي ناگزير آهن. انهيءَ ڪري ڊپ اٿم ته متان ڪنهن ذاتي غلط تصور جي بناءِ تي غلط بيانيءَ کان ڪم وٺي، شاهه صاحب جي روح اقدس يا سامعين ڪرام جي دل آزاري ڪريان. بهرحال بقول رومي:

زانکه دل جوهر بود گفتي عرض،
پس طفيل آمد عرض جوهر غرض.

عشق جو جيتوڻيڪ سڀڪنهن شاعر وٽ آراڌو تصور هوندو پر بهر صورت ان جي اصليت وري به هڪ ئي آهي. اهو بقول سگمنڊ فرائڊ، جنسي جذبي کان شروع ٿي، سڄي نوع انسان جي حياتيءَ تائين ترقي ڪندو ٿو وڃي. اڄ خود طبعيات به عشق ۽ نفرت کي نظر انداز نٿي ڪري سگهي. طبعيات جي آڏو سڄي ڪائنات جو نظام Attraction and Repulsion تي ٻڌل آهي. جيڪڏهن ڪو به سيارو يا ستارو انهن ڪشش جي حدن کان ٻاهر نڪري وڃي ته سندس وجود انهيءَ پل ۾ ختم ٿي ويندو. مرحوم خليفي عبدالحڪيم ”فڪر اقبال“ ۾ ابن عربيءَ جي ڪتاب ”حڪمت الاشراق“ تان نقل ڪيو آهي ته ”هر بلند نور کي هيٺئين نور تي غلبو ۽ اقتدار حاصل آهي ۽ هيٺيون نور مٿئين نور سان محبت ٿو رکي ۽ گويا سندس وصل جو خواهان آهي ۽ انهيءَ قهر و مهر Attraction and Repulsion سان نظام عالم جو وجود قائم آهي. هر قسم جي حقيقي ترقي عشق جي ئي بدولت ٿي سگهي ٿي. پر شرط اهو آهي ته مطلوب، طالب کان ارفع هجي. ڇو ته عشق حقيقيءَ جو رجحان هميشه ڪمال ڏي هوندو آهي. پر پرينديئي عشق حقيقي جو تصور ڪرڻ بي معنيٰ آهي. ابتداءَ جي لاءِ ضروري آهي ته مطلوب متشڪل هجي. متشڪل شيءِ جو حسن ئي انسان جي دل ۾ لاڪس محبت ٿو پيدا ڪري. انهيءَ ڪري هو عشق حقيقي توڙي حوس پرستي جنس کان شروع ٿي ٿئي. اهري عشق کي صوفيانه اصطلاح ۾ عشق مجازي چئبو آهي. اهو رڳو شاهه صاحب تي ٻڌل ڪونهي پر هڪ فنڪار، شاعر، صوفي توري فلسفي عشق مجازيءَ جي منزل مان ٿو لنگهي.
نفسياتي نقطي نگاهه سان ڪا عادت جيڪڏهن ناخوشگوار آهي يا جي ڪنهن خواهش جي تڪميل جي آس نٿي رهي ته اها عادت يا خواهش پنهنجي آسودگيءَ لاءِ نيٺ هڪڙو نئون رستو کڻي سفر ڪندي. جيئن پاڻيءَ جي وهڪ آڏو جيڪا رنڊڪ اچي وئي ته هو پنهنجو وهڪرو ٻئي پاسي بدلائي پنهنجي وهڪ جو سلسلو جاري رکندو. انهيءَ کي نفسيات ۾ انتقال چئبو آهي. عشق، جيئن مٿي ٻڌايو ويو. مجاز کان شروع ٿئي ٿو. پر جڏهن سندس جنسياتي خواهش جي تڪميل نٿي ٿئي ته هو پنهنجو رستو بدلايو وجهي ۽ عشق حقيقي ڏي لاڙو ٿيو پويس. پهريائين پهريائين اهو انتقال منهنجي خيال موجب، رڳو ”انا“ جي تسڪين لاءِ هوندو آهي. پر پوءِ وجدان ۽ عشق حقيقيءَ ۾ بدلجو وڃي.
انهيءَ ساڳئي انتقال جي مسئلي جي وضاحت لاءِ اسان وٽ فلسفيانه دليل اهو آهي ته ”خداوند رب العزت هر شيءِ کان زياده خوبصورت ۽ مڪمل آهي ۽ چئني پاسي کيس پنهنجو ئي ڪمال ٿو نظر اچي“. انهيءَ ڪري هو عاشق به پاڻ آهي ته معشوق به پاڻ، جيئن شاهه صاحب فرمايو:

پاڻ ئي پسي پاڻ کي، پاڻ ئي محبوب،
پاڻ ئي خلقي خوب، پاڻ ئي طالب تن جو.

شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ سونهن جا سوين رنگ ..... ڊاڪٽر شير مهراڻي Dr. Sher Mehrani


ڊاڪٽر شير  مهراڻي


شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ سونهن جا سوين رنگ


سونهن ڪائنات جو اهو عظيم مظهرآهي، جنهن ۾ جهان جون سموريون وسعتون سمايل آهن. حسن پنهنجي پيڪر ۽ نمونن ۾ ازل کان ئي ڪشش جو سبب بڻجندو رهيو آهي. ڪن ڏاهن حسن کي حقيقت سڏيو آهي ته ڪن وري حسن کي خير، نيڪي، سچائي ۽ ڀلائي سان تعبير ڪيو آهي. ڪجھ دانشور حسن کي معروضي سمجھن ٿا ته ڪن جو خيال آهي ته حسن موضوعي آهي. ڪي وري حسن ۽ سونهن کي موضوعيت Subjectiveity ۽ معروضيت Objectivity جو حسين ميلاپ سمجهن ٿا. داخليت ۽ خارجيت ۾ حسن جي موجودگي پڻ بحث هيٺ رهي آهي.
بحرحال حسن جي علم يعني جماليات کي ڪا به هڪ يا گڏيل طور تي تسليم ڪيل تشريح ڏيڻ کان اڄ تائين سڀ ڏاها قاصر آهن. ڇو ته جماليات هڪ اهڙو همه گير موضوع آهي، جنهن جون سرحدون مقرر ڪرڻ خود جماليات جي عالمن ۽ ڏاهن لاءِ هڪ چيلينج کان گهٽ ناهي. مختصر طور تي سونهن جي فيلسوفياڻي اڀياس کي جماليات چئي سگهجي ٿو.
سونهن جو تصور هر دور ۾ ڌار رهيو آهي. يعني هر دور ۾ سونهن کي پنهنجي نگاھ ۽ وقت جي نزاڪتن، حالتن ۽ گھرجن پٽاندڙ ڏٺو ويو آهي. يونانين وٽ سونهن جو تصور نيڪي يا ڀلائي سان مشروط هو؛ بقول ارسطو:
“The beautiful is that good which is pleasant because it is good”
ان کان علاوه ارسطو پوئٽڪس ۾ جيڪو اڻويھ ڀيرا سونهن جو ذڪر ڪيو آهي، ان مان سندس مقصد فني سونهن هو. يونان جي عظيم ڏاهپ جي دور کان پوءِ ابيقيورين جو دور اچي ٿو. جن جي ڏاهي ابيقيورس جو خيال هو ته روح به جسم وانگر مادو ئي آهي؛ جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته روح کي ڏک ۽ خوشيءَ جو احساس نه ٿئي ها. جماليات بابت سندس خيال هو ته حسن مادي جي ان هڪجھڙائي جو نالو آهي، جيڪو اسانجي حواسن کي سٺو لڳي ٿو فنون لطيفه جو اصل ڪم اهڙي سونهن کي پيدا ڪرڻ آهي، جنهن سان انسان کي حظ يا تسڪين حاصل ٿئي ٿي.
ابيقيورين کان پوءِ رواقين جو دور اچي ٿو، جنهن جو مک ڏاهو زينو هو. هو افلاطون ۽ ارسطو جي خيالن سان متفق هو ۽ سونهن کي اخلاقيات ۽ نيڪي سان ڳنڍي پيش ڪندو رهيو. رواقيت جو دور فنون لطيفه جي لاءِ لاڀائتو ثابت نه ٿيو. رواقيت کان پوءِاشراقيت جو دور اچي ٿو، هن دور جو عظيم ڏاهو فلاطيونس هو. فلاطيونس مصر جو رهواسي هو، هن نه صرف افلاطون ۽ سقراط جي فلسفي مان لاڀ حاصل ڪيو، پر هن ننڍي کنڊ (هندستان ) ۽ ايران جي فلسفين جا ويچار پڻ غور هيٺ آندا. هن جو خيال هو ته تخليقي تجربي يا ڪاريگري جو واسطو مادي دنيا سان نه بلڪه روحاني ۽ ماروائي دنيا سان آهي. فلاطيونس جي خيال کي تصوف ۾ تمام گھڻي اهميت جي نگاھ سان ڏٺو وڃي ٿو. فلاطيونس جو خيال هو ته هي دنيا اصل ۾ هڪ پاڇو آهي، جنهن دنيا جو هي ظاهري دنيا پاڇو آهي اها اصل ۾ خدائي ذات آهي. هن جو خيال هو ته فنون لطيفه اصل ۾ هڪ اهڙي وجداني دنيا جو نقل آهي، جنهن جي ساراھ کان اسان کي انڪار نه ڪرڻ گھرجي. ائين سندس فلسفي کي تصوف جو روح پڻ مڃيو وڃي ٿو. اشراقيت جي دور کان ويندي نئين جاڳرتا جي دور تائين ٻين علمن ۽ نظرين وانگر جماليات جي لاءِ پڻ هڪ ڪارو دور هو. ريني ڊيڪارٽ کي جديد فلسفي ۾ پيڙھ جي پٿر جي حيثيت حاصل آهي. ٻين علمن سان گڏ هن جماليات تي پڻ ڪم ڪيو. اصل ۾ سندس ڪم سڌو سنئون جماليات سان واسطيدار نه هو پر جيئن ته هن موسيقي جي اهميت کي واضع ڪرڻ لاءِ هڪ ڪتاب لکيو، ان ڪري کيس ماهر جماليات جي حيثيت سان پڻ ساريو وڃي ٿو.
“Rene Descartes produced treatise m music, although it contains little that would be recognized as aesthetics in the modern sense.”