شاهه جو رسالو

Wednesday, 3 June 2015

لطيف سرڪار: سنڌ جو سرتاج ــ غلام نبي درد هالائي (Ghulam Nabi Dard Halai)

غلام نبي درد هالائي

لطيف سرڪار: سنڌ جو سرتاج


قوم کي اگهور ننڍ مان سجاڳ ڪري پنهنجي عزت، عظمت لوئي ۽ لڄ لاءِ جذبو پيدا ڪندڙ عظيم شخصيتن جهڙي طرح جرمني ۾ گوئٽي، بنگلاديش ۾ ٽئگور، اردو ۾ حالي، اقبال، فارسي ۾ سعدي ۽ رومي اهڙي طرح سنڌ ڌرتي تي وقت جي صوفي شاهه عنايت شهيد، حضرت قلندر لعل شهباز، خواجه ابوالمساڪين، حضرت سلطان الاوليا خواجه محمد زمان لواري شريف، فقير عبدالرحيم گرهوڙي شريف، حاجي فقير الله علوي، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح، سچل، سامي ۽ ٻين تصوف جي بيش بها خدمت ڪئي ۽ علم و معرفت جا درياءَ وهائي ماڻهن جي دلين کي روحاني طرح سان فيضياب ڪيو . اهڙن ئي مانجهي مڙسن مختلف علم و فنون جي ذريعي انسانن کي حقيقت جي خبر ڏئي ، انهن جي دلين ۾اصولن جو اونهو احساس پيد اڪري، عشق جي قدرن جو احساس جاڳائي الله تعاليٰ سان سچو عشق ڪرڻ وارو اهڙو جذبو پيدا ڪيو ، جيڪو انسانن کي لوهه مان پارس ٿو بڻائي

Tuesday, 2 June 2015

انسان دوستي ءَ جو فڪر ۽ شاھ لطيف ــ ڊاڪٽر شير مهراڻي (Dr. Sher Mehrani)



ڊاڪٽر شير مهراڻي
انسان دوستي ءَ جو فڪر ۽ شاھ لطيف
انسان دوستي ڏاڍو همه گير ۽ گهرو موضو ع آهي. ڇاڪاڻ ته ان جي شروعات انسان جي تاريخ سان گڏ ٿي آهي ۽ ان ڪيترائي لاها چاڙها ڏٺا آهن. تبديلين ۽ تغيرات جي تيز وهڪري انسان کي ڪڏهن پنهنجي ويجهو ڪيو آهي ته ڪڏهن خود کان ڪوهين ڏور پولارن ۾ ڦٽو ڪيو آهي. هو جڏهن جڏهن به پنهنجي وجود جي ويجهو آيو هن پاڻ تي سوچيو ۽ معلوم ڪرڻ لاءِ ووڙيندو رهيو. ڄاڻڻ جي اڃ جي احساس ۽ اثر هيٺ انسان جو ڪائنات جي تخليق بابت نامعلوم حقيقتن  کي معلوم ڪرڻ جو سفر يوناني ڏاهي ٿيليس   (Thales 624-546 BC)کان شروع ٿي اڄ بگ بينگ جي ٿيوري تي پهتو آهي. ان ۾ انسان ڪٿي ڀوڳيو آهي ته ڪٿي سر ڏئي سرخرو ٿيو آهي. آدم جي هن ٻچڙي علم ۽ ڄاڻ جي پويان با ثمر ۽ بي ثمر ڪيتريون ئي ڪوششون ڪيو آهن. جن کي ڪجهه وريو آهي تاريخ انهن جا نالا ياد ڪيا آهن باقي جيڪي ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي راھ ۾ اجل جي ور چڙهيا اهي نه تاريخ ۾ موجود آهن نه وري ڪنهن جي ذهن ۾ انهن جي ڪوششن جو خاقو آهي. پر هڪ حقيقت آهي ۽ ان حقيقت جا صرف اهڃاڻ ئي ملن ٿا ته ڳولا جي عظيم ۽ اجهاڳ پنڌ ۾ ڪيترائي ماڻهو ماريا ويا آهن. ٿيلس چيو هو ڪائنات پاڻي مان پيدا ٿي آهي. ڇاڪاڻ ته سڪل ٻجن کي به جيسيتائين پاڻي نٿو ملي اهي نٿا ڦٽن. ٿيلس اهو پڻ چيو هو ته سڀني شين ۾ تخليقيت جي سگهه موجود آهي. ٿيليس جي پنهنجي ئي شاگرد انيگزيمينڊر610 - 546 BC) ) Anaximander سندس نظريي کي ڪُلي طور تي ته رد نه ڪيو پر ان ايترو ضرور چيو ته سڀ شيون برابر سمنڊ مان پيدا ٿيون آهن. پر انهن شين جي تخليق صرف ان وقت ممڪن آهي جڏهن سمنڊ ۾ خشڪي نمودار ٿئي ٿي. يعني پاڻي جي عمل دخل کانپوءِ شيون مٽي مان پيدا ٿين ٿيون. انيگزيمينڊر پهريون فيلسوف هو جنهن موسميات، سيارن جي علم ۽ جاگرافي تي ڪم ڪيو.

Monday, 1 June 2015

شاهه جو رسالو ۽ ڊاڪٽر بلوچ ــ اياز عالم ابڙو (Ayaz Alam Abro)

اياز عالم ابڙو

شاهه جو رسالو ۽ ڊاڪٽر بلوچ

شاهه جي رسالي تي ٿيندڙ سوڌ سهيڙ جي سلسلي ۾ هڪ پرڏيهي عالم ارنيسٽ ٽرمپ رسالي جا قلمي نسخا هٿ ڪري 1866ع ۾ جرمني مان شايع ڪرائي، شاهه جي رسالي جو پهريون نسخو ڇاپي سنڌ ۾ آڻي پڌرو ڪيو. جيڪو سرن جي سٽاءُ مطابق اڻپورو (26 سُر) هو. ڊاڪٽر گربخشاڻي جا سهيڙيل ٽي جلد (مرحليوار 5، 6 ۽ 7) ڪل 18 سر 1923ع، 1924ع ۽ 1931ع ۾ شايع ٿيا. ان غير مڪمل ڪم جي سوڌ سهيڙ جي سلسلي ۾ 1951ع ۾ ڊاڪٽر دائود پوٽي (مرحوم) اڳڀرائي ڪندي ڀٽ شاهه آيو ۽ تمر فقير جي اوطاق تي ويهي گنج شريف جو مطالعو ڪيو ۽ هڪ مستند رسالي جي پڌرائي جي سلسلي ۾ 8 سال ووڙ ولوڙ دوران 22 نومبر 1958ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. ان حوالي سان ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو (مرحوم) پنهنجي هڪ مقالي ”شاهه جي رسالي جي باري ۾ تحقيق جو مختصر جائزو“ (شايع ٿيل: بين الاقوامي سنڌي ادبي ڪانفرنس/فيبروري 1988ع) ۾ ڄاڻايو ته: ”ڊاڪٽر دائود پوٽي جي نياڻي سانئڻ خديجه خانم دائود پوٽو جي گهر (سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري واري بنگلي ۾) ڊاڪٽر دائود پوٽو جو شاهه جي رسالي بابت ڪيل ڪم هڪ بئگ ۾ ڇڙ وڇڙ حالت ۾ مليو...“

شاهه لطيف جي بيتن جو وزن ۽ سنڌي اچار جا مسئلا ـــ ڊاڪٽر الياس عشقي



ڊاڪٽر الياس عشقي

شاهه لطيف جي بيتن جو وزن ۽ سنڌي اچار جا مسئلا


     
سن 1991ع جي آخر ڌاري  پنجابي زبان جي برک ليکڪ، ناقد ۽ محقق محترمه دوست محمد آصف خان، ايڊيٽر ٽماهي پنجابي ادب لاهور مون کي هڪ خط ۾ لکيو  ته ”اوهان جي مضمونن مان مون کي معلوم ٿيو آهي ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي بيتن جو وزن دوهي تي ٻڌل آهي ۽ انهن جي جوڙ جڪ دوهي ۽ سورٺي جي ميلاپ سان ٺهي آهي، پر مون کي بيتن جي  مصراعن ۾ وزن گهٽ وڌ نظر آيو آهي، تنهن ڪري مون ڪن سنڌي شاعرن ۽  اديب دوستن کان ان باري  پڇا ڪئي هئي پر ڪنهن  به مون کي خاطري جوڳو جواب نه ڏنو، هاڻي مهرباني ڪري اوهين ٻڌايو ته شاهه جي مصراعن جي وزن ۾ اها گهٽ وڌ ڇو آهي، جيڪڏهن اوهين  مثال  ڏئي ۽ تقطيع ڪري ان فرق کي واضح ڪندا ته شڪر گذار رهندس رهندس، اهو مسئلو مون کي پريشان ڪري رهيو آهي “ان زماني ۾  مون شاهه لطيف جي شاعريءَ جي فن تي هڪ مضمون پئي لکيو، جنهن ۾ شاهه جي بيتن جو وزن به ويچار هيٺ هو، تنهن ڪري ان موقعي  مان فائدو وٺندي شاهه لطيف جي ڪن بيتن جي تقطيع ڪري پنهنجي دوست کي سندس سوال جو جواب لکي موڪليو، منهنجو جواب پوءِ هڪ  مضمون جي صورت ۾ ”شاهه جي شاعري ۾ فن جي اُپٽار “ جي سري هيٺ ٽماهي مهراڻ جنوري جون 1992ع ۾ ڇپيو، بعد ۾ مهراڻ جولاءِ-سيپٽمبر 1992ع ۾ برادر محترم ڊاڪٽر تنوير عباسي جو هڪ مختصر خط شايع ٿيو، جنهن ۾ موصوف لکيو ته ”عشقيءَ جو  مضمون پڙهيم “ ان ۾ شاهه لطيف جي شاعريءَ جو ڇيد (تقطبع ) غلط ڪيو اٿائين، ان ڪري بيت جي سٽن ۾ ڇهن ماترائن جو فرق آهي، ان باري ۾ مضمون لکان پيو جلد موڪليندس “. مون کي ان مضمون جو انتظار رهيو، جيڪو پوءِ ٽماهي مهراڻ آڪٽوبر –ڊسمبر 1992ع ۾ شايع ٿيو.

Monday, 2 February 2015

ڀٽائيءَ جو مشاهدو ۽ ”پرين پسڻ“ وارو فهم ـــ الطاف اثيم (Altaf Aseem)

الطاف اثيم

ڀٽائيءَ جو مشاهدو ۽ ”پرين پسڻ“ وارو فهم

 سنڌ جي عظيم سدا حيات صوفي شاعر ۽ دانشور شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ چيو هو ته، ”پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي، ڪيا آگم اکڙين“. سيني ۾ سڄڻن لاءِ سِڪ سوائي ٿي ويس ته سندس نماڻا نيڻ ڀرجي آيا پر وصل سندس وس ۾ نه هو، تنهنڪري پاڻ کي سمجهائيندي چيو هئاسين ته، ”اهو ڪو ٻيو فهم، جنهن سان پسجي پرينءَ کي“. سو جانب جو جمال پسڻ خاطر پنهنجي شعور جو شهباز لامڪاني اڏائيندو رهيو. هڪ ڏينهن کيس اندر مان آواز آيو ته، ”پهرئين وڃائڻ پاڻ، پسڻ پوءِ پرينءَ جو.“ نفيس جذبن ۽ ڪومل دل جي مالڪ مها ڪوي پنهنجي حياتيءَ جا سڄا سارا ۶۳ سال انهيءَ ڳُجهه جي ڳولا ۾ ٿر، بر، بحر، واهڻ وستيون، جهنگ ۽ جبل جهاڳيندو، قدرت جي ڪارسازيءَ کي باريڪ نگاهن سان نهاريندو ۽ مشاهدو ماڻيندو رهيو ۽ ان نتيجي تي رسيو ته:
آگم اِيءُ نه انگ، جهڙو پسڻ پرينءَ جو،
سيڻن رَيءَ سيد چئي، روح نه رچن رنگ.

شاهه جي سُر پورب ۾ اُڪير جي ڪيفيت ــ نظير حيات سيوهاڻي

نظير حيات سيوهاڻي

شاهه جي سُر پورب ۾ اُڪير جي ڪيفيت


سنڌ جي عظيم شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام ۽ شخصيت تي هن وقت تائين ڪافي لکيو ويو آهي. لکڻ واري ۽ ٻڌائڻ واري هر نقاد پنهنجي پنهنجي سمجهه ۽ اندر جي آئيني ۾ شاهه کي پسڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. شاهه کي ڪنهن تاريخدان ته ڪنهن سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن جو آئينو لکيو، ڪنهن هڪ آدرشي الله لوڪ انسان ڪنهن صوفي ۽ سنت سڏيو، ڪنهن شاعرن جو سرتاج ته ڪنهن وري کيس هڪ وڏو روحاني رهبر مڃيو آهي، ڪنهن سيلاني ته ڪنهن موسيقيءَ جو ماهر تسليم ڪيو. مٿان سڀ خيال هر نقاد سندس ڪلام جي روشنيءَ مان حاصل ڪيا. سندس ڪلام کي ”شاهه جو رسالو“ سڏيو وڃي ٿو جنهن کي ڪيترن ئي سرن ۾ ورهايو ويو آهي. انهن سُرن مان سرُ پورب ۾ شاهه سائين اڪير جي ڪيفيت کي تمام گهرائي واري انداز سان بيان ڪيو آهي.

شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ زمان ۽ مڪان جو فلسفو ــ ڊاڪٽر غفور ميمڻ (Dr. Ghafoor Memon)

ڊاڪٽر غفور ميمڻ

شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ زمان ۽ مڪان جو فلسفو

والعصر. ان الانسان لفي خسر. الا الذين آمنوا وعملوا الصٰلِحٰت وتواصوا بالحق وتواصوا بالصبر.
ترجمو: “وقت جو قسم، بيشڪ انسان خساري ۾ آهي سواءِ انهن ماڻهن جي جن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا ۽ پاڻ ۾ حق جي وصيت ڪئي ۽ هڪ ٻئي کي صبر جي نصيحت ڪئي”. (1) توهان ڪڏهن سوچيو آهي ته خدا وقت جو قسم ڇو کنيو آهي؟ قسم هميشه انهيءَ شيءِ جو قسم کڻبو آهي جيڪا قيمتي، پياري، اهم ۽ افضل هوندي آهي. اسان الله جو قسم کڻندا آهيون پر الله وقت جو قسم کنيو آهي. انهي جو جواب مٿئين سوره ۾ ئي موجود آهي. پهرين ڳالهه ته انسان خساري ۾ آهي، وقت سان گڏ انسان فنا ٿيندو وڃي پر جيڪڏهن خساري کان زندگي جو تصور آهي ۽ اهي ماڻهو جن وقت جي اهميت جو احساس ڪيو ۽ وقت مان صحيح فائدو ورتو، يعني ايمان آندائون. نيڪ عمل، حق جي وصيت ۽ صبر جي تلقين ڪئي، اهي سجايا ٿي ويا. وقت جي وٿي ۾ امر ٿي ويا. جن وقت جو قدر نه ڪيو اهي نقصان ۾ رهيا. ننڍي هوندي درسي ڪتاب ۾ پڙهندا هئاسين. “وقت چئي آئون بادشاهه” اها ڳالهه هاڻي سمجهه ۾ اچي ٿي ته هن مادي دنيا تي حڪمراني وقت جي آهي ۽ اسان وقت جي وسعت ۾ هڪ رخ ۾ سفر ڪري رهيا آهيون. اسان وقت ۾ ڦاٿل آهيون، اسان وقت کان ٻاهر نٿا نڪري سگهون.وقت ڇا آهي؟ ڇا وقت قطعي (absolute) آهي. وقت خيالي آهي؟ ڪجهه سائنسدانن جو خيال آهي ته وقت ٻن واقعن جي وچ واري عرصي جو نالو آهي ۽ سڀک کان پهريون واقعو بگ بئنگ (Big Bang) وارو آهي. وقت اتان شروع ٿيو آهي. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته “بگ بئنگ” کان اڳ ڇا هو؟ ڇا وقت جو ڪو به تصور نه هو؟ ڇا ڪا ڪائنات هئي.

Thursday, 22 January 2015

صنفي حساسيت ۽ لاکيڻو لطيف ــ پروفيسر امير گل ڪوٽهار (Prof. Ameer Gul Katohar)



پروفيسر امير گل ڪٽوهر
صنفي حساسيت ۽ لاکيڻو لطيف
Gender Sensitization & Latif

جنس مردن ۽ عورتن ۾ بائلاجيڪل فرقن کي ظاهر ڪندو آهي جڏهن ته صنف سماج ۾ جنس جي بنياد تي مردن ۽ عورتن جي ڪردار ۽ ڪم ڪار کي ظاهر ڪندو آهي. جنس قدرت طرفان مليل وصف آهي جنهن کي مٽائي ڪونه ٿو سگھجي جڏهن ته سماج اندر ڪردار جي حوالي سان جوڙيل قانون اسان انسانن جا آهن. ان ڪري انهن ۾ وقت ۽ حالتن جي مدنظر ڦير گھير ٿيندي رهندي آهي. هڪ وقت هيو جڏهن پوري دنيا تي عورتن جو راڄ هوندو هيو جنهن کي مدري دؤر جي نالي سان ياد ڪيو ويندو آهي. اهو دؤر صدين تائين هلندو رهيو ۽ ان کان پوءِ پدري دؤر آيو جنهن ۾ مردن جي بالادستي قائم ٿي. اهو دؤر اڄ به هلندڙ آهي. مردن ۽ عورتن جي ۾ جيڪڏهن ڪو وڏو فرق آهي ته اها سندن جسماني بناوٽ ئي آهي. پر اسان وٽ ڪيئي ڳالهيون ڀٿر تي ليڪ ڪري سمجھيون وينديون آهن. خاص طور تي مذهبي بنياد پرست عورتن جي حقن جا سخت مخالف آهن. ”ڊيموڪريٽڪ ڪميشن فار هيومين ڊويلپمنٽ“ پاران ڇپرايل ڪتاب “رواداري” ۾ وجاهت مسعود پنهنجي مضمونبنياد پرستي ڇا آهي؟” ۾ صنفي متڀيد متعلق مذهبي بنياد پرستي جي حوالي سان لکي ٿو ته “مختلف مذهبي روايتن سان واسطو رکندڙ بنياد پرست صنفي برابري جي اصولن جي هڪجهڙائي شد و مد سان مخا لفت ڪندا آهن. صنفي ۽ توليدي حقن جي باري ۾ هڪجهڙائي رجحان رکندا آهن ۽ پاڻ ۾ گوناگون اختلافن جي باجود سڀئي بنياد پرست گروهه عورتن کي مردن کان ڪمتر سمجھندا آهن.

لاثاني/لافاني ۽ پراسرار ڪلام​ ــ ج.ع.منگهاڻي



ج.ع.منگهاڻي

لاثاني/لافاني ۽ پراسرار ڪلام

سنڌ ۾ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي ڏات ۽ ڏانءَ تي جيترو لکيو ويو آهي شايد ئي ٻيو ڪنهن تي لکيو ويو هجي.
ان جي باوجود، ‘شاهه جو رسالو’ اڄ به ساڳي ئي شروعاتي دؤر ۾ جيئن جو تيئن ‘مٽ’ ۾ پيو آهي. ‘گنج، سميت ڪيترائي قلمي، دستخطي ۽ ڇاپي نسخا ميدان ۾ نروار ٿيا. بيتن ۽ واين جو تعداد گهٽ وڌ ٿيندي رهيو. زيرون، زبرون ۽ پيش بدلجندا، هيٺ مٿي ٿيندا رهيا. پر پراسرار لطيف جو پُراسرار ڪلام پراسرار ئي رهيو.
ايئن چوندي/لکندي ڪنهن به ٻني بشـر جي نيتن تي شڪو شڪ اٿم نه ئي انهن جي محنتن ۽ محبتن کان انڪاري آهيان. ڳالهه آهي لطيف پاڪ جي ڪلام جي واضح ۽ درست صورت اڳيان اچڻ جي، جيڪا اڃا تائين واضح ۽ درست اڳيان اچي نه سگهي آهي.
محنتون ۽ محبتون پنهنجي جاءِ تي، انهن جو قدر ڪرڻ به ضروري آهي/ڪرڻ گهرجي. ڊاڪٽر گربخشاڻي صاحب پڻ محنت ۽ محبت ڪا گهٽ نه ڪئي هئي. پر سندس انهن محنتن ۽ محبتن جي باوجود تڏهن کان ئي سندس ئي دؤر ۾، سندس ئي همعصر لطيف جي هڪ عاشق محترم ڀيرومل مهرچند آڏواڻي صاحب نه رڳو سندس محنتن ۽ محبتن تي تلخيءَ سان منڌيئڙو ڦيرايو هو پر هُن مٿس ڪئين شڪ به ڪيا هئا

Wednesday, 21 January 2015

شاهه ۽ جماليات ــ ڊاڪٽر شير مهراڻي Dr. Sher Mehrani



ڊاڪٽر شير مهراڻي
شاهه ۽ جماليات


ڪنهن به شيءِ جي خوبصورت هجڻ يا خوبصورت لڳڻ کي ان شيءَ جي سونهن يعني  Beauty ڪوٺجي ٿو. لفظ “بيوٽي”  اينگلو لفظ “بيوٽ” مان نڪتل آهي، جيڪو پراڻي فرانسيسي لفظ “بيلٽ” يا “ بيلٽٽ” مان ورتل آهي يا ڪجهه ڏاهن موجب لفظ ‘بيوٽي’ لاطيني لفظ “بيليٽاس” مان ورتل آهي؛ جنهن مان “حسين حالت” جي معنيٰ ورتي ويندي هئي. يا وري لاطيني لفظ  “بيلس” بيوٽي جو اصل اوريجن سمجهيو وڃي ٿو، جنهن جي معنيٰ آهي خوبصورت يا وڻندڙ. اهو لفظ ڪلاسيڪي لاطيني ٻولي ۾ ٻارڙن ۽ عورتن جي سونهن لاءِ ڪتب آندو ويندو هو. بيوٽيشن جو اصطلاح پهريون ڀيرو 1924ع ۾ عورتن کي وڌيڪ خوبصورت بڻائيندڙن لاءِ استعمال ڪيو ويو.
“... This term (beautiful) was used in classical Latin especially for women and children…The term “beautician” were first recorded in 1924.” [1]