ڊاڪٽر بشير احمد شاد
شاهه
لطيف جي سر آسا جو مطالعو
شاھ لطيف جي رسالي جا سمورا سُر علم ۽ حڪمت ، شعور ۽
آگهي توڙي فن ۽ فڪر سان ٽمٽار آهن جن مان ڪي سُر هندستاني راڳڻين تي ٻڌل آهن جن ۾
ڪلياڻ، يمن ڪلياڻ، کنڀات، ڪاموڏ، سورٺ، ڪيڏارو، سارنگ، بروو، پرڀاتي ۽ آسا اچي وڃن
ٿا.
رسالي جي ٻين سرن جيان ”سُر آسا“ پڻ روحاني رمزن ۽ الستي
رازن جو ڀنڊار آهي . جنهن ۾ الله پاڪ جي وحدانيت جي واکاڻ ڪيل آهي. مشرڪن کي سنئين
راھ سونهائڻ جو سبق سمايل آهي. خالص خدا ڪارڻ عبادت جا اصول ڏسيل آهن. حلم ۽
هيٺاهينءَ سان هلڻ جي تلقين ٿيل آهي. نفس کي نابود ڪرڻ جا گُر ٻڌايل آهن. انسان کي
پاڻ سڃاڻڻ جو ڏس ڏنل آهي. اکين ۾ عجيبن جي ناتي ۽ نينهن جو ذڪر به ٿيل آهي ته اکين
جون عجب جهڙيون عادتون به ٻڌايل آهن. وحدت الوجود جي نظريي جي پرچار به ڪيل آهي.
ڀٽ جي گھوٽ ٻڌايو آهي ته دنيا حق جو پاڇو آهي ۽ ڪائنات ۾ جيڪي ڪجھ آهي سو سڀ خدا
جي نور جو مظهر آهي.
متيون سڀ منجھاءِ ، پاڻُ ڇڏي اُو ڄاڻ تون
پهرين پاڻ پٿون ڪري ، پرين پوءِ پچاءِ
وحدت ساڻ وڃاءِ ، ڪثافت ڪثرت جي