سڪندر ساگر پنهيار
شاهه جي رسالي ۾ موجود
![]() |
آڳاٽي دور ۾ جڏهن هن ديس مان
گنگا،يمونا(جمنا)،سرسوتي،ستادو(ستلج)،پروشني(راوي)،اسڪني(چناب)،وتستا(جهلم)،اوارگيگا(بياس)،سوشاما(سنڌو)ناليست درياهه وهندا هئا ته هن ديس کي ”سپت سنڌو“ يعني ستن دريائن وارو ملڪ ڪري سڏيندا هئا.هي سنڌ ديس جو اهو دور هو جڏهن ڌرتيءَ جي گولي تي”هند“ نالي ملڪ جوڪو وجود ئي نه هو.ان وقت سنڌ جا ايران سان واپاري،سياسي،۽سماجي لاڳاپا گھرا هئا،۽ آڳاٽي ايرانين پنهنجي لهجي ۾ سنڌ کي هند ڪري سڏيو،جو سندن ٻوليءَ ۾ “ س ”جي اُچار کي ڦيرائي “هه ” ڪري اُچاريو ويندو هو “ انهيءَ ريت هندو لفظ جي معنيٰ ٿي سنڌو جي ڪناري تي وسندڙ” قوم(1)نتيجي طور اهو چئي سگھجي ٿو ته هند (هندستان) نالي ملڪ سنڌ جي ڪک مان جنم ورتو آهي.
سنڌ جو تمدن ست هزار ق_م جھونو آهي،۽ تهذيب جي لحاظ کان ايران،عراق،مصرجو همعصر رهيو آهي،جنهن مان مغربي ايشياءَ روشني ورتي.ان وقت سنڌ ديس جا ماڻهو علم ۽ فن ۾ سگھارا هئا.اڄ به دنيا جون قديم تاريخون سنڌين جي ڏات ۽ ڏانوءَ جي ساک ڀرن ٿيون.ان ترقي ۽ اوج جو بنيادي ڪارج سنڌو درياء هو،جنهن جي پاڻي جي پالوٽ سان زمين زرخيز ٿي۽ سنڌين سنڌو جي پاڻي سان سونا سنگ اُپايا.ملڪ معاشي طور مضبوط ٿيو۽هميشه خوشحالي رهي”ان خوشي ۽ خوشحالي سببان ماڻهن جا ذهن کليا۽ هنن هر هنر ۽ فن ۾ ترقي ڪئي(2)
جڏهن موئن جي دڙي جي کوٽائي ڪئي وئي ته دڙي مان اهڙي ڪابه شيءَ هٿ ڪانه آئي،جنهن مان معلوم ٿئي ته ملڪ ۾ جنگ به لڳندي هئي،البته کوٽائي مان جيڪي آثار ۽ اهڃاڻ مليا آهن،تن مان هن ديس جي آڳاٽي ثقافت ۽ شهري زندگي جو شاندار عڪس نظر آيو آهي،جنهن بابت ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو رايو آهي ته ” آثار قديم جي ماهرن جڏهن هن بستي کي کوٽڻ شروع ڪيو ته کين اهڙا انساني مجسما مليا جيڪي ان دور جي ماهر ڳائڻن ۽ رقاصن جا آهن،اهي آثار ثابت ڪن ٿا ته سنڌ ۾ جيئن هنر ۽ فن جي ٻين شعبن ترقي ڪئي،تيئن راڳ ۽ رقص جو فن پڻ اوج تي پهتو،ان وقت جي باشندن کي هن فن جو ايترو ته شوق هو جو راڳ ۽ رقص ڪندڙ ماهرن جا مجسما ٺاهيائون.هڪ مجسمي جي خاص طرح ان جي قدمن جي بيهڪ،هٿ جي کڻڻي ۽ منهن جو رُخ،راڳ ۽ ناچ جي فني ناز ۽ انداز کي ظاهر ڪري ٿو(3)ان آڳاٽي آثارن ۽ اهڃاڻن جي بنياد تي اهو نتيجو اخذ ڪجي ٿو ته، ننڍي کنڊ ۾ موسيقي جا موجد آڳاٽا سنڌي هئا،نه ڪي آريا ڇو ته سنڌين جي ڀيٽ ۾ آريا اڻ سُڌريل،جھنگلي،لاڏائو،۽وحشي هئا.جيڪي پنهنجي چوپائي مال جي ڌڻن سان چراگاهن جي تلاش ۾ گشت ڪندا هئا،۽ جتي مناسب گذران ڏسندا هئا،اتي آکيرا اڏي ويهندا هئا،جو سندن پيرن هيٺان ڪا پنهنجي مستقل زمين ڪانه هئن.جنهن بنياد تي پنهنجي قومي سڃاڻپ ڪرائي سگھن.ان ڪري پنهنجي جياپي لاءِ ڀٽڪندا ڦرندا هئا”جتي به چراگاهن جو ٻڌندا هئا،ته پنهنجو مال ڪاهي تهذيبن کي لتاڙي اتي پڄي ويندا هئا.“(4)















