ڊاڪٽر تنوير عباسي
شاهه لطيف جي عوامي شاعري
انساني تهذيب جي پرهه ڦٽڻ وقت انسان جو سمورو سرمايو سڀني لاءِ هڪجيترو موجود هو، پوءِ اُهو جسماني محنت جو نتيجو هجي يا ذهني پورهئي جو ڦل. ان تي ڪنهن به هڪ شخص يا ٽولي جو قبضو نه هو، نه ذهني پورهئي جي پرماريت هئي، نه جسماني، محنت جو استحصال ان دور ۾ کاڌو خوراڪ، زمين جي پيداوار توڙي هر قسم جو شڪار سڄي سماج لاءِ هوندا هئا. ان سان گڏ گيت ۽ ناچ پڻ اجتماعي هئا.
اهو دور لوڪ ادب جو دور هو، جڏهن هڪ شخص جا چيل ٻول هر ماڻهوءَ جي زبان تي هوندا هئا، ڇو ته انهن ۾ هر ماڻهوءَ جي دل ڌڙڪندي هئي. اُنهن ٻولن تي ڪنهن هڪ شاعر جو نانءُ نه هو، ڇو ته ٻولن سان ٻول ڳنڍيا ويا. هڪ ٻول هڪ ماڻهوءَ جو ته ٻيو ٻول ٻئي جو، ائين انهن گيتن جي پيڙهين تائين ترتيب هلندي پئي رهي. انهن جي تڪميل ۾ ڪيئي ماڻهو حصو وٺندا رهيا ۽ ڪيئي پيڙهيون انهن کي ڳائينديون رهنديون هيون.
اُهي گيت هر ماڻهوءَ جي چپن تي هوندا هئا، ڇو ته اهي سندس ئي ساديءَ، سٻاجهيءَ ۽ نماڻيءَ ٻوليءَ ۾ چيل هوندا هئا. اُنهن جي لفظن ۾ ڪا ٺاهه ٺوهه نه هئي. انهن جو موضوع هر ماڻهوءَ جو ڏٺل وائٺل ۽ محسوس ڪيل هو. ان ۾ بيان ڪيل جذبا به سندس دل وٽان هوندا هئا، ان ڪري اهي گيت عوام ۾ مقبول هئا. ان دور جي اها شاعري ”عوامي شاعري“ هئي.
وقت جو ڦيٿو ڦرندو رهيو، تاريخ جي گاڏي اڳتي وڌندي رهي. جسماني محنت جي پرماريت شروع ٿي ويئي. ناڻو وجود ۾ آيو، موڙيءَ منهن ڪڍيو، ان کان پوءِ قبائلي ۽ جاگيرداري نظام آيا. سڀني تبديلين نه رڳو اقتصادي ۽ سماجي نظام تي اثر ڪيو، پر ذهني دنيا تي پڻ ان جا پاڇولا پيا. ادب، فن ۽ شاعري سڀ ان کان متاثر ٿيا. لوڪ ادب جي اهميت گهٽجي ويئي. جسماني محنت جي پرماريت سان گڏوگڏ ذهني پورهئي جي پرماريت پڻ شروع ٿي ويئي. ادب، فن۽ شاعري عام ماڻهوءَ لاءِ نه پر هڪ خاص ٽولي لاءِ وڃي رهيا. عوامي ٻوليءَ کان هٽي مٿاهين طبقي ٺاهه ٺوهه ۽ فئشن واري ٻولي ڪتب آڻڻ شروع ڪئي، ۽ جي پرماريت ڪندڙ ٽولا ڌاريءَ قوم جا هئا ته انهن عام ماڻهوءَ ۽ ان جي مقامي ٻوليءَ ۽ شاعريءَ کان هٽي، ان سان سڀ ناتا ٽوڙي، پنهنجي ڌاريءَ ٻوليءَ کي مٿڀرو ڪرڻ شروع ڪيو.
اها پرماريت ڪندڙ ٽولي جي مٿڀري مقامي ٻولي به عام ماڻهن جي سمجهه کان مٿي هئي، ڇو ته ان ۾ هڪ خاص طبقي جا محاورا، اصطلاح، ماحول، جذبا، احساس ۽ امنگ هئا. شاعريءَ جو ماحول هن وسيع دنيا کي پاڻ ۾ سمائڻ بدران ويڙهجي سيڙهجي درٻارن ۾ وڪامڻ لڳو. قاتلن ۽ خونين کي فاتح ۽ سورمو سڏيو ويو، سندن شان ۾ قصيدا لکيا ويا. عوام جا شاعر ڀٽ ۽ ڀان وڃي رهيا، جن کي گهٽ نظر سان ڏٺو ويو. ان جي برعڪس خوشامدڙين ۽ چاپلوسن کي لقب ۽ خلعتون عطا ڪيون ويون.














